پنهنجي ڪمپيوٽر کي واءِ فاءِ ايڪسز ڊوائس ٺاهڻ جو آسان طريقيڪار

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏26 نومبر 2014۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    [​IMG]

    اوهان ڊي اسي ايل يا هڪ عام ايوو سان پنهنجي ڪمپيوٽر تي انٽرنيٽ ته حاصل ڪري ورتو آهي پر اوهان وٽ اهڙي ڪا ڊوائس ناهي جنهن سان پنهنجي موبائل فون، ٽيبليٽ يا وري ٻي لئپٽاپ تي ساڳيو انٽرنيٽ هلائڻ گهُرو ٿا. مطلب ته اوهان جي ڪمپيوٽر کي ملندڙ نيٽ ويجهڙ ۾ موجود اهڙين شين کي به انٽرنيٽ جي ونڊ ٿئي ۽ اُهي واءِ تي انٽرنيٽ هلائي سگهن. پر ان لاءِ هڪ ضروري سافٽويئر هوندو آهي جيڪو ڪنيڪٽيفاءِ نالي سان ملي وڃي ٿو پر رجسٽرڊ نه هُجڻ سبب بار بار غير فعال ٿيو وڃي. ڪُجهه وقت اڳ ذيشان رشيد سان اها ڳالهه ٿي ته ان هڪ ڏَس ڏنو ته ڪمپيوٽر جي ونڊوز ۾ به اهو آپشن آهي پر گڏ اهو به چيو ته اهو اڃان ڪارگر ناهي. اڄ گوگلنگ ڪندي هڪ طريقيڪار مليو جنهن تي هلندي اهو تجربو ڪري ورتم. سوچيم ته ساٿين سان به شيئر ڪجي. بظاهر ڊگهو پر تمام آسان ۽ ٻن منٽن اندر پورو ٿيندڙ ڪم آهي.

    مون وٽ ونڊوز 8.1 (يعني 9) آهي جنهن تي اهو سڀ آرام سان ٿي ويندو جيئن هيٺ ڏسيل آهي. ونڊوز 7 تي به اهو ٿيڻ کپي. ونڊوز ايڪس پي وارن لاءِ معذرت.

    سڀ کان پهرين ڪمانڊ پرامپٽ کي ايڊمن طور کوليو. جنهن جا مختلف طريقا آهن. (تفصيل لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو).

    [​IMG]

    ان کان پوءِ هيٺ ڏسيل ڪمانڊ جيئن جو تيئن لکو. بس پاسورڊ پنهنجي مرضيءَ جو لڳايو. (ياد رهي ته اٺ اکرن/نمبرن کان ننڍو نه هُجي. پاسورڊ ۾ اکر هُجن ته خير پر گهٽ ۾ گهٽ هڪ انگ ضرور هُجي).

    netsh wlan set hostednetwork mode=allow ssid=Hotspot key=password​
    پاسورڊ جي جاءِ تي اوهان پنهنجو ڪو به خفيه ڪوڊ هڻو. اهو ئي اوهان جو پاسورڊ هوندو ٻين کي ڏيڻ لاءِ.

    جڏهن اهو ڪري وٺندؤ ته هيٺيون ڏيک ايندو.

    [​IMG]
    هاڻي هيٺيون ڪوڊ لکي انٽر دٻايو

    netsh wlan start hostednetwork


    [​IMG]

    هاڻي چاهيو ته ڪمانڊ پرامپٽ بند ڪري ڇڏيو. ۽ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ نيٽورڪ اينڊ شيئرنگ وارو پيج ڪنٽرول پئنل مان کوليو جتي اوهان جو هڪ نئون ڪنيڪشن آپشن جُڙي چُڪو هوندو جنهن جو هيٺيون ڏيک هوندو.

    [​IMG]
    اوهان ڏسي سگهو ٿا ته اڳ ۾ موجود نيٽورڪ تي ته انٽرنيٽ آهي پر جيڪو نئون ڪنيڪشڻ جُڙيو ان تي اڃان انٽرنيٽ فعال ناهي ٿي. ان کي فعال ڪرڻ لاءِ هيٺ ڏيکاريل طريقي تي عمل ڪندي آسانيءَ سان ڪري سگهو ٿا.

    [​IMG]
    مٿي اڳ واري آپشن تي نشان مطابق ڪلڪ ڪريو

    [​IMG]

    پراپرٽيز ۾ وڃو

    [​IMG]

    شيئرنگ جي ٽئب ۾ وڃو

    [​IMG]

    هتي مٿيون چيڪ باڪس ڪلڪ ڪريو

    [​IMG]

    هتي اوهان جي نئين ٺاهيل نيٽورڪ ڪنيڪشن جو نالو هوندو جنهن کي سليڪٽ ڪريو ۽ OK دٻايو

    [​IMG]

    جيڪڏهن سڀ ڪُجهه صحيح ٿيو آهي ته هاڻ نئين ڪنيڪشن تي به Access type اڳيان انٽرنيٽ لکيل ايندو. هاڻ اوهان ڪنهن به موبائل يا ٽيبليٽ تي واءِ فاءِ سرچ ڪرائي هاٽ اسپاٽ نالي ڪنيڪشن ڳوليو ۽ مٿي لڳايل پاسورڊ ذريعي ڪنيڪٽ ڪريو.

    (نوٽ: ٿي سگهو ٿو منهنجي سمجهائڻ ۾ ڪا ڪوتاهي رهجي وئي هُجي ته تفصيل لاءِ اصل لنڪ جو ڀيرو ڀڃيو)
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪم زور آ .... هيڏو وڏو پراسيس ... جڏهن سچل ڳوٺ اچين ته ڪري ڏجان
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    نئين بهترين ۽ ڪارائتي معلومات..
     
  4. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام بهترين.....لک قرب
     
  5. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    بهترين ونڊ
     
  6. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ابا ايڏو به ناهي. بس چار اسٽيپ آهن. سنگت ڪنهن به اسٽيپ تي نه منجهي تنهنڪري هر ڪلڪ تي کلندڙ باڪس جو اسڪرين شاٽ ڏنم. خير سچل اچڻ ۾ دير ناهي. گڏجي ڪبو.
    پر ونڊوز ايڪس پي نه هُجي. ;)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. آفتاب حسين ٻلال

    آفتاب حسين ٻلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 نومبر 2014
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
  8. شاهجهان سُميل

    شاهجهان سُميل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جولائي 2011
    تحريرون:
    96
    ورتل پسنديدگيون:
    306
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    بدين، سنڌ
  9. محمد ثقلين

    محمد ثقلين Guest

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2014
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    نواب شاه: موجوده :ڪراچي، سولجر بازار 1 نمبر .....
    تمام بهترين معلومات آهي ، پر اسان جهڙن جي وس جي ڳالهه ناهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو