”رڃ ۽ پڙاڏا“ ماڻڪ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏19 ڊسمبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    حيدرآباد ريلوي اسٽيشن جو ويٽنگ روم...رات جا ٻارنهن...انتظار ڪندڙ اڪيلو ويٺل، ويٽنگ روم ۾. اوچتو: پنج پوليس وارا، هڪ عورت، لڳندڙ مسافر، کي اندر وٺي آيل، بي وسي ٽمندڙ، منهن منجهان.
    مسٽر ڪمرو خالي ڪر، انڪوائري ڪرڻي آهي!
    چُپ چاپ، ٻاهر نڪري آيل.
    ڪمري جو در بند.
    عورت جون دانهون، ڪوُڪون.
    دانهون ڪُوڪون ماٺيون ٿيل.
    ڳپل دير کانپوءِ پوليس وارا نڪرندڙ ڪمري مان، حُليا ڦريل، ورديون مڙوڙيل.
    ڪانڊارجندڙ وار...
    ڪميڻا، قانوني رهزن، ڏوهاري: جن جي جسم تي تحفظ لاءِ قانوني جُبو اوڙهيل آهي.
    رت جي ولوڙ ۾ تيزي، کانئن نفرت، انتهائي نفرت جي اظهار لاءِ لفظ نه ملندڙ، جوش جو غلبو سڄي وجود تي..........ڀيڻچو____!
    رستي جي ڪپ سان ويٺل چڻن وارو. پوليس واري جي چمڪندڙ ڪاري بوٽ جي لَت ٿالھ تي. چڻا پکڙيل. پوءِ هڪ ڀرپور لپاٽ، چڻن واري جي ڳل تي____
    نفرت سان گڏ بغاوت...
    هي اهي ڪميڻا ڏوهاري آهن، جن جي هر ڏوھ کي قانون جو تحفظ مليل آهي..
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو