صحت مند زندگي لا# ناشتو تمام ضروري

'صحت سرير جي' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏9 نومبر 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ندرستي هزار نعمت آهي، هن حقيقت کان ڪنهن کي به انڪار ناهي، سٺي صحت جو ڪارڻ سٺو کاڌو کائڻ سبب آهي، جنهن جي لاءِ صبح جو ناشتو، منجهد جي ماني ۽ رات جي ماني متوازن خوراڪ تي ٻڌل هجڻ کپي، ان لاءِ ٽنهي وقتن جي مانيءَ ۾ ناشتو سڄي ڏينهن جي لاءِ خاص ڳالهه رکي ٿو، ناشتي جي اهميت کي روشن ڪرڻ جي لاءِ هڪ آمريڪي ليکڪ ايڊملي جو قول آهي ته” ناشتو ڪنهن بادشاهه وانگر ڪيو، منجهد جي ماني شهزادي جيئان ۽ رات جي ماني ڪنهن مزدور وانگر کائو. جيڪي ماڻهو غذائيت سان سرشار ناشتو ڪندا آهن، اهي سڄي ڏينهن ۾ خوش هوندا آهن ۽ جيڪي ماڻهو ناشتو ناهن ڪندا يا وري انهن جو ناشتو صحت وارو نه هوندو آهي، اهي هميشه ٿڪيل هوندا آهن، ذهني دٻاءُ جو شڪار هوندا آهن. زندگي هاڻي تيز ٿي وئي آهي، ڇو جو حدف کي پورو ڪرڻ، گهڻا ڪم ۽ انهن جو گهٽ وقت. انهن سڀني ڳالهين سبب اسان سڀ ذهني دٻاءُ جا شڪار ٿي ويندا آهيون ۽ اهي دٻاءَ اسان جي صحت تي اثر وجهن ٿا. ٿيندو ڪجهه ائين آهي ته ذهني دٻاءُ وڌندو آهي، ته ان کي قابو ڪرڻ جي لاءِ انساني جسم ٻن قسمن جي هارمونز سان وڙهندو آهي. جن کي ايڊر نيلن Adrenalin ۽ ڪورٽي سل Cortisol جو نالو ڏنو ويو آهي، هي ٻئي هارمونز هڪ طرح سان دٻاءُ جي خلاف مزاحمت جو ڪم ڪندا آهن، جيڪڏهن اهو دٻاءُ لڳاتار هوندو، ته انسان وقت کان پهريان ڪراڙو ٿي سگهي ٿو. سو توهان يقينن ڪڏهن نه چاهيندا ته جلدي پوڙهان ٿيون يا وري لڳاتار ٿڪ هجي، ڇو جو ان صورت ۾ اوهان ڪنهن بيماري جو شڪار به ٿي سگهو ٿا. هڪ ٻي ڳالهه اها ته جيڪڏهن جسم وڌيڪ هارمونز پيدا ڪندو، ان جو نتيجو ٿولهه جي صورت ۾ ظاهر ٿي سگهي ٿو، ان کان علاوهه ٽائپ ٽو شوگر ۽ ويسر جي بيماري ٿي سگهي ٿي. هاڻي سوال اهو آهي ته ناشتي ۾ ڇا کائجي؟ ته هميشه اهڙو ناشتو ڪيو جيڪو تمام غذائيت سان ڀريل هجي جهڙوڪ: کير، آنا، ڏهي، ڏارو، ماني ۽ فروٽ، ان کان علاوهه جديد تحقيق موجب ڪدو جا ٻج ۽ ڪيلا ميگنيشيم سان ڀريل هوندا آهن، جڏهن ته اهي توهان جا تنگ ڏورا ڍرا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا، ان جو استعمال بي خوابي کان نجات ملڻ ۾ به فائدي مند آهي، انڊا، ڊٻل روٽي، ڪدو جا ٻج وٽامن بي جي ملڻ جو به بهترين ذريعو آهي، جيڪو ذهني دٻاءُ کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا، انڊن ۽ ڏهي ۾ امائنو ايسڊ هوندو آهي، اهو ايسڊ انساني دماغ ۾ استعمال ٿيندڙ هڪ ڪيميڪل سيروٽونن ٺاهيندو آهي ان ڪيميڪل جي بابت چيو وڃي ٿو ته اهو ڪاوڙ کي قابو ۾رکندو آهي ۽ ان جي اوچي سطح اسان کي خوشي جو احساس ڏياريندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو ان کي خوشي جو هارمونز به چيو ويندو آهي، ڪڻڪ ۽ مڪئي مان ٺاهيا ويندڙ فليڪس ۽ ڊٻل روٽي جنهن ۾ اسپگر شامل ٿيل هجن، فائبر ۽ نشاستي سان ڀريل هوندا آهن، اهڙيون شيون رت ۾ موجود شوگر کي قابو ۾رکنديون آهن. جنهن سبب اسان کي ٿڪ جو احساس نه ٿيندو آهي ۽ اسان جو ڌيان ڪمن ۾ هوندو آهي، ڏارو ناشتي ۾ هڪ سٺي خوراڪ آهي، ڏاري ۾ اهڙو ڪاربو هائيڊريڊ هوندو آهي، جيڪو پنهنجو پاڻ کي ٻين جزن سان گڏ ضم ڪندو آهي جنهن جو فائدو هوندو اهو آهي ته بلڊ شوگر قابو ۾ هوندي آهي ۽ جسم کي صبح جو توانائي جي سٺي مقدار ملي ويندي آهي، ان کان علاوه ڏهي ۾ ڪيلشيم به هوندو آهي، پر هي پروٽين سان به مالامال آهي. کوجنا موجب ناشتي ۾ پروٽين جي وڌيڪ مقدار وٺڻ سان دير تائين بک ناهي لڳندي. اهڙي طرح منجهد جي ماني تائين اسان کي اسنيڪ وٺڻ جي ضرورت پيش نه ايندي ۽ اسان ڪم ڪار ۾مصروف هوندا آهيون . اڄ ڪلهه گهڻيون ئي عورتون ملازمت ڪن ٿيون ۽ انهن ۾ گهڻائي اهڙين قسمن جون نوڪرن جي آهي جن کي ڪرڻ جي لاءِ هڪ ئي وقت تي گهڻن ئي شين تي ڌيان ڏيڻو پوندو آهي، ان لاءِ ذهني ۽ جسماني طور تي خبردار رهڻ جي ضرورت هوندي آهي. جسم ۾ پاڻي جي گهٽتائي هجي، ته ان جو اثر انساني ڌيان تي پوندو آهي. پاڻي جي مناسب مقدار، فروٽن جو جوس، ۽ چانهه سان ان گهٽتائي کي پورو ڪري سگهجي ٿو، سڄي ڏينهن جي ڀڄ ڊڪ جي لاءِ اسان کي انرجي جي ضرورت هوندي آهي ۽ انرجي جي سطح کي برقرار رکڻ آسان ناهي هوندو. ان جي لاءِ سڀ کان بهتر ناشتو ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪجهه ناهي. اسان جو جسم سڄي رات آرام ڪندوآهي ۽ ننڊ جي دوران نشو نما به ٿيندي آهي، اهو ئي سبب آهي ته صبح جو توانائي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻارڻ جي ضرورت پوندي آهي، ان لاءِ خالي پيٽ رهڻ سان روز جا ڪم ڪار ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي. ان سان اسان جي صحت خراب ٿي سگهي ٿي. سو توهان پاڻ به ناشتو ڪرڻ جو معمول ٺاهيو ۽ ٻارن جي علاوه گهر جي ٻين ماڻهن کي به ناشتو ڪرائڻ کان پوءِ اسڪول، ڪاليج يا آفيس ڏانهن روانو ڪيو.
    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هائو يار ناشتي کانسواء ڏينهن ئي بيڪار ٿو گذري
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو