ڪانهي ڪا تاريخ ۾ ويرهه سواءِ ٻي واهه!

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏2 جولائي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڪانهي ڪا تاريخ ۾ ويرهه سواءِ ٻي واهه!
    [​IMG]
    لياقت عزيز
    سنڌ جي سون ورني ڌرتي انيڪ ۽ ڳنڀير مسئلن ۾ وڪوڙجندي پئي وڃي. هر نئون سج هڪ نئون مسئلو کڻي اُڀري ٿو. هن وقت هڪ اهم مسئلو سنڌين جي اڳيان ڪَر کڻي بيٺو آهي، اهو مسئلو ”ذوالفقار آباد“ جي رٿا آهي، جنهن لاءِ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري چيو آهي ته، ”ذوالفقار علي ڀٽو شهيد کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ نئون شهر اڏايو پيو وڃي.“ هن رٿا جي حمايت ۾ سرڪار آهي ته، مخالفت ۾ قوم پرست ۽ وطن دوست پارٽيون آهن. ڪنهن به مهذب ملڪ ۾ رٿائون ملڪ جي خلق خدا کي فائدي ڏيڻ لاءِ ٺهنديون آهن، ته جيئن ان رٿا مان عوام فائدو حاصل ڪري معاشي دم پٽي، پر هتي ابتو قصو آهي. ملڪ جي عوام جي ڀلائيءَ جي نالي ۾ عوام کي هاڃو رسائڻ جون رٿائون تيار ڪيون وينديون آهن. هي رٿا سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ جي ساڍن ٽن لکن ايڪڙن تي مشتمل آهي. ان ۾ هن وقت 480 ڳوٺ اچن ٿا ۽ انهن ڳوٺن ۾ ٻه لک پنجٽيهه هزار سنڌي رهائش پذير آهن. ان سموري ايراضيءَ جو اٽڪل اڌ حصو زرعي زمين آهي، جنهن ۾ پوک ڪئي وڃي ٿي ۽ باقي حصو غير آباد آهي. 23 نومبر 2010ع تي ان رٿا کي ايڪٽ طور سنڌ اسيمبليءَ مان قانوني شڪل ڏيئي پاس به ڪيو ويو آهي. شروعاتي طور تي رٿا جو مينيجنگ ڊائريڪٽر رٽائرڊ ڪامورو ايس بي شاهد کنيو ويو، جيڪو پنجاب صوبي ضلعي جي گجرانوالا شهر جو رهواسي هو ۽ اڳوڻي چيف سيڪريٽري سنڌ فضل الرحمان کي ان ئي گورننگ بورڊ جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو، جن کي لکين رپيا ماهوار پگهار ۽ ٻين سهولتن جي مد ۾ ڏنا ويا. اپريل 2011ع خيبر پختون خوا صوبي جي رٽائرڊ گورنر سيد افتخار حسين شاهه کي ايم ڊي مقرر ڪيو ويو. سندس ماهوار پگهار ڇهه لک رپيا ۽ ٻيا الائونس ۽ رعايتون پڻ ڏنيون ويون آهن. هن کي ٽن سالن جي مدي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. ان سان گڏ پنجاب جي فيصل آباد جي شوڪت علوي کي به ان رٿا لاءِ ماهوار ٽي لک رپيا پگهار ۽ وڏا الائونس ۽ ٻين فائدن تي مقرر ڪيو ويو. پر ڪورٽ سڳوري ۾ انصاف لاءِ درخواست داخل ٿي ته سنڌ حڪومت جي قاعدن موجب صوبائي حڪومت جي ڪنهن به عهدي تي صرف سنڌ صوبي جو ڊوميسائيل رکندڙ ماڻهو مقرر ٿي سگهي ٿو. شُوڪت علوي کان وڌيڪ تجربو رکندڙ عبدالشڪور پليجو طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو. ذوالفقارآباد رٿا جي ايم ڊي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته شوڪت علوي کي هٽايو وڃي، پر هوشياريءَ سان شوڪت علوي ڪراچي اوڀر جو ڪوڙو ڊوميسائيل وٺي، پنهنجي نوڪري پڪي ڪرائي ڇڏي. ذوالفقار آباد رٿا جي ايم ڊي ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سيد افتخار حسين تازو اها ڳالهه مڃي آهي ته شوڪت علوي کي ٻيهر ڊائريڪٽر آپريشن طور ڀرتي ڪيو ويو آهي. هن هڪ خط 3 نومبر 2011ع تي خط نمبر ZDA/DD/E and ARecruitment/13.05.2011 سنڌ جي وزير اعلى سيد قائم علي شاهه کي لکيو هو ته ان رٿا جي ڀرتي ڪيل شوڪت علوي ولد بشير علوي، سنڌ حڪومت جي ملازمن وارن APT Rules 1974 جي رول نمبر ”13“ موجب، صوبي ۾ ڀرتيءَ لاءِ لازمي قرار ڏنل ڊوميسائيل نٿو رکي، پر هن کي اهليت جي بنياد تي رکيو وڃي. ٻاهرين ماڻهن لاءِ ڀرتي ٿيڻ لاءِ قاعدا نرم ڪيا وڃن. سروسز ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن کان سمري تيار ڪرائي وڏي وزير خود ان جي منظوري ڏني. پ پ پ 2008ع کان وٺي 2013ع تائين سنڌ جي ماڻهن سان جيڪي ڪلور ڪيا، انهن ۾ هڪ اهو به شامل آهي ته جيڪڏهن پڪڙ پڇاڙ ڪبي ته سڀني کي ڪراچي جو ڊوميسائيل ملي ويندو. سنڌ روينيو بورڊ جو چيئرمين نجيب قريشي (لاهور) ۽ سنڌ بئنڪ جو سربراهه بلال فيض به پنجاب سان تعلق رکن ٿا.

    ذوالفقار آباد رٿا جي حمايت ۾ دليل ڏنا وڃن ٿا ته جديد طرز تي شهر اڏيو ويندو، ان کي هڪ هوائي اڏو، اَٺ بندرگاهه هوندا، جن تي پنجويهه هزار ٽن کان وڌيڪ مال بردار جهاز لنگر ڪندا، شهر ۾ نيون پليون ۽ اوور هيڊ پليون هونديون. آرائشي بنگلا، فليٽ ۽ سرڪاري آفيسون هونديون، تفريحي ماڳ جديد سهولتن سان سينگاريل هوندا. سمنڊ روزانه ارڙهن ايڪڙ زمين ڳڙڪائي وڃي ٿو. ڏهن- ٻارهن سالن اندر سڄي ضلعي ٺٽي جي زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويندو. ان جي بچاءُ لاءِ سڄي سمنڊ کي جديد طرز تي پڪي ڀت ڏياري ويندي، صنعتي زون قائم ٿيندو، ڪارخانه لڳندا، مقامي ماڻهو روزگار سان لڳندا ۽ ملڪ ۾ خوشحالي ايندي.

    رٿا جي مخالفت ۾ سياسي، سماجي پارٽين جو موقف آهي ته مذڪوره شهر جي شروعات سان ئي ٻاهريان ماڻهو ڀرتي ڪيا ويندا. سنڌين تي الزام تراشي ٿيندي ته سنڌي جاهل ۽ ڪاهل آهن. پنجاب ۽ عالمي سرمائيدار سيڙپ ڪري صنعتون لڳائي پنهنجين ”نين منڊين“ ۾ واڌارو آڻيندا. ڌارين جي آبادڪاري سبب سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا. مقامي سنڌي ڳوٺاڻا لڏائي اباڻن ڪکن کان ڪڍي کين پناهه گير ۽ نڌڻڪو ٿي ڪٿي ”ڪيمپن“ ۾ رهڻو پوندو. اڄ ان علائقي ۾ زمين جو سرڪاري اگهه چاليهه هزار روپيا في ايڪڙ آهي. پر ٻاهريان دلال ”سرمائيدارن جا گماشته“ اها زمين ڏهه لک روپيا في ايڪڙ خريد ڪري رهيا آهن. ”ڌارين صنعتڪارن“ ڪيٽي بندر ۾ ڏهه هزار ايڪڙ زمين خريد ڪئي آهي. اهڙي ريت ڌارين جون ڪالونيون ٺاهي، اصلوڪن ڌرتي ڌڻين کي تڙي ڪڍڻ لاءِ رٿابندي ڪئي پئي وڃي. سنڌ سان ماضيءَ ۾ ڊوهن ۽ ويساهه گهاتين جا چند مثال ڏيون ٿا. انگريز سرڪار سنڌ ۾ رهندڙ بهادر حرن خلاف سخت آپريشن ڪيو، جنهن ۾ مُکي ڍنڍ ۽ ٻيلي کي نابود ڪري هزارين ايڪڙ ڪارائتي زمين غير سنڌين حوالي ڪئي وئي. هندستان مان آيل سمورا ماڻهو سنڌين جي ڳاٽي ۾ وڌا ويا. سنڌين پنهنجي مهمانن جي آجيان ڪري کين جيءَ ۾ جايون ڏنيون، جن جي اڪثريت سنڌ جي ثقافت ۽ ٻوليءَ کي اڌ صدي گذرڻ کانپوءِ به پنهنجو نه ڪيو آهي. 1956ع ۾ ”غلام محمد بيراج“ ٺاهيو ويو ته سنڌ جي هيٺئين حصي واري زمين کي سيراب ڪري مقامي ماڻهن کي زمينون ڏيئي خوشحال بنايو ويندو، پر ان جي ابتڙ ان بئراج جون زمينون غير سنڌين کي ڏيئي آباد ڪيو ويو، جن ۾ اڪثريت رٽائرڊ سول توڙي فوجي ڪامورن جي هئي؟

    ون يونٽ جي قيدخاني ۾ سنڌ کي قيد ڪيو ويو. سنڌين کي هر طرح سان ڦريو ۽ لٽيو ويو. ايوب شاهيءَ جي دور ۾ ”بنيادي جمهوريت“ جو سرشتو آڻي، سنڌ ۾ اڃا وڌيڪ من ماني ڪرڻ جا موقعا هٿ ڪيا ويا. سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ جون سازشون ڪيون ويون ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ عملي قدم به کنيا ويا. مٿين صوبن جي زهريلي پاڻي جي نڪاسي لاءِ سنڌو درياهه جي ٻنهي ڪپن تي ”سم نالا“ ڪڍيا ويا، جن تازين برساتن سبب هتان جي ڌرتي ڌڻين سان ڪلور ڪيا، اهو اظهر من الشمس آهي. هاڻي سنڌ جي ڌرتي ڌڻين جي خوشحاليءَ لاءِ ذوالفقار آباد رٿا منظور ڪري ڪم جي شروعات ڪئي وئي آهي. سوال اهو اڀري ٿو ته سنڌين کي اقليت ۾ آڻڻ لاءِ سڀ جاڙون ڪيون پيون وڃن، انهيءَ جو اثر سنڌ جي 5 ڪروڙ عوام تي پوندو. ان ڪري سنڌين کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟

    سنڌي ماڻهن وٽ پنهنجي وجود جي بقا لاءِ سواءِ فيصلائتي ۽ ڀرپور جدوجهد جي ٻيو ڪوبه گس ڪونهي. اها جدوجهد صرف ۽ صرف ان ضرورت ۾ هلائي ڪاميابيءَ تائين پهچائي سگهجي ٿي، جڏهن سنڌ جون سموريون سياسي ڌريون متحد ٿين. ان لاءِ تيار ٿيڻ کانسواءِ ٻي ڪابه واهه نه آهي.

    ”ڪانهي ڪا تاريخ ۾، ويڙهه سواءِ ٻي واهه“

    روزاني ڪاوش، ڇنڇر 15 جون 2013ع
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو