بجلي پاڻ ٺاھيو

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ اسحاق لاڙي طرفان آندل موضوعَ ‏30 جولائي 2014۔

  1. اسحاق لاڙي

    اسحاق لاڙي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 جولائي 2014
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    283
    جئين ته اسان جا اڪثر پيارا سنڌي ماڻھو شعرو شاعري يا ڪرڪٽ جاگيت ڳائڻ ۾ تيز ھوندا آھن ڇو جو اسان وڏن کان يا ته شاعري ٻڌي آھي يا اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪرڪٽ ڪرڪٽ جو راڳ ٻڌون ٿا. جڏھن ته اسڪول ۽ ڪاليج نه فقط سائنسي سوچ ڏيڻ جو مرڪز ھجڻ کپن پر پريڪٽيڪل طور تي ننڍا ننڍا سائنسي تجربا ڪرائي اسان جي ايندڙ نسل ۾ سائينس جي اھميت جو حقيقي روح ڦوڪي سگھن ته جئين ھو نا پيد سرڪاري بجلي جي جنجھٽ مان جان ڇڏائي سگھن. اڄ جي ھن جديد زماني ۾ ڪمپيوٽرتان، ورٽيڪل ايڪسيس ونڊ ٽربائين جي باري ۾ معلومات حاصل ڪري ھوا مان مفت بجلي پيدا ڪري سگھون ٿا. جھڙو ڪر لاڙ جو پاسو يا ٺٺي وارو پاسو، جتي مفت بجلي ٺاھي سگھون ٿا.
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪاش ونڊ ۽ سولر تي بجلي تيار ڪرڻ بابت ڪا سولي ترڪيب هٿ اچي ۽ سڀني سان شيئر ڪجي. اهو ڪم سائنسدان ئي ڪري سگهن ٿا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    بالڪل سائين بجلي ٺاهڻ جي سوچ ته هر پاڪستاني رکي ٿو پر صحيح رهنمائي به ته ڏيڻ گهرجي . ٻي ڳالهه ته اسان جي بدنصيبي آهي جو مڪمل طور تي پنهنجي بجلي پاڻ ٺاهڻ به ته "قانون" جي خلاف آهي .
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    هن ملڪ ۾ قانون آهي ڪٿي؟
     
  5. اسحاق لاڙي

    اسحاق لاڙي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 جولائي 2014
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    283
    بجلي پاڻ ٺاهڻ به ته "قانون" جي خلاف آهي . ... نه ادا بشير احمد منھنجي خيال ۾ ائين بلڪل نه آھي جي ائين ھجي ھا ته اڄڪلھ ڳوٺن ۽ شھرن ۾ جنريٽرن جا رينگا نه ھجن ھا. جئين ته مان ھن فورم تي نئون آھيان اڃا انھي کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريان پيو. ٿورو اسان اھو سوچيون ته سج جا زمين تي ڪرندڙ ڪرڻا مفت ۾ ڀلي پيا ڪرن، پر جي سولر پينل لڳائي روشني کي بجلي ۾ تبديل ڪيو سون ته انھي ۾ قانو جي ڪٿي ٿي خلاف ورزي ٿئي. يا ھوا جيڪا گرمين ۾ ھرو ڀرو جو به پئي لڳندي آھي ، جي انھي طاقت کي بجلي ۾ بدليو ته ڇا جو ڏھ ڪيو سون.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. اسحاق لاڙي

    اسحاق لاڙي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 جولائي 2014
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    283
    ڪاش ونڊ ۽ سولر تي بجلي تيار ڪرڻ بابت ڪا سولي ترڪيب هٿ اچي .... جئين مون پاڻ جيڪر پھريون، آسان ، سستو ونڊ ٽربائين ٺاھيو ته انشاالله ھتي آئون دوستن سان ضرور ونڊيندس. پروجيڪٽ تمام سولو آھي، خاص طور تي جيڪي دوست ھوا مان بجلي ٺاھڻ چاھن ٿا. ھن قسم جي ونڊ ٽربائين کي ورٽيڪل اڪسيس ونڊ ٽربائين چئبو آھي. ھن ۾ اسان کي فقط ڪجھ بنيادي شيون گھرن، ھڪ وڏو پلاسٽڪ جو ڊرم يا بيرل چئون. ڪنھن گاڏي جو الٽونيٽر، انورٽر، ھڪ شافٽ ۽ سوزن ليزي بئرنگ گھرجن، منھنجي خيال ۾ جنھن جو خرچو وڌ مان وڌ 7 کان 10 ھزار جي اندر ٿيندو. جنھن سان توھان ٻه کان ٽي پکا ۽ ڪافي ايل اي ڊي بلب ٻاري سگھو ٿا.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. رياض ملڪاڻي

    رياض ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    152
    ورتل پسنديدگيون:
    415
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    ملڪاڻي بدين
    ادا لاڙي صاحب توهان جي پوسٽ جو انتظار رهندو جنهن ۾ اهو طريقو ٻڌائيندا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو