ڳالھ مان ڳالھ_ جيڪڏهن دعائن مان واندڪائي ملي ته.. وسعت الله خان

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏4 آگسٽ 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ٽي ڏينهن اڳ اسرائيل جي بقول سيڪنڊ ليفٽينٽ هادار گولڊن کي حماس جا هٿياربند 72 ڪلاڪن جي جنگبندي شروع ٿيڻ کان فوري پوءِ اغوا ڪري کڻي ويا، تنهنڪري اسرائيل کي جنگبنديءَ جي فقط چند ڪلاڪن کانپوءِ مجبوريءَ مان ٻيهر بمباري ڪرڻي پئي ۽ 100 جي لڳ ڀڳ فلسطيني بادل ماريا ويا. باقي دنيا حماس طرفان اغوا جي پر زور ترديد باوجود هادار گولڊن جي ڏينهن ڏٺي اغوا بابت اسرائيلي دعويٰ تي آمنا صدقنا چوندي چيو ته هيءَ واردات ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته حماس کي جنگبنديءَ سان ڪا دلچسپي ڪونهي.

    اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون، آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري ۽ صدر اوباما هادرا گولڊن جي غير مشروط فوري آزاديءَ جو مطالبو ڪندي چيو ته اهڙين ڪريل حرڪتن سان غزه ۾ جنگبنديءَ جي امڪانن کي ناقابل تلافي نقصان ٿي رهيو آهي. غزه ۾ عام شهرين جو موت به افسوسناڪ آهي پر ليفٽينٽ هادار گولڊن جي اغوا هڪ ڪريل فعل آهي، جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي.

    هاءِ ويچارو هادار گولڊن !! هاڻي بس 23 سالن جو ئي مس هو. ڪجهه هفتن کانپوءِ سندس شادي ٿيڻي هئي. سندس ڏاڏو ۽ ڏاڏي نازين جي گيس چيمبر ۾ ڌڪجڻ کان ذري گهٽ بچي ويا ۽ پوءِ ٻنهي شڪراني طور فلسطين ۾ اچي اسرائيل جي جنگ آزاديءَ ۾ ڀرپور حصو ورتو.

    ليفٽينٽ هادار گولڊن جو پيءُ سمبا ۽ والده هيڊوا ڪيمبرج يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائيندا رهيا ۽ هينئر پروفيسر سمبا تل ابيس يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ يهود جو استاد آهي. هادار جو جاڙو ڀاءُ روز اسرائيلي فوج ۾ خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي. جڏهن ته هڪ ٻيو ڀاءُ مينهم ۽ ڀيڻ ايلات پڙهي رهيا آهن. اهڙي پڙهيل، لکيل محب وطن، امن پسند خاندان لاءِ پنهنجي جگر جي اغوا ۽ پوءِ قتل ٻنهي جي نيتن يا هو سرڪار طرفان تصديق ڪنهن قيامت کان گهٽ ناهي.

    سو جهڙي طرح اسرائيل جي زميني ۽ هوائي فوج هادار جي مبينا اغوا جي غم ۽ جنگبنديءَ جي بي فڪريءَ ۾ زندگيءَ جي ضرورت جون شيون خريد ڪندڙ غزه واسين کي نشانو بڻايو يا ساڳي طرح هادار جي موت جي تصديق جي سوڳ ۾ هڪ ٻئي اسڪول تي حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ اقوام متحده جي تحفظ ۾ ڪيترائي فلسطيني پناهه وٺي ويٺل هئا.

    مونکي ٽي وي چينلن تي اقوام متحده جو اندر جي اڌمي مان روئندڙ اهلڪار ڪرس گينس ڇو ڪو نه ٿو نظر اچي. مان انهن چئن ٻارڙن جو ذڪر ڇو نه ٿو ڪريان جيڪي سمنڊ ڪناري کيڏندي ڪنهن اسرائيلي جنگي ٻيڙي جي گولي جو نشانو بڻجي ويا. مان ڪريم ابوزيد جي ڳالهه ڇو نه ٿو ڪريان جيڪو غزه جي موجوده جنگ ڇڙڻ کان فقط 16 ڏينهن اڳ ڄائو، ٽيويهه ڏينهن نه سمجهه ۾ ايندڙ ڌماڪن جي ڀَوَ کان ماءُ جي سيني سان چنبڙيل رهيو ۽ هاڻي ٽي ڏينهن اڳ پنهنجي ڄمار جا چاليهه ڏينهن پورا ڪري جسم هتي ڇڏي ويو. اهي سوال مون کان نه پر انهن ٽي سوءُ پنجانوي آمريڪي سينيٽرن کان پڇو جيڪي پنجن هفتن جي موڪل تي وڃڻ کان اڳ اسرائيل جي راڪيٽ روڪ، آئرن ڊوم نظام جي وڌيڪ ترقيءَ لاءِ 225 ملين ڊالرن جي بجيٽ منظور ڪري ويا. خادم حرمين شريفين شاهه عبدالله کان پڇو، جنهن کي ٽن هفتن کانپوءِ پتو پيو ته غزه ۾ ڪجهه ماڻهو مري ويا آهن، مصر جي جنرل عبدالفتح السيسي ۽ قطر جي امير حماد الخليفه الثانيءَ کان پڇي جيڪو جارح حماس ۽ ويچاري اسرائيل وچ ۾ ٽياڪريءَ جون غير مشروط ڪوششون ڪري رهيو آهي. اردن جي بادشاهه کان پڇو جيڪو هن وقت تائين مذمت جي اعلان لاءِ مناسب لفظن جي ڳولا ۾ آهي ۽ محمود عباس کان پڇو جيڪو هر راهگير اڳيان اچي چئي پيو ته ” ادا، مان پينو ناهيان، بس هڪ منٽ منهنجي ڳالهه ٻڌو“

    مسلمان دنيا لاءِ سٺي خبر هيءَ آهي ته 11 هزار ڪلو ميٽر پري ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ وينزويلا غزه جي يتم ۽ زخمي فلسطيني ٻارڙن کي هنج وٺڻ جي آڇ ڪئي آهي. ڀريل مسجدن ۾ رقت آميز دعائن مان واندڪائي مليوَ ته وينزويلا کي اسلامي ڪانفرنس جي صدارت آڇڻ تي غور ڪجو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مظفر

    مظفر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2014
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    113
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    بيلفيلڊ ، جرمنی
    ادا جيڪي مسلمان ملڪ هينئر چپ آهن اها جنگ انهن جي در تي به بيٺي آهي ،اڳيان ڏهن کان پندرهن سالن ۾ عرب دنيا جون حدون اهي نه رهنديو جيڪي هينئر آهن بشمول سعودي،قطر،عرب عمارات. ڇو جو هو تعليم ۽ نه وري دفاء تي ڌيان ڏين ٿا پر هڪ ئي رات ۾ ڪروڙين ڊالر فضول شين تي خرچين ٿا.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو