پاٽ شريف سنڌ جو تاريخي شهر نذير احمد چنا

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ Asif Ali Jhatial طرفان آندل موضوعَ ‏8 جون 2014۔

  1. Asif Ali Jhatial

    Asif Ali Jhatial
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2010
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    109
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    جونيئر ايگزيٽو_نادرا
    ماڳ:
    گلشن حديد ڪراچي
    پاٽ شريف سنڌ جو تاريخي شهر نذير احمد چنا

    پاٽ شريف تعلقي دادو جو هڪ تاريخي شهر آهي جتي جون علمي،ادبي سرگرميوننڍي کنڊ ۾ کيس ممتاز ڪن ٿيون –مخدوم احسن الله پاٽائي،مخدوم سرور نوح ۽ اهڙا ٻيا گھڻا ئي عالم فاضل هتي مشهور ٿيا-شروعات ۾ هتان قاضي احمدي،خان بهادرغلام نبي قاضي (اڳوڻو ڊاريڪٽر تعليم کاتو سنڌ )، علي بخش چنو (اڳوڻو ڪليڪٽر سکر)، عبدالله چنو (اڳوڻو ڪمشنر) جنهن رڻ ڪڇ ڪيس ۾ جنيوا ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪئي ۽ 09 مهينا اتي رهي ثابت ڪيائين ته رڻ ڪڇ اڌو اڌ سنڌ جو حصو آهي-

    آفتاب قاضي،عبدالرسول قاضي،جسٽس امام علي قاضي،جسٽس زيڊ اي چنا، پروفيسر ڪريم بخش چنا(منهنجو چاچو)،عبدالقيوم چنا (منهنجو والد)، بشارت انصاري،غلام مصطفيٰ قاضي،اختر قاضي (اڳوڻو وزير اعليٰ سنڌ)،خان بهادر يار محمد جوڻيجو انهن سڀني سنڌ جي وڏي خدمت ڪئي-

    علامه آءِ آءِ قاضي جو والد صاحب امام علي قاضي (اوَل) جنهن جون پاٽ شريف جي پسگردائي ۾ ڪافي زمينون هيون جڏهن ته اهي (امام علي قاضي (اوَل)) اصل نوشهرو فيروز جا هُئا ۽ ان ڪري ڪيترن قاضي صاحبان پاٽ شريف ۾ وڏيون جايون ۽ حويليون جوڙايون –جڏهن ته پاٽ شريف ۾ اڳي ئي مخدوم(صديقي) ،چنا،ميمڻ،جوڻيجا به رهندا هئا-قاضي صاحب اصل ۾ نوشهروفيروز جي ميمڻ خاندان سان واسطو رکندڙ هئا-امام علي قاضي (اوَل)حيدرآباد ۾ رهندا هئا ۽ ٽالپرن طرفان پاٽ شريف ۽ ٻين علائقن جو ڪاردار (مُختيارڪار)هئا-انگريزن جي حڪومت ۾ به کين اها ذميواري ڏني وئي هُئي ۽ سندس لائق فرزند امداد علي (علامه آءِ آءِ قاضي) حيدرآباد ۾ ڄاوا ۽ ڪراچي ۾ تعليم حاصل ڪري هو لنڊن بيريسٽري ڪرڻ هليو ويو جتان موٽڻ کان پوءِ هو سوِلِ جج مقرر ٿيو-علامه آءِ آءِ قاضي ٽنڊي محمد خان ۾ ڪجھ وقت رهي کين خيرپور رياست ۾ سيشن جج مقرر ڪيو ويو-اهو عُهدو سنڌ ۾ جج جي عهدي برابر هو-اتي ڪجھ وقت رهي لنڊن هليا ويا ۽ اتي ادبي سرگرميون جاري رکيائون –کين فلسفي ۽ منطق سان واسطو هيو ۽ لنڊن ۾ هڪ جرمن خاتون ميڊم ايلسا سان عشق جون پيچ لڙائيندي شادي ڪيايون پوءِ ڪراچي آيا جتي هو بندر روڊ تي ٿياسافيڪل هال ۾ ليڪچر ڏيندا رهيا ۽ جناح ڪورٽس هاسٽل جي مسجد ۾ ڪڏهن ڪڏهن نماز به پڙهائيندا هئا ۽ مشهور عالمي فلاسافر برنارڊشا جي ڪتاب جي جواب ۾ هڪ انگريزي ڪتاب (براؤن گرل اِن سرچ آف ٽُرٿ ) لکيائون-پر اها ٻي ڳالھ آهي ته عظيم فلاسافر برنارڊشا کي ان ڪتاب جو پتو ئي نه پيو نه ته هو بقول علامه آءِ آءِ قاضي جي ته اسلام جي حقانيت کي سمجهي وڃي ها- پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي هڪ ايڪٽ ذريعي ڪراچي ۾ 1948ع ۾ قائم ڪئي وئي ۽ 1951ع تائين اُتي رهي-پروفيسر اي بي (الله بخش) حليم (اردو ڳالهائيندڙ) ان جو پهيون وائيس چانسلر ٿيو پوءِ يونيورسٽي 1952ع ۾ اولڊ ڪيمپس حيدرآباد ۾ شفٽ ڪئي وئي ۽ آءِ آءِ قاضي کي وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو ۽ پاڻ وڏي محنت سان يونيورسٽي کي هلائيندا رهيا –علامه آءِ آءِ قاضي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي دمشق مان هتي گھرايائين ۽ پروفيسر جميل واسطي ،پروفيسر افتخار حيدر ۽ ميڊم امينا خميساڻي کي انگريزي شعبو هلائين لاءِ ذميواري ڏنائون ۽ لائيبريري ۾ قاضي محمد علي کي رکيائون ۽ آغا تاج محمد ۽ محمد هُسين تُرڪ جهڙن اڪابرن کي رجسٽرار ۽ ڊپٽي رجسٽرار مقرر ڪيائون ۽ پاڻ سِوِل لائين حيدرآباد جي عاليشان بنگلي وائيٽ هائوس کي خريد ڪيائون ۽ يونيورسٽي وڪٽوريه ٽانگي تي ايندا هئا-

    ان زماني ۾ 1956ع ۾ ماهر تعليم ۽ اڳوڻا ڊپٽي ڊاريڪٽر تعيلم پروفيسر ڪريم بخش چنا پاٽ شريف ۾ اسلاميه هائي اسڪول ۽ هاسٽل قائم ڪئي جيڪي 1964ع تائين هليا جنهن ۾ محترم عبدالقادر چنا هيڊ ماستر رهيا ، سائين شفيع محمد چنا اسٽنٽ هيڊ ماستر رهيا ،سائين حبيب الله صديقي فرسٽ اسٽنٽ هئا -1963ع ۾ ڊپٽي ڪمشنر دادو احمد صادق پروفيسر ڪريم بخش چنا جي دعوت تي پاٽ شريف آيا ۽ هڪ وڏي فنڪشن م اهو اسڪول (اسلاميه هائي اسڪول) سرڪار حوالي ٿيو جنهن مون(نذير چنا) تقرير به ڪئي هئي-پوءِ اهو اسڪول(اسلاميه هائي اسڪول) ان نالي سان 1969ع تائين هليو پوءِ جڏهن پروفيسر ڪريم بخش چنا بيمار ٿيا ته انهي اسڪول جو بدقسمتي سان نالو آءِ آءِ قاضي رکيو ويو –جڏهن ته آءِ آءِ قاضي صاحب جي نالي سان اڳ ئي گھڻا اسڪول موجود هئا-اهو ٻڌندي صدمي ۾ پروفيسر ڪريم بخش چنا کي اڌ رنگ ٿي ويو ۽ زبان بند ٿي ويس ۽ سُتَت ئي لاڏاڻو ڪري ويا- پروفيسر ڪريم بخش چنا مون کي (نذير چنا) ٻڌايو هو ته هن علامه آءِ آءِ قاضي صاحب هن اسڪول جي ترقي لاءِ مهمان خصوصي جي دعوت ڏني هئي جنهن تي علامه آءِ آءِ قاضي صاحب کيس منع ڪئي ۽ چيائين ته سندس حيثيت پاٽ شريف کان وڏي آهي تنهن ڪري هن اچن کان معذوري ڏيکاري-
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو