اعتبار جو قتل!

'ڪهاڻيون' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏23 جون 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453

    اعتبار جو قتل
    [​IMG]
    عبدالستار جمالي

    رب پاڪ جي طرفان نياڻي رحمت ۽ نبي پاڪ صلعم طرفان ماءُ پيءُ لاٰءِ جنت جي بشارت ۽ سڀني گھر ڀاتين لاءِ احترام جي لائق آهي. جنهن جي پيدائش تي ڪي عقل جا انڌا ناراض ٿيندا آهن.بلڪي نياڻي اها هستي آهي جنهن جي اچڻ تي پاڻ سڳورا ا حترام ۾ اٿي بيهندا هئا. آخر نياڻي جي ايتري عزت جو سبب ڇا آهي. انهي جوسبب هي آهي ته نياڻي شرم, حيا ۽ لڄ, پردي جي زيور سان مالامال هوندي آهي، انهي ڪري ان کي احترام جي نظر سان ڏٺو ويندو آهي. اها ماءُ پيءُ بلڪي سڄي گھر جي عزت لاءِ پنهنجي جان گھورڻ واري هستي آهي، ايتري عزت ۽ وقار واري نياڻي آهي جو هندو مذهب وارا مختلف روپن ۾عورت کي پوڄيندا آهن. ماءُ جي صورت ۾ پيرن هيٺان جنت، زال جي حيثيت ۾شريڪ حيات، ڀيڻ جي حيثيت ۾ڀائرن جي لاءِ دعاڳو ۽ جان گھورڻ واري ۽ ڌيءَ جي حيثيت ۾ رحمت آهي. ايڏي وڏي مرتبي واري هستي کي هر قدم سوچي سمجهي کڻڻ کپي جنهن سان سندس عزت ۽ وقار تي حرف نه اچي پر ڪجهه ڪم عقل ڇوڪرين جي ڪري اهڙا واقعا به پيش اچي چڪا آهن جن جي ڪري ڪنڌ شرم کان جهڪي ٿو وڃي. جڏهن ماءِ پيءِ پنهنجي نياڻي تي اعتبار ڪري کيس گھر کان ٻاهرتعليم پرائڻ ۽ نوڪري ڪرڻ جي اجازت ڏين ٿا، تڏهن انهي آزادي واري سرحد کي ڪي ڇوڪريون غلط استمعال ڪري اهڙا قدم کڻن ٿيون جنهن جي ڪري پنهنجي عزت سان گڏ پوري خاندان جي عزت کي به مٽي ۾ملائي ڇڏين ٿيون، اهڙن چند ڇوڪرين جي غلط قدمن جي ڪري سلڇڻين نياڻين کي به معاشرو سٺي نگاهن سان نه ٿو ڏسي. هڪ ته هن معاشري ۾ اڳي عورت جي ٻاهر نڪرڻ کي سٺو نه ٿو سمجهيو وڃي، ويتر غلط حرڪتن جي ڪري اڌوري سڌوري به آزادي وڃائي ويهن ٿيون. ناسمجهه نياڻين جي غلط قدمن تي گھري نظر وجهبي ته انهن ۾ موبائل فون ۽ انڊين ڊرامن جو وڏو ڪردار نظر اچي ٿو، جڏهن هو روڪڻ ٽوڪڻ وارن کان پري رهن ٿيون تڏهن برائي جي ڄار ۾آساني سان ڦاسي وڃن ٿيون، انهن جي انتهائي قدم کڻڻ جو انجام ڪورٽ ميرج يا وري صرف حوس پرستي واري سرحد تائين محدود رهندو آهي. انهي ٻنهي صورتن ۾ انجام تباهي ۽ بربادي کان سواءِ ڪجهه به نه ٿو ٿئي. ڪي ته ڇوڪريون ڇوڪرن تي اعتبار ڪري رشتا جوڙين ٿيون پر موٽ ۾بيوفائي ۽ رسوائي ۽ ڪيترين ڇوڪرين کي شادي جي ڪوڙي دلاسي تي پنهنجي عزت سان گڏ ڪٿي ڪٿي پنهنجي حياتي به وڃائڻي پئي آهي. ڪن ويچارين سان اهڙا واقعا به ٿيا آهن جو سندن عشق جي ڪهاڻي جي وڊيو جي فلم ٺاهي انٽرنيٽ تي اپ لوڊ ڪري بدنامي جو داغ ڏنو ويو. ڪن ڇوڪرين اهڙي پنهنجي بدنامي ڏسي پاڻ کي موت جي حوالي ڪيو ۽ پوين لاءِ هميشه جي بدنامي جوداغ ڏئي ويون ۽ پاڻ وڃي قبر حوالي ٿيون. اهڙن واقعن تي جڏهن نظر پوندي آهي ته دل۽ دماغ تي سوالن جا ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويندا آهن ۽ بار بار اهو خيال ايندو آهي ته ڇا ڌيئرن کي انهن ڏينهن لاءِ ماءُ پيءُ ڄڻيو ۽ پاليو ته ڌيءُ پنهنجي خواهشن جي انڌي گھوڙي تي چڙهي پنهنجي عزت سان گڏ ماءُ پيءُ جي راتين ۽ ڏينهن جي اوجاڳي کي بغير سوچي سمجهي هڪ پل ۾لتاڙي مٽي ۾ ملائي ڇڏي، ڇا انهي ڌيءُ کي هڪ پل لاءِ اهو احساس نه آيو ته هوءَ پنهنجي پيءُ جي مٿي جي پڳ ۽ ماءُ جي مٿي جي عزت واري پوتي آهي، ڀاءُ جي لڄ واري مٿي جي ٽوپي آهي ۽ پوري خاندان جي عزت ۽ لڄ آهي. هوءَ عزت ۽ وقار واري اهڙي ڪڌي ڪم ڪرڻ بجاءِ عزت جي موت مري وڃي، اهو هن جي لاءِ بهتر آهي، بجاءِ پنهنجي عزت سان گڏ پوري خاندان جي عزت وڃائي.. اها سوچ هر نياڻي جي هجڻ لازم آهي، جنهن جي ڪري معاشري ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺي ويندي، جي نياڻين جي ويساهه گھاتين جو اهو سلسلو هلندو رهيو ته هن معاشري لاءِ اهو وڏو سوال هوندو. اهڙن ڏينهن جي اچڻ کان اڳ نياڻين کي گھرجي ته بدنامي ۽ بڇڙائيءَ ڏانهن ويندڙ هر رستي کان پاسو ڪن ۽ پنهنجي عزت ۽ وقار کي بلند رکن ته جئين ماءُ پيءُ مٿن اعتبار قائم ۽ دائم رهي.
    روزانه مهراڻ سومر 23 جون 2014ع
     
  2. مظفر

    مظفر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2014
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    113
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    بيلفيلڊ ، جرمنی
    ادا اسان کي صرف نياڻين کي ئي سڄو ڏوهه نه ڏيڻ کپي ته هر غلطي اهي ئي ڪن ٿيون. اهي ته سدائين نشاني تي آهن.اسان مردن جا معيار پنهنجي گهر جي عورتن لاء هڪڙا ته ٻين جي نياڻين لآء ٻيا هوندا آهن. ننڍي لاء کان ئي نياڻين جي ذهنن ۾ خوف وڌو ويندو آهي ته عورت ئي غلطين جو گهر آهي. پوء ڏوهه ڪنهن جو به هجي سڄو بار نياڻي جي مٿان. اسان کي معاشري جا اهي ٻٽا معيار ختم ڪرڻا پوندا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو