سنڌي ٻولي جا مشهور لوڪ گيت

'سنڌي شاعري' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏2 مئي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.

    سنڌي ٻولي جا مشهور لوڪ گيت



    [​IMG]


    سنڌ ڌرتي هميشه کان مالا مال ۽ خوشال رهي آهي، ۽ جڏهن دنيا جا ماڻهون تهذيب الفاظ کان به واقف نه هئا، سنڌ تڏهن کان تهذيب يافته هڪ پرڳڻو رهي آهي، جنهن جو سپوت سنڌ جا کنڊرات آهن جنهن مان وڏي مان وڏي تهذيب جو مرڪز موئن جو دڙو آهي،
    مون ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته البيروني جو چوڻ آهي ته ( مون اهيو ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي ته جنهن ملڪ ۾ درياء آهي ان ملڪ جا ماڻهون خوشال ۽ تهذيب وارا ، بااخلاق، سلجهل۽ نرم دل ٿين ٿا، جنهن جو ڪارڻ اهو درياء آهي، ) ادا البيروني جي ڳالهه جيڪا مون کي سمجهه آئي ته اها اهيا آهي ته درياء جي ڀر ۾ رهڻ وارا ان لاء بااخلاق، تهذيب يافته نرم دل ٿين ٿا جو ان زماني ۾ ماڻهن جو ڪاروبار ۽ اچ وڃ جو رستو صرف درياء هو ۽ انسان جڏهن مختلف ماڻهن سان ميل جول رکي ٿو ته ان ۾ هڪ تجربو پيدا ٿئي ٿو ۽ دل ۾ نرمي پيدا ٿئي ٿي، ۽ ماڻهون ڪجهه سکي ٿو، ۽ اخلاق بهتر ٿين ٿا، ۽ اسان خوش قسمت آهيون جو اسان پڻ هڪ وڏي درياء جا مالڪ هئاسين ( جنهن کي ڄاڻي واڻي تباه ۽ برباد ڪيو ويو آهي، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي تباه ۽ برباد ڪرڻ لاء )
    جهڙي ريت سنڌ هر حساب سان مالا مال آهي اهڙي ريت سنڌ موسيقي جي فن سان به مالا مال ۽ شاهوڪار رهي آهي مگر منهنجي اهيا ساڳي دانهن ته خبر ناهي ڇو سنڌ جي موسيقي واري فن جي تاريخ پڻ صحيح سان نه لکي وئي آهي، الف موسيقي پنهنجي مقالي موسيقيء جي تاريخ ۾ لکن ٿا ته ( ٻولي جي پيدائش کان اڳ ماڻهو خوف خوشي، ۽درد کي ظاهر ڪرڻ لاء جسماني حرڪتون ڪندو هو جنهن سان گڏ ڪي تال، ڀريا آواز پڻ ڪڍندو هو، ۽ اهڙي ريت پهرين دم وارا ساز پيدا ٿيا، پوء ناچ. وغيره .
    سنڌي ۾ لوڪ گيت جي وڏي اهميت آهي جنهن جو ذڪر مان هت ڪرڻ ٿو چاهيان، لوڪ گيت ۾ سڌي طرح ۽ سادي انداز ۾ پنهنجن احساسن ۽ محبت جي ڪيفيتن جو احساس هوندو آهي جنهن کي بيان ڪيو ويندو آهي، ۽ لوڪ گيت خاص ڪري اجتماعي انداز ۾ ڳايو ويندو آهي، لوڪ گيتن ۾ سنڌ ۾ خاص ڪري هيٺيان لوڪ گيت گهڻا چيا ويندا آهن
    ڇلو، مورو، لولي، ، ۽ جمالو
    .

    ڇلوــ آڱر جو هڪ زيور آهي جيڪو سنڌ ۾ بلڪه پوري دنيا ۾ پيار جي نشاني سمجهي ويندي آهي، ۽ ڇلڙي وارو گيت به عورتون چونديون آهن،
    جنهن جو هڪ مثال هت ڏيا ٿو،
    ڀلا يار جاني،
    آهيان تنهنجي ٻانهي ، ڇلو ڏي نشاني.


    موروــ موو ڪوهستاني گيت آهي جنهن ۾ پيار، محبت جو اظهار هوندو آهي، ۽ خاص ڪري عورتون پنهنجي جيون ساٿي يا پوء پنهنجي محبوب لاء ڳائينديون آهن،
    مثال ـ
    تو جي آهيان ٻانهي، تون ته مان جو جاني.


    لولي ـــ لولي سنڌ ۾ خاص ڪري سرائڪي زبان ۾ ڳائي ويندي آهي، ۽ لولي ۾ محبت سڪ اڪير جو تمام گهڻو ذڪر هوندو آهي، لولي خاص ڪري امڙ پنهنجي اولاد لاء پڻ چوندي آهي، اصل ۾ اسان سنڌ جون مائرون انهيء لولي سان پنهنجي ٻارن کي کيڏائي کيڏائي، ننڍ ڪرائينديون آهن. ۽ انهيء لولي ۾ ماء جي محبت جو درياء پيو اولاد مٿان ڇوليون هڻندو آهي، لولي اسان جي ڪيترن مرد گلوڪارن پڻ ڳائي آهي، جنهن ۾ سرمند سنڌي، ۽ الڻ فقير سرفهرست آهن.

    جمالو ـــ( ڪتاب لوڪ گيت ۾ هڪ روايت ڏنل آهي ته جمالو ڪنهن هڪ شخص جو نالو هو، جيڪو پنهنجن کان وڇڙي لاڙ جتن وٽ هليو ويو هو، ۽ سندس وڇڙي ۾ ڪجهه گيت چيا ويا، ۽ جڏهن اهو شخص واپس پنهنجن وٽ موٽيو ته انهن هن جي موٽڻ جي خوشيء ۾ ڪجهه گيت چيا، ۽ ان کان پوء اهيو جمالو ايجاد ٿيو )
    توهان ڏٺو هوندو ته جمالو خاص ڪري مرد ڳائيندا آهن پر ڪٿي ڪٿي محفل م عورتون به جمالي ڳائڻ ۾ ساٿ ڏينديون آهن، جمالي ۾ محبوب جي هر عضوي جو محبت، ۽ پيار سان ذڪر ڪيو ويندو آهي، مثلن، ڏند، چپ، وار، پير، اکيون، ڏاڙهي، وغيره، پر ان کان علاوه سندس ڪپڙن جو، سندس اٿڻ ويهڻ، جو پڻ ذڪر ڪيو ويندو آهي. سنڌ ۾ جمالو هميشه ڪنهن به محفل جي پڄاڻي محل ڳايو ويندو آهي، ۽ سنڌ ۾ تقريبن هر فنڪار اهيو جمالو ڳايو آهي، جنهن جون ڪجهه وڊيوزپڻ توهان لاء هيٺ پيش ڪندس.



    هو جمالو جي هڪ خوبصورت ڌن

    http://www.youtube.com/watch?v=TghN7Z3q6EA

    هو جمالو مڪمل گانو

    http://www.youtube.com/watch?v=hyK8u6PzRAs
    عابده جي آواز ۾ هو جمالو
    http://www.youtube.com/watch?v=W8jrRi5DQ6A
    هڪ مٺو آواز
    http://www.youtube.com/watch?v=DU6D...16F02D91B&playnext_from=PL&playnext=1&index=4
    هو جمالو دبئي پروگرام ۾
    http://www.youtube.com/watch?v=fLlJzalZ5aI

    شازيه خشڪ جي آواز ۾ هو جمالو

    http://www.youtube.com/watch?v=xu83zqBVWGc&feature=related
    سليم جاويد جي آواز ۾ ريميڪس هو جمالو

    http://www.youtube.com/watch?v=tTqr5kJAltI
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي ٻولي جا مشهور لوڪ گيت

    واه ادا ممتاز، اڄ ته هو جمالو ڪرائي ڇڏيو اٿوَ، هر قسم جا هو جمالا پيا ٻڌبا ۔۔۔ پر يار ڪا فتح ٿئي ته هو جمالا ڳائجن، ڪي ڀلايون نظر اچن ته هو جمالا ڳائجن ۔۔۔ ها في الحالي خيالي پلاءَ پچائي پيو خوش ٿبو ۽ هو جمالن جو مزو ماڻبو ۔۔۔

    ۔۔۔۔ ٻي ڳالهه ته لوري بيشڪ ثقافتي گيت آهي پر منهنجو اهو خيال آهي ته لوري دنيا جي هر قوم ۾ رائج آهي ۔۔۔ مطلب ته جت ممتا آهي اتي لوري رائج آهي ۔۔۔ هر قوم ۾ پنهنجي ننڍڙي ٻار کي ننڊ ڪرائڻ وقت مائرون لوري ڳائن ٿيون يا ڳائينديون هيون ۔۔۔ جيڪي اڄ به لوڪ ادب جو حصو آهن ۔۔۔

    وڌيڪ عرض ته دنيا جي سڀني ثقافتي ۽ تاريخي قومن وٽ فتح جا گيت ۽ ناچ پڻ موجود آهن ۔۔۔

    بهرحال تمام سٺو ليک ونڊ ڪيو اٿوَ ۔۔۔
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌي ٻولي جا مشهور لوڪ گيت

    ادا اهيا حقيقت آهي ته لوري دنيا جي هر قوم ۾ آهي، پر مان ته هت سنڌ جي ٿو ڳالهه ڪريان سو ان حساب سان مون اهيا ڳالهه اتي ڪئي آهي، باقي پسند ڪرڻ جي مهرباني۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو