نازڪ سمجهي ويندڙ عورت طوفانن کي منهن ڏيڻ جي سگهه رکي ٿي

'سنڌياڻي' فورم ۾ چانڊوڪي طرفان آندل موضوعَ ‏11 مئي 2010۔

  1. چانڊوڪي

    چانڊوڪي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2010
    تحريرون:
    46
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    نازڪ سمجهي ويندڙ عورت طوفانن کي منهن ڏيڻ جي سگهه رکي ٿي
    حسين مسرت شاهه

    وجود کي ساڙيندڙ باهه ته اڏول جبل به برداشت نٿا ڪن، جبلن جي گهٽ ۽ ٻوسٽ انتها کي پهچي ٿي ته هو ٻرندڙ باهه کي لاوي جي صورت ۾ اوڳاڇي ڇڏي ٿو، اهي ٻرندڙ پٿر پنهنجي رستي ۾ ايندڙ هر شيءِ کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيندا آهن. ڌرتيءَ جي گــُهٽ، زلزلي جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي ۽ اها پڻ بي انتها تباهي آڻيندڙ هوندي آهي، ساڳي طرح سمنڊ ۾ ايندڙ طوفان به ڪناري تي موجود هر شيءِ کي ختم ڪري ڇڏيندا آهن، هوائن جي بي اختياري به زماني جا خدوخال مٽائڻ جي سگهه رکي ٿي. ڪائنات جي مضبوط ۾ مضبوط شيءِ هڪ حد اندر برداشت ڪرڻ کانپوءِ ردعمل ظاهر ڪري ٿي. صرف عورت آهي جيڪا نازڪ ۾ نازڪ سمجهي ويندي آهي پر اندر ۾ جبلن کان مضبوط ۽ سمنڊ کان گهري هوندي آهي، عورت جيتري قدر ڀوڳي ٿي اوترو ظاهر نٿي ڪري، انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ تشدد بدترين ڀڃڪڙي هئڻ باوجود به سماج ۾ هر سطح تي رائج آهي ۽ ان جو گهڻو تڻو شڪار عورت ئي ٿئي ٿي. عورت تي تشدد اسان جي سماج جي بنياد ۾ موجود آهي، تشدد جسماني هجي، ذهني هجي ۽ نفسياتي هجي يا جنسي هجي اهو سماج ۾ عورت جو مقدر سمجهي ڪيو ويندو آهي ۽ توقع رکي ويندي آهي ته ان جو ذڪر نه ٿئي، سماج ۾ انتشار جڏهن ٽهڪڻ پد کان مٿي چڙهي ويندو آهي ته انقلاب جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي، اڄڪلهه جون اخبارون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته اسان جي سماج ۾ گهريلو تشدد انتها کي پهتل آهي، اهي عورتون جيڪي جسماني تشدد برداشت ڪندي ڪندي قبرن ۾ دفن ٿي وينديون هيون. ڪٽيل نڪ، چپ مجرمن وانگر سماج کان لڪائي گهرن ۾ قيد واري زندگي گذارينديون هيون، اهي ڪيس هاڻ رپورٽ ٿيڻ شروع ٿيا آهن. اپريل 2010ع جي سڄي مهيني ۾ ”ڪاوش“ اخبار ۾ وڌ ۾ وڌ گهريلو تشدد جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. 18 اپريل 2010ع آچر جي ”ڪاوش“ اخبار ۾ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي، جنهن مطابق ”ر“ تي مڙس تشدد ڪري سندس مٿي جا وار ڪتري ڇڏيا آهن، اها ڇوڪري تذليل جي احساس کان ڪمري کان ٻاهر نٿي نڪري. 19 اپريل 2010ع جي روزاني ”ڪاوش“ اخبار مطابق ماستر پيرسن ماءُ پيءُ کي ڏنڊا هڻي زخمي ڪري ڇڏيو. 18 اپريل 2010ع تي 10 ورهين جي نينگري وڪرو ڪري نوجوان سان نڪاح ڪرايو ويو. 19 اپريل 2010 تي ٻن نارين کي ڪارنهن الزام ۾ مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، وڏيري کي سام طور ڏنيون ويون. 28-27 اپريل 2010 تي ويڳي ماءُ پيءُ جي عتاب جو شڪار 2 ٻارڙيون پوليس کي هٿ آيون. 26 اپريل تي عورت سان لڄالٽ جي ڪوشش ٿي، جوابدارن سندس مٿي جا وار ڪتري ڇڏيا. 29-28-27 اپريل تي ظالم ڀاءُ ملڪيت خاطر بيواهه ڀيڻ کي 6 سال تائين قيد ڪري ڇڏيو. انهن کان علاوه ٻيا به کوڙ سارا ڪيس آهن، جيڪي رپورٽ ٿين ٿا ۽ جوابدارن کي سزا به ملي ٿي پر ان سڄي پروسيس ۾ هڪ عورت جي جيڪا تذليل ٿئي ٿي، ان جو ڪٿي به ذڪر نٿو ملي. هن جي شخصيت ڪيتري قدر تباهه ٿي ٿئي، عزت نفس مجروح ٿي ٿئي، هڪ ته توهين آميز سلوڪ برداشت ڪري ٿي، ٻيو وري ٿاڻن جا چڪر، سماج طرفان اٿاريل منفي سوال ماري ٿا ڇڏين، هڪ انسان ان سڄي غم ۾ ڪيترا ڀيرا مري ٿو ۽ ڪيتري اذيت مان گذري ٿو، ان جو ڪو ئي ڪاٿو ڪري نٿو سگهي. سماج ۾ ڪجهه فرد جيڪي گڏ رهندا آهن، انهن جا هڪ ٻئي تي ڪجهه حق ۽ فرض عائد ٿيندا آهن، سماج جي ڳانڍاپي لاءِ ضروري آهي ته فرد هڪ ٻئي جي آزادي ۽ خوشي جو احترام ڪن، ڪنهن مفڪر جو قول آهي ته: ”هڪ فرد جي آزادي ۽ خوشي جو مفهوم اهو آهي ته هو سڀني فردن جي آزادي ۽ خوشي کي سلب نه ڪري.“ هڪ ٻئي جي آزادي ۽ خوشي جو خيال رکڻ ۽ هڪ ٻئي جي عزت نفس جو احترام ڪرڻ رشتن ناتن جي ڳانڍاپي لاءِ به ضروري جزا آهن ۽ سماج جي جوڙجڪ به انهن جزن جي ڳانڍاپي سان ٿئي ٿي. اهو لمحو ڪيڏو نه دل ڏاريندڙ هوندو آهي، هڪ ماءُ لاءِ جنهن کي پٽ ڏنڊا مٿي ۾ هڻي ۽ هوءَ بزرگ عورت پوليس ۽ سماج اڳيان پٽ کي پڌرو ڪري. اهي ننڍڙيون ٻارڙيون جن جي مٿان پيءُ ويڳي ماءُ مسلط ڪري ڇڏي آهي، اهي روز تشدد جو شڪار ٿين ٿيون، توهين برداشت ڪن ٿيون، اها مظلوم عورت، جنهن کي سڳي ڀاءُ پئسن جي لالچ ۾ قيد ۾ رکيو ۽ هو قيد ۽ اڪيلائي ۾ ذهني مريض ٿي وئي آهي، اهي انسان ڪڏهن به ڪنهن رشتي تي ڀروسو نه ڪندا، پيءُ، ڀاءُ، پٽ اهي احترام وارا رشتا اڄ ڪلهه پنهنجي ويليو وڃائي چڪا آهن، ان سڄي انتشار ۽ ٽٽل رشتن جو اثر سماجي جوڙجڪ تي پوي ٿو، جيڪو اسان جو ايندڙ سماج آهي، اهو ڪيتري قدر ظالم هوندو، ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل به ڪونهي، اسان وٽ ته رشتن ناتن جو احترام ان حد تي پهچي چڪو آهي جو انساني حقن جي عالمي منشور مطابق غلاميءَ تي پابندي آهي ۽ جبري مشقت تي به پابندي آهي، اها رياست جي ذميواري آهي ته سماج ۾ موجود ذاتي قيد خانن جي جاچ ڪرائي انهن ذاتي قيد خانن مان جيڪي آزاد ٿين ٿا، انهن جي آخري پناهگاهه دارالامان آهي يا وري مينٽل هاسپٽل، اهي فرد ايترا ته ڀڳل ٽٽل ۽ تباهه ٿيل هوندا آهن جو سماج جي ڪنهن به ڪاروهنوار ۾ حصو وٺڻ جي لائق نٿا رهن ته انهن کي پنهنجي ذات سان همدردي ۽ محبت رهندي آهي، نه وري انهن کي رشتن ناتن تي ڪو ڀروسو هوندو آهي، هنن لاءِ محبت، احترام، همدردي، عزت سڀ جذبا ڪوڙا ٿي ٿا وڃن، اهڙن ذهني طرح پريشان فردن سان ڪڏهن مثبت سماج تخليق نٿو ٿي سگهي، نه ئي وري اجتماعي طرح سان سماج ترقي ڪري ٿو سگهي. ڀاءُ ڀينرن کي دير سان ماني ڏيڻ تان به قتل ڪريو ڇڏين. ڪاوش جي 26-27 اپريل تي هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو جنهن ۾ ڀاءُ پئسن جي لالچ ۾ اچي ڀيڻ کي گهر ۾ قيد ڪري ڇڏيو، سوال اهو آهي ته ميڊيا تي ڪيس رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ يقينن ڏوهاري خلاف ڪجهه نه ڪجهه ڪارروائي ضرور ٿيندي پر هن ٻڍڙي عورت جيڪو وقت قيد تنهائي ۾ گذاريو ان جو حساب ڪير ڏيندو؟
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: نازڪ سمجهي ويندڙ عورت طوفانن کي منهن ڏيڻ جي سگهه رکي ٿي

    تمام سهڻو ليک آهي، عورت کي جنهن فطري طاقتن سان ڀيٽ ڪيو ويو آهي ۔۔۔ انساني سماج ۾ عورت انکان به مٿاهين حيثيت رکي ٿي ۔۔۔ منهنجي ڀيڻ! جيترو عورت کي ستايو وڃي ٿو، ڏکيارو ڪيو وڃي ٿو، اوترو عورت کي مان به ڏنو وڃي ٿو، عورت کي گهر جي مالڪياڻي سمجهيو ويندو آهي ۔۔۔ عورت ٻارن جي، مڙس جي ۽ خاندان جي تمام گهڻن لاهيين چاڙهين جي حل ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندي آهي ته پنهنجو پاڻ مان حاصل ڪري وٺندي آهي ۔۔۔ سچ جي ٻيڙي ٻڏڻي آهي پر لڏڻي ناهي ۔۔۔ ها ! فطري طور تي ۽ جسماني طور تي مرد کان ڪجهه الڳ هجڻ سبب سندس ڪجهه مختلف ضرورتون آهن، ڪجهه مختلف ثقافتي قدر آهن، رب العالمين عورت جي گهرب ۾ اهڙو ته عظيم سرشتو ٺاهي ڇڏيو آهي جو هوءَ ماءُ ٿي سگهي ٿي ۽ ان سرشتي جي هڪ پنهنجي ضرورت هوندي آهي ۔۔۔
    اسانجي دعا آهي ته اسانجي قوم جون سڀ عورتون ۽ مرد هڪٻئي سان انصاف ڪندي پنهنجي قومي ماحول کي جنتي ٺاهي سگهن ۔۔۔۔ آمين
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: نازڪ سمجهي ويندڙ عورت طوفانن کي منهن ڏيڻ جي سگهه رکي ٿي

    ماء مڪمل اسڪول ۽ مدرسو آهي ماء نسلن لا تربيت آهي
    عورت جو وجود ئي رب سائين انسانيت جي زندگي ڪري بڻايو آهي
    زبردست شيرنگ آهي ڀيڻ
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: نازڪ سمجهي ويندڙ عورت طوفانن کي منهن ڏيڻ جي سگهه رکي ٿي

    حسين مسرت شاهه جو هي مضمون اصل دل ۾ گهر ڪري ويو، شاباس هُجي توهان کي ڀيڻ چانڊوڪي ۔ اسان جي سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ تي هاڻي بجا طور چئ سگهجي ٿو ته بهترين ليکڪن جا ليک، توهان جهڙين ڀيڻن جي بدولت اسان کي باقائده پڙهڻ لاءِ ملي رهيا آهن۔ لک لائق ادي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو