سنڌ سلامت ڪئلينڊر 2010 جي ڊيزائنر ۽ تخليق ڪار محترم ابو واصف سان ڳالهه ٻول۔

'سنڌ سلامت اسٽوڊيو' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏12 مئي 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌي دوستو ۽ ساري دنيا جا سنڌي ساٿيو السلام عليڪم۔ جيئي سنڌ
    دوستو جنهن دوست اسان جي سنڌ سلامت جي بهترين سوکڙي سنڌ سلامت ڪئلينڊر 2010ع جو ڊيزائن ٺاهيو يا ائين کڻي چئون ته هڪ نرالي تخليق جو بنياد وڌو جنهن جي ڪري ساري سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌين جي هٿن ۾ هي ڪئلينڊر پهتو، اسان جو فرض خاص ڪري منهنجي اهو فرضن ۾ شامل هو ته انهي کاهوڙي ۽ جاکوڙي دوست کي ان جي بي لوث محنتن عيوض هڪ ڳالهه ٻول ذريعي وڊيو جي صورت ۾ توهان سان تعارف ڪرايان۔ پيارا دوستو اهو پيارو دوست اسان جي سنڌ سلامت جو هڪ اهڙو چمڪندڙ ستارو آهي، جنهن جي چمڪ ڌمڪ ڪڏهن به ماند ڪانه ٿيندي، اسان جو اهو پُرخلوص دوست سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جو ميمبر آهي، سنڌ سلامت جي هن اڱڻ تي پاڻ ابو واصف جي نالي سان ڄاتو ۽ سُڃاتو ويندو آهي ، سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ کي اهو اعزاز حاصل آهي جو پنهنجي محدود وسيلن جي باوجود سنڌ سلامت جو هر ڪو ميمبر بي لوث سنڌ ڌرتي لاءِ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ دل و جان سان پاڻ پتوڙي رهيو آهي، ادا ابو واصف سنڌ سلامت جي ڪئلينڊر 2010ع جي اشاعت کان اڳ ۽ پوءِ جي باري ۾ پنهنجون ساروڻيون ونڊي رهيو آهي دوستو سندس هي انٽرويو سندس رهائش لطيف آباد نمبر 4 حيدرآباد سنڌ ۾ رڪارڊڪيو ويو هن انٽرويو جو ڪئميرا مين اسان جو ادا عبدالغفور سمون آهي
    پيش آهي سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي پنهنجي پيش ڪش ادا ابو واصف اسدالله ڀُٽو سان ڳالهه ٻول​


     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت ڪئلينڊر 2010 جي ڊيزائنر ۽ تخليق ڪار محترم ابو واصف سان ڳالهه ٻول۔

    سائين نثار احمد ناز صاحب کي سنڌ سلامت فورم جي تخليق ڪار ڊزائنر محترم اسدالله ڀٽو جو انٽريو وٺڻ تي مبارڪ آباد پيش ڪريان ٿو ۽ اسدالله ڀٽو جن کي پڻ وري هڪ دفعو ٻيهر دل جي گهرائين سان مبارڪ آباد پيش ڪريان پيو جن هن مصروف ترين وقت ۾ سنڌ سلامت ڪيلينڊر لا۽ ايترو وقت ڪڍي ڪري هڪ بهترين ڪيلينڊر ڊزائين ڪيو ادا ابو واصف جي ان محنت تي پوري سنڌ کي ان تي ناز آهي ته اسان وٽ به اهڙا تخليڪار ڊزائينر موجود آهن

    ادا اسدالله ڀٽو جي محنت جي باري ۾ لکندي مون کي اهڙا لفظ ئي ڪا نه پيا ملن ته مان سندس واکاڻ ڪري سگهان

    سدائين گڏ
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ سلامت ڪئلينڊر 2010 جي ڊيزائنر ۽ تخليق ڪار محترم ابو واصف سان ڳالهه ٻول۔

    ادا اسان تائين ته اهو ڪئلنڊر نه پهتو آهي....
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت ڪئلينڊر 2010 جي ڊيزائنر ۽ تخليق ڪار محترم ابو واصف سان ڳالهه ٻول۔

    بيشڪ ادي جو ڪم ساراهڻ جوڳو آهي ۽ بقول محترم دوست ابو واصف جي ته اڃان ڪجهه ڪميون بيشيون آهن پر ان هوندي به جاذب نظر ۽ قومپرستيءَ واري جذبي سان ڀرپور اهو ڪئلينڊر 2010 هڪ سهڻو عمل ۽ تخليق چئبو ۔۔۔ سچي دل سان ڪيل ڪم لئه لطيف سڳوري چيو آهي ته اگهي ته پاءُ نه ته مڻن کي اي موٽ ۔۔۔ سو دوست جي اندر مان نڪتل پيار ۽ خلوص جي جهلڪ ڪيليئنڊر ڏسڻ سان محسوس ٿئي ٿي ۔۔۔
    سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر ادي ابو واصف کي ڏسي جيڪا خوشي ٿي انجو ڪو ملهه ناهي ۔۔۔ ان لاءِ ادي نثار ناز جا ٿورائتا رهنداسون ۔۔۔

    سلام دوستو، رب کان دعا آهي ته اوهانجا هٿ سنڌ خاطر هلندا رهن، تخليق ڪندا رهن ۽ سنڌ جو مان مٿاهون ٿيندو رهي ۔۔۔ آمين
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ سلامت ڪئلينڊر 2010 جي ڊيزائنر ۽ تخليق ڪار محترم ابو واصف سان ڳالهه ٻول۔

    تمام گهڻي مهرباني سائين نثار ناز صاحب جو توهان ادا ابوواصف جن جو انٽرويو پڻ وٺي ورتو۔۔۔
    جيتوڻيڪ سائين نثار ناز جن ڪي پروفيشنل اينڪر نه آهن پر سندن جو جذبو سنڌ سلامت لاءِ ڪيترو اوچو آهي ۔۔؟ ان جو ثبوت اهي وڊيوز آهن۔۔۔ پنهنجي لا محالا مصروفيت باوجود سندن اهڙا جتن انتهائي ساراه جوڳا آهن۔۔۔
    جيتري قدر سنڌ سلامت ڪيلينڊر جي ٺاهيندڙ جي انٽرويو جو تعلق آهي ته مون کي يقين آهي ته ادا ابو واصف جن جو انٽرويو اڃان باقي هوندو۔۔۔ ڇو ته شروع ۾ سائين نثار ناز جن جي ڪيل سوال جو جواب اڃا ادا ابو واصف نه ڏنو آهي۔۔۔ ان کان سواءِ مون سميت ڪافي دوستن کي پڻ ڪجهه ذهن ۾ سوال ايندا هوندا۔۔۔ مثال طور۔۔۔
    1. توهان کي سنڌ سلامت ڪيلينڊر جو خيال ڪهڙي طرح آيو۔۔۔؟
    2. سنڌ سلامت ڪيلينڊر جي موجوده ڊيزائين ۾ ڪنهن توهان جي مدد ڪئي ۔۔۔؟
    3. پنهنجي مصروفيت مان ڪهڙي طرح وقت ڪڍيو۔۔۔؟
    4. ڪيلينڊر جي ماڊل جي بيهڪ جو هي انداز ڪيئن آيو۔۔۔؟
    5. ڊيٽا ڪليڪشن جي سلسلي ۾ ڪنهن مدد ڪئي۔۔۔؟
    6. ڪيلينڊر ٺاهڻ جو خيال ايترو دير سان ڇو آيو جڏهن ته نئين سال کي لڳ ڀڳ ٽي مهينا گذري چڪا هئا۔۔؟
    7. توهان جي خيال ۾ سمورن سنڌي ليجنڊس کي ڀيٽا ڏني وئي آهي۔۔۔؟
    8. سرورق تي تصويرن سان گڏ جيڪر سندن نالا به هجن ها۔۔۔؟
    9. سنڌ جي نقشي ۾ ماڳ ۽ مقام ڪهڙي ترتيب ۾ آهن۔۔۔؟
    10. ڪيلينڊر جي پٺيان سنڌ سلامت جو نثري نظم ڪنهن لکيو آهي۔۔۔؟
    11. هن خوبصورت ڪيلينڊر بنائڻ ۾ توهان کي ڪهڙيون مشڪلاتون آيون۔۔۔؟
    12. ڇا اهڙو ڪم اڳ ڪنهن طرفان ڪيو ويو آهي۔۔۔۔؟
    13. ڪيلينڊر تي مڪمل طور ڪيترو خرچ آيو۔۔۔۔؟
    14. مالي سهائتا ڏيندڙ ڪهڙا سنڌي آهن۔۔۔۔؟
    15. هن ڪيلينڊر جي قيمت گهڻي آهي۔۔۔۔ ؟
    16. هي ڪيلينڊر ڪاٿي ملي سگهندو۔۔۔؟

    اهي ته هوا عام سوال باقي جيڪڏهن ڪنهن دوست کي ڪو سوال ڪرڻو هجي ته آزادي ڪري سگهي ٿو ۔۔۔ اميد ته ابو واصف جن وڊيو ۾ نه سهي ته جواب جي صورت ۾ توهان جي سمورن سوالن جا جواب ضرور ڏيندا۔۔۔
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت ڪئلينڊر 2010 جي ڊيزائنر ۽ تخليق ڪار محترم ابو واصف سان ڳالهه ٻول۔

    سائين نثار ناز جن سائين ابو واصف جن کان انٽرويو وٺي سنڌ سلامت تي پيش ڪيو اها سندن تمام سنڌ سلامت سان محبت جو ثبوت آهي سائين ابو واصف جن پڻ سنڌ سلامت سان محبت جو ثبوت ڏيندي تمام خوبصورت تحفه دوستن کي پيش ڪيو فورم مهيا ڪندڙ دوستن جا به احسان وسارڻ جوڳا نه آهن الله سڄي ساٿ کي سلامت رکي۔
     
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت ڪئلينڊر 2010 جي ڊيزائنر ۽ تخليق ڪار محترم ابو واصف سان ڳالهه ٻول۔

    سائين نثار ناز جن سائين ابو واصف جن کان انٽرويو وٺي سنڌ سلامت تي پيش ڪيو اهو سندن تمام سنڌ سلامت سان محبت جو ثبوت آهي سائين ابو واصف جن پڻ سنڌ سلامت سان محبت جو ثبوت ڏيندي تمام خوبصورت تحفه دوستن کي پيش ڪيو فورم مهيا ڪندڙ دوستن جا به احسان وسارڻ جوڳا نه آهن الله سڄي ساٿ کي سلامت رکي۔
     
  8. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    جواب: سنڌ سلامت ڪئلينڊر 2010 جي ڊيزائنر ۽ تخليق ڪار محترم ابو واصف سان ڳالهه ٻول۔

    سلام، سائين توهان جي هي وڊيو ۽ ڪيلينڊر جو ڪيل ڪم تمام بهترين آهي، توهان جي هن سموري وڊيو کي ڏٺو تمام پياري لڳي، پر هن وديو ۾ هڪ غلطي ٿي جيڪا پهريان به هڪ ڀيرو ٿي هئي جڏهن 2009 ۾ اسان سنڌي ڪمپيوتنگ جي وڊيو ڪانفرنس سکر آٌ بي اي ۾ رکي هئي سائين ماجد صاحب جي ليڪچر دوران اتي ويٺل هڪ پروفيسر ڊاڪٽر مدد علي شاهه سائين ماجد صاحب کي ڊاڪٽر صاحب ڪري سڏيو هو، ان تي سائين ماجد صاحب وراڻيون ته سائين مان ڪو ڊاڪٽر ناهيان ڇو ته منهنجي پي ايڇ ڊي ناهي ٿيل۔ انهي جي جواب ۾ ڊاڪٽر مدد علي شاهه وراڻيون ته توهان جو ڪيل ڪم اسان جي هزارين پي ايڇ ڊي ڊگرين کان وڌيڪ آهي، اهي لفظ مونکي هن وڊيو ۾ سائين ماجد صاحب کي ٻه ڀيرا ڊاڪٽر سڏڻ تي ياد آيا جيڪي توهان سان ونڊيان پيو۔ ٻيو ته يونيڪوڊ جي حوالي سان دوست ڳالهه پئي ڪئي۔ اصل ۾ يونيڪوڊ آهي ئي هڪ ڪوڊ سيٽ جيڪو اسان جي سنڌي اکرن جي لکت يا انٽرفيس جي لاٌ يونيڪوڊ اداري پاران ونڊوز ۾ شامل ڪيو ويو هو۔ جنهن کي استعمال ڪرڻ لاٌ سنڌي لکت جو انسٽالر گهربل هو جيڪو سائين ماجد صاحب جوڙيو۔ ان کان سواٌ بي ڳالهه ته يونيڪوڊ وارو ڪوڊ سيٽ به سائين ماجد صاحب جي ڪوششن جي ڪري شامل ڪيو ويو هو، انهي ڪم جي لاٌ اسان جي ڪنهن به سنڌي ٻولي جي اداري ڪا ڪوشش ڪانه ڪيئي هئي، توهان جون ڪاوشون بهترين آهن، اميد ته توهان انهي طرح ڪامياب ٿيندا رهندا، توهان جي مهرباني جو سنڌي ڪمپيوتنگ جي موجد کي سنڌي ڪيلنڊر ۾ جڳهه ڏني، ...................

    ڦلپوٽه سڳورا هي ڪلينڊر جي هڪڙي ڪاپي گهربل آهي،؟؟؟
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ سلامت ڪئلينڊر 2010 جي ڊيزائنر ۽ تخليق ڪار محترم ابو واصف سان ڳالهه ٻول۔

    ادا وحيد ڦلپوٽا، توهان جي بي لوث مُبارڪن جي جواب ۾ خير مُبارڪون، اصل ۾ ادا ابو واصف ئي صحيح معنا ۾ انهيءَ مبارڪباد جا مستحق آهن، اسان هن محبتي دوست سان ملياسين دل چيو ته کيس سان ڪجهه ڳالهه ٻول ٿئي جيڪا سنڌ سلامت جي ساٿين سميت ساري دنيا جي سنڌي دوستن سان ونڊ ڪجي، ادا اسدالله ڀُٽو المعروف ابو واصف نهايت ملنسار ۽ شفيق ماڻهو آهي، سنڌ سلامت کي خوبصوت بنائڻ ۾ ادا ابو واصف جو تمام گهڻو حصو آهي۔ اسان کي گهرجي ته اهڙين سنڌ دوستن جي محنتن جو قدر ڪريون، کيس دل جي گهرائين سان شاباسون ڏيون۔ مهرباني ادا وحيد جو هن وڊي تي توهان بهترين رايا ڏنا
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ سلامت ڪئلينڊر 2010 جي ڊيزائنر ۽ تخليق ڪار محترم ابو واصف سان ڳالهه ٻول۔

    ادا رياض حسين گلال ان سلسلي ۾ توهان سنڌ سلامت جي منتظم اعلا محترم عبدالرشيد سمون صاحب سان پي ايم ذريعي فوري رابطو ڪريو۔
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت ڪئلينڊر 2010 جي ڊيزائنر ۽ تخليق ڪار محترم ابو واصف سان ڳالهه ٻول۔

    ادا مڱريا صاحب، چار ته نه ٻه کن ڪاپيون مون وٽ پيون آهن، حڪم ڪيو ته اوهانکي پهتيون ڪجن، اوهين پنهنجو پتو موڪليو/ ڏيو ته ڪم ٿي ويندو ۔۔۔ جيئي سنڌ
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ سلامت ڪئلينڊر 2010 جي ڊيزائنر ۽ تخليق ڪار محترم ابو واصف سان ڳالهه ٻول۔

    پيارا نثار ابڙا توهان اسان جي موڀِي ڀا٪ءُ محترم ابوواصف جو درشن هن وڊيو ذريعي ڪيو، پيارا سائين اها ڳالهه ٻُڌي مونکي ته تمام گهڻي خوشي حاصل ٿي، بس ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ادا نثار ابڙو جي ڪنهن ڪم ته آياسين۔ ان کان علاوه ادا اسان ڪم عقل ماڻهن جي غريباڻي ڪاوشن تي دل کولي همت افزايون ڪريو ٿا، اهي وڙ اسين ڪڏهن به وساري نه سگهنداسين۔ لک لائق ادا نثار۔
     
  13. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ سلامت ڪئلينڊر 2010 جي ڊيزائنر ۽ تخليق ڪار محترم ابو واصف سان ڳالهه ٻول۔

    ادا جادوگر عبدالرشيد سمان سائين لک لائق جو اسان گهٽ عقلن جي غريباڻي ڪوششن جون همت افزايون تمام خوبصورت لفظن سان ڪريو ٿا ۔ باقي جيڪي سوال توهان ادا ابو واصف لاءِ لکيا آهن، انهن تنهنجي سوالن جو جواب سنڌ سلامت جي منتظم اعلا کان سواءِ ڪير به بهترين ۽ سٺو ڏئي ڪونه سگهندو، ان ڪري سنڌ سلامت جو منتظم اعلى انهن سوالن جي جواب لاءِ پنهنجو پاڻ کي تيار رکي چند ڏينهن ۾ سنڌ سلامت اسٽوڊيو واري ٽيم اهي راز دل جا ڄاڻڻ لاءِ توهان وٽ اچِي رهي آهي ٿورو انتظار مٺا ٿورو انتظار
     
  14. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ سلامت ڪئلينڊر 2010 جي ڊيزائنر ۽ تخليق ڪار محترم ابو واصف سان ڳالهه ٻول۔

    پيارا سائين رحيم بخش صاحب لک لائق توهانجا مٺا سنڌ سلامت لاءِ جاکوڙڻ، ان محبتي اڱڻ کي خوبصورت بنائڻ هاڻي نه صرف منهنجي پر هر سنڌيءَ جي فرضن ۾ شمار آهي، ڇو ته سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ سنڌي ماڻهن ۽ جيجل سنڌ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي۔ مٺا ابو واصف ته اسان جي من جو مور آهي سنڌ سلامت لاءِ سندن محنتون قابل تعريف آهن ۔ الله سائين توهان کي ۽ ادا ابو واصف سدائين خوش ۽ آباد رکي ( آمين)
     
  15. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ سلامت ڪئلينڊر 2010 جي ڊيزائنر ۽ تخليق ڪار محترم ابو واصف سان ڳالهه ٻول۔

    محترم سائين عبدالعزيز مڱريو صاحب توهان جا لکين قرب جو اسان جي هن حقير ڪاوش کي توهان پسند ڪرڻ فرمايو پيارا سائين سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جن کي ڀلي اسان اڻ ڄاڻائي سبب ڊاڪٽر ڪري ڪوٺيو آهي، پر بقول محترم سائين ڊاڪٽر مدد علي شاهه جي ته سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جن جو جيڪو ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ٻولي کي آڻڻ وارو عظيم ڪارنامو آهي اهو ڪارنامون هزارين پي ايڇ ڊي ڊاڪٽرن کان تمام گهڻو سگهارو آهي۔ سائين عبدالعزيز مڱريو صاحب سائين نثار ابڙو پڻ مڪي پاڪ ۾ رهندو آهي اُن وٽ في الحال ٻه سنڌ سلامت جا ڪيلينڊر 2010 موجود آهن توهان کين پنهنجي ائڊريس ڏيو سنڌ سلامت جي هي سوکڙي توهان کي جلدي ملي پوندي باقي ٻين ڪيلينڊرن جي باري ۾ ادا رشيد سمون جن کي گُذارش آهي ته سائين عبدالعزيز مڱريو صاحب جن کي آگاهه ڪيو وڃي۔
     
  16. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    جواب: سنڌ سلامت ڪئلينڊر 2010 جي ڊيزائنر ۽ تخليق ڪار محترم ابو واصف سان ڳالهه ٻول۔

    سائين نثار ناز صاحب منهنجي ڪمينٽ متعلق به ڪجهه ونڊي ونڃو ها؟؟؟
     
  17. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ سلامت ڪئلينڊر 2010 جي ڊيزائنر ۽ تخليق ڪار محترم ابو واصف سان ڳالهه ٻول۔

    ادا نثار ناز صاحب مشوري ڏيڻ جي مهرباني..........
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو