آب زم زم جا طبي ۽ روحاني فائدا!!!!!!!

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏7 نومبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    آب زم زم جا طبي ۽ روحاني فائدا!!!!!!!
    حڪيم نذير احمد شيخ

    آب زم زم جنهن کي عام طور تي زم زم جو پاڻي به چئبو آهي، عربي ۾ سيدالميا يعني سڀني پاڻين جو سردار مڃيو وڃي ٿو، سڀني پاڻين کان افضل ۽ شفا بخش آهي، حضرت ابراهيم عليه السلام جڏهن حضرت اسماعيل عليه السلام ۽ سندس بيبي حاجره کي مڪي پاڪ ۾ اڪيلو ڇڏي ويو ان وقت حضرت اسماعيل عليه السلام اڃ سبب سخت پريشان هو ته بيبي حاجره ڊڪندي ڊڪندي ڏٺو ته ڪنهن واري مان پاڻي تيزي سان نڪري رهيو آهي، بيبي صاحبه پاڻي کي فرمايو زمزم يعني رڪجي وڃ. رب پاڪ کي بيبي حاجره جو پاڻي لاءِ ڊڪڻ ۽ پريشان ٿيڻ جي ادا ۽ عمل نهايت پسند آيو، نتيجي طور رب پاڪ عمري ۽ حج ڪرڻ وارن لاءِ سعي ڪرڻ يعني هڪ جبل کان ٻي جبل تائين ڊڪڻ کي لازم ڪري ڇڏيو، قيامت تائين ائين سلسلو هلندو رهندو، حضور پاڪ صه جن حضرت امام حسن رضي الله تعاليٰ عنها ۽ حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنها جن کي گهٽي طور آب زم زم پياريو ۽ کجور وات مبارڪ سان چٻاري وات ۾ وڌي.

    حضرت ابن عباس آب زم زم اهو پاڪ ۽ شفاف پاڻي آهي، جيڪو ڪيترو به رکڻ سان نه رنگ تبديل ڪري ٿو نه ان ۾ بوءِ اچي ٿي ۽ نه ئي ان جي شفا هئڻ ۾ ڪو فرق پوي ٿو، ڪنهن به موسم جو اثر هن پاڻي تي نٿو پوي، دنيا۾ ڪو به اهڙو انسان نه پيدا ٿيو آهي يانه ٿيندو،جيڪو ائين چوي ته آب زم زم پاڻي پيئڻ سان مون کي ڪا تڪليف ٿي يا نقصان ٿيو. هن پاڪ پاڻي۾ ڪو به جراثيم يا بيڪٽريا پيدا ٿي نٿو سگهي، آب زم زم هي نالو ان ڪري پيو جو هي مقدار ۾ زياده آهي ۽ هميشه رهندو. هر سال لکن جي تعداد ۾ حاجي صاحبان ۽ عمري ڪندڙ مڪي مديني پاڪ اچن ٿا ۽ وافر مقدار ۾ زم زم جو پاڻي کڻي وڃن ٿا. هي سلسلو قيامت تائين رهندو هي اهو بابرڪت پاڻي آهي، جيڪو ڪڏهن به نه گهٽ ٿيندو ۽ نه خراب ٿيندو، عام پاڻي لاءِ هي حڪم آهي ته سنت طريقي سان ويهي ساڄي هٿ ۾ گلاس پاڻي جو ٽن ساهين ۾ پيئڻو آهي، ليڪن آب زم زم لاءِ حڪم آهي هت قبلي طرف منهن ڪري اٿي بيهي بسم الله پڙهي ٽن ساهين ۾ پاڻي پي آخر ۾ الحمدالله چئجي. پاڻي پيئڻ وقت جنهن مرض جي شفا لاءِ دعا گهري زم زم پاڻي ڪو پيئندو ته انشاءَالله ان کي شفا حاصل ٿيندي، جنهن لاءِ اعتقاد جو پختو هئڻ ضروري آهي، بلڪه هو دعا جيڪا به بندو طلب ڪندو پاڻي پيئڻ وقت قبول فرمائي ٿو، انسان جو ته ڪم آهي ته دعا گهرندو رهي، ٻاڏائيندو رهي، وقت مقرر تي مقصد حاصل ٿيندو. ڪنهن به طبي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ خط لکي جوابي لفافو ايڊريس لکيل موڪلي جواب عاقل پلازه گورنمينٽ ڪاليج روڊ حيدرآباد کان حاصل ڪري سگهي ٿو،رابطي لاءِ .

    0300-9371907(022)2111633-2111608 info @ nazirherbals.com
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    محترم جبار آزاد منگي صاحب السلام عليڪم.
    پياري نبي سائين صلي الله عليه وسلم جن جو پاڪ ارشاد آهي
    ” آب زم زم روئي زمين تي بهترين پاڻي آهي .ان ۾ غذايئت به آهي ۽ بيماري کان شفاء به “ ( المعجيم الکبير للطبراني 11004)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو