ڪهاڻي خودڪشي جي سزا خادم گهراڻو

'ڪهاڻيون' فورم ۾ khadim ghirano طرفان آندل موضوعَ ‏10 نومبر 2014۔

  1. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    خود ڪشي جي سزا خادم گھراڻو

    اڄ جيئن اسڪول جي موڪل ٿي پنهنجي بائيڪ تي هڪ دوڪان وٽ اچي بيٺس جيئن منهنجو پٽ اچي ته ان کي ساڻ وٺي وڃان اوچتو هڪ هٿ منهنجي اڳيان آيو مون نظر کڻي ان طرف ڏٺو جيڪو هڪ جوان هو پر اکين ۾ اداسي ۽ پريشاني هئي چهري تي خوشي نه پر مايوسي ڇانيل هئي مون سمجھيو ته خيرات ٿو گھري ان تي مون هن کي چيو ته مون وٽ هن وقت کليا پيسا نه آهن ان تي هن چيو ته سائين آئون اوهان کان خيرات نه پر دعا ٿو وٺان جنهن هن سورن مان مون کي نجات ملي آئون اوهان جو شاگرڍولڻ آهيان ان وقت منهنجو پٽ به اچي ويو جنهن چيو ته آئون ٿو ڏيانس ان وڃي ان کي پنجاهه روپيا وٺان پرهن انڪار ڪيو جنهن تي مون چيومانس وٺ ٻار دل سان ڏئي پيو ٻار جي دل کي نه اداس ڪر هن ورتا سلام ڪندو اڳتي هليو ويو مون سوچيو ته هيءُ ڪهڙو شاگرد آهي ڪٿي پڙهيو آهي آخر منهنجي ذهن جي اسڪرين تي هڪ چهرو آيو واقعي ڍولڻ نالي مون وٽ هڪ ٻار پڙهندو هو جنهن جو پيءُ غريب هو هيءُ ڇوڪر پڙهڻ ۾ هوشيار هو .جڏهن اڳيان وڌياسين ته مون ڏٺو هيءُ منڊڪائي هلي رهيو هو هن جي هڪ پير تي ڪپڙي جي پٽين جو ٿهو ٻڌل هو هر ڪنهن جي اڳيان هٿ ڊگھيري خيرات گھري رهيو هو ۽ مدد جي صدا هڻي رهيو هو جڏهن گھر پهتي ته مون کي هن نوجوان جو فڪر هو هن جي باري ۾ سوچي رهيو هوس ته هن حالت تائين هيءُ ڪيئن رسيو آهي اسڪول هيءُ محنتي ۽ هوشيار هو جڏهن منهنجي بدلي ڳوٺ ٿي ته هيءُ ڪافي وقت کان پوءِ مليو هو هڪ ڊرائيور بنجي گاڏي هلائي رهيو هو مون هن کان نه پڙهڻ جو سبب پڇيو ته هن چيو ته بابو اڪيلو ڪمائڻ وارو هو گھر جو گاڏو ڪين ٿي هليو جنهن ڪري مون به پڙهڻ ڇڏي هيءُ ڌنڌو ڪيو هاڻي گهر جو گاڏو سٺي نموني ڌڪجي رهيو آهي اڄ هيءُ مون کي ويهه ايڪيهه سالن کان پوءِ مليو هو هن جي اها حالت ڏسي آئون سوچن جي ساگر ۾ غوطا کائي رهيو هوس مون کي ڪابه ڳالهه سمجھه ۾ نه پئي آئي منهنجي بي چيني منهنجي گھر وارن به محسوس ڪئي پر مون ڳالهه ٽول مٽول ڪري ڇڏي منهنجو پٽ جيڪو ان وقت مون سان گڏ هو ان چيو ته ابو کي هڪ فقير مليو هو جنهن ابو کي چيو ته سائين آئون اوهان جو شاگرد آهيان مون کي دعا ڪريو ان وقت کان وٺي ابو ان جي باري ۾ سوچي رهيو آهي مون منهنجي پٽ کي چيو ته هل ته هلون ان ماڻهو وٽ جيڪو پاڻ کي مليو هو ان کي ٿا هلي ڳولي ملون . ان جي ڳوٺ طرف وياسين پر اتي معلوم ٿيو ته هي ڪنهن وقت ٿو اچي ان جي ڪابه خبر نه آهي جيڪو جنهن ڏس ٿي ڏنو ان طرف وياسين پر هيءُ اسان کي نه مليو ۽ آئون مايوس ٿي ويس ته اڄ هن کان ملڻ نصيب ۾ نه آهي نه ئي هن جو جيڪو هيءُ برو حال آهي ان بابت پڇي ٿا سگھي ان جي ڳولا ڪندي هڪ ڄاڻ سڃاڻ وارو ماڻهو مليو جنهن مون کان هتي اچڻ جي سبب پڇيو جنهن کي چيم ته مون کي ڍولڻ سان ملڻو آهي ان ي هن چيو ته هيءُ ويچارو ڏاڍو تڪليف ۾ آهي دوائون به مشڪل سان وٺي ٿو دوائن جو خرچ پنهنجي ٻارن جو خرچ پني پورو ڪري ٿو جنهن ماڻهو ڪنهنجي اڳيان هٿ نه ڊگهيريو سو اڄ هر ڪنهن جي اڳيان سوالي بنيو بيٺو آهي جيڪو محنتي هوندو هو هاڻي اهو هر ڪنهن سامهون محتاج آهي هن کي چيم ته اهو هن سان ڪيئن ٿيو جنهن تي هن چيو ته هڪ وري جي ڪيس ۾ قابو ٿيو هڪ پنهنجي دوست سان گڏ هنن جي مائٽن گھر جو الهه تلهه وڪڻي هن کي آزاد ڪرايو ان وقت کان وٺي هيءُ مايوس ۽ پريشان رهندو هو ڪافي عرصو ان ڳالهه کي گذري ويو پر هن جي من ۾ ڪا مانڍاڻ متل هئي جيڪا هن کان جھوريندي پئي هئي هڪ ڏينهن هن پنهنجي جيون جوڀن کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي مٿان گاسليٽ هاري اڻ کي پاڻ کي باهه ڏني پر ڳوٺاڻن هن کي بچائي ورتو ڪافي عرضو اسپتال ۾ داخل رهيو هن جي زندگي بچڻي هئي بچي ويئي هن ته پنهنجي زندگي جو يئو ٿي اجھايو پر چوندا آهن جيستائين ڪنهن جو داڻو پاڻي لکيل آهي ان کي ڪير به ماري نٿو سگھي اهو زنده رهندو هيءُ بچي ويو پر هن جو پير ٺيڪ نه ٿيو هاڻي ان پير جو علاج اينٽي بايوٽڪ گوريون آهن جيڪي هيءُ کائيندو ڪڏهن ڳوٺ وارا ته ڪڏهن اسپتالن مان ڪڏهن پنهنجي پنڻ وارن پيسن مان وٺي کائيندو آهي ۽ زندگي جا ڏينهن سورن سان گذاري رهيو آهي هاڻي هيءُ معذور لاچار بنجي ويو آهي ويچارو ڏک سهي زندگي جو گاڏو پيو هلائي هن زندگي سان دغا ڪئي زندگي هڪ امانت آهي جنهن کي ختم ڪرڻ جو ڪنهن کي حق نه آهي هن ان امانت ۾ خيانت ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي هن زندگي کي باهه جي آڙاهه ۾ وڌو جنهن جي بدلي ڄڻ هن کي سزا ملي آهي جيڪڏهن هيءُ صبر سان ڏک سهي ها ته آخر سک به اچي وڃن ها ڏکن پٺيان ئي سک آهن ائين چئي اهو همراهه پنهنجي راهه وٺي راهي ٿيو اسان به پنهنجي راهه طرف موٽياسين رستي ۾ مون کي ننڍڙي چيو ته جيڪا هن کي اها تڪليف ملي آهي ڄڻ سزا آهي اها خودڪشي ڪرڻ جي ڪري مون پڙهيو آهي خودڪشي حرام آهي ان ڏينهن کان پوءِ ان سان ملڻ جي ڪوشس ڪندو رهيو آهيان پر نه مليو آهي جيئن ان سان ملي ڪري اصل معلومات پروڙي سگھان پر گهڪ ڳالهه ظاهر آهي ته ماڻهو کي جيڪي تڪليفون ڏک ڏاکڙا ايندا آهن اهي زندگي جو هڪ امتحان آهي انهن کي مڙس ٿي مون ڏجي پر انهن کان فرار اختيار نه ڪجي جيڪڏهن انهن کي منهن نه ڏيئي سگھجي ٻيو ڪو قدم کڻجي ته اها بزدلي آهي ان بزدلي جي ڪري خودڪشي نه ڪجي خودڪشي حرام آهي
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    واه واه بهترين ڪهاڻي سائين
    چوندا آهن ته: همت مردان مدد خدا

    بيشڪ ڪنهن به انسان کي همت نه هارڻ گهرجي خدا پاڻهين مدد ڪندو

    اهڙيون ڪهاڻيون اوهان هتي موڪلندا رهو
     
  3. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    ادا همت افزائي ڪرڻ جي مهرباني
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    واقعن هي تمام ڏک ڀري حقيقت آهي جنهن اڄ اسان کي به تڪليف ڏني ته هن کي ايئن نه ڪرڻ گهرجي ها مشڪلات جو مطلب هي ڪڏهن نه هوندو آهي ته انسان خود ڪشي ڪري . اوهان به تمام احساس رکڻ وارا استاد نظر پيا اچو خدا اوهان جو حوصلو بلند رکي
     
  5. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    ڪهاڻي پسند ڪرڻ ۽ همت افزائي ڪرڻ جي مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو