ٿر جي لساني جاگرافي ۽ لهجا

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ ابو مُرڪ طرفان آندل موضوعَ ‏19 ڊسمبر 2014۔

  1. ابو مُرڪ

    ابو مُرڪ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    183
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    گورنمينٽ ملازم
    ماڳ:
    عمرڪوٽ حيدرآباد
    ٿر جي لساني جاگرافي ۽ لهجا

    علي نواز آريسر

    هر ڪتاب هڪ دور جي تاريخ هوندو آهي، هيءَ ڪتاب ’ٿر جي لساني جاگرافي ۽ لهجا‘ به ٿر جي هڪ تاريخ آهي. جيتوڻيڪ هي ڪتاب لسانيات جي موضوع تي لکيل آهي، پر هن ڪتاب ۾ شامل مواد مان پتو پئي ٿو ته هيءَ ڪتاب ٿر جي مڪمل جاگرافي، تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ جي سمورن لهجن کي نروار ڪري ٿو. هن ۾ نه رُڳو ٿر جون حدون ڏنيون ويون آهن، پر هن ۾ ٿر جي لوڪ شاعري، لوڪ داستان، ڍاٽڪي، مارواڙي، گجراتي، پارڪري، سامروٽي لهجن ۾ تخليق ٿيل ادب جو به نمونو ڏنو ويو آهي، جنهن هن ڪتاب جي لساني حيثيت کي مانائتو بڻايو آهي. ڇاڪاڻ جو لسانيات اُهو موضوع آهي، جنهن ۾ جيستائين تاريخ، دور ۽ ثقافتي پسمنظر کي واضح نه ڪيو ويندو، تيستائين ٻوليءَ جي سڀني پهلوئن کي نروار ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو.

    ٿر کي قدرتي طور اُهو حسن عطا ٿيل آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي رنگينيون آهن، جيڪي هڪ قلمڪار لاءِ، هڪ سياح لاءِ ۽ هڪ شاعر لاءِ تخليقي ذهن ٺاهڻ ۾ مددگار ٿين ٿيون. هتي جيڪي به سياح گهمڻ آيا آهن، انهن پنهنجي تخليقن ۾ ٿر جي فطري حسن جي واکاڻ ڪئي آهي، ڊيل ۽ مور جي رقص جون تشبيهون استعمال ڪيون آهن. هتان جي ماڻهن جي ٻولي، رهڻي ڪهڻي، سادگي ۾ به حُسن جي تجلي پسجي ٿي، هڪ قسم جو تجسس آهي، اڻ لکو پيار آهي، جنهن سچ ته ٻوليءَ جي هر لهجي ۾ خوبصورتي پيدا ڪئي آهي. آءٌ جڏهن ٿر جي ڍاٽڪي دوهن ۽ لوڪ گيتن تي نظر وجهان ٿو ته مون کي پوري دنيا جي ڪلاسيڪل ادب کان وڌيڪ ڪلائمڪس ٿر جي لوڪ گيتن ۾ ملي ٿو، جيتوڻيڪ گيتن جي ٻولي سادي آهي، پر جڏهن ڍاٽيئڙا ۽ ڪجليا جهڙا لفظ ڪنن ۾ ٻُرائن ٿا ته ماڻهوءَ جو من حُسن جي هندوري جو سير ڪرڻ لڳيو وڃي. اهڙا ڪيترائي ٻول هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن، جن ۾ مور جي ٽهوڪن ۽ ڪجلاسر جي پاڻيارين جي پويترتا جو عرق سمايل آهي.

    هن ڪتاب ۾ سنڌ جي عالمن؛ جي. اي گريئرسن، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، رائچند هريجن، ڊاڪٽر فضل الحق سرهندي، نور احمد جنجهي، ڀارو مل امراڻي، ميمڻ عثمان اديب ۽ ٻين جا لکيل 16 مضمون آهن، جن ۾ ٿر جي ٻولي ۽ لهجن تي نهايت باريڪ بينيءَ سان ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي آهي ۽ گڏوگڏ ٿر جي ثقافتي تاريخ تي به روشني وڌي وئي آهي. مٿي ذڪر ڪيل عالمن جنهن دور ۾ ٿر جي ٻوليءَ تي ڪم ڪيو، اُهو دور نه صرف ادبي حوالي سان فقدان جو شڪار هو، پر اُنهيءَ دور ۾ ٿر جي ماڻهن تائين پهچڻ به وڏو مسئلو هو. جي. اي گريئرسن، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ رائچند هريجن اُن حوالي سان کيرون لهڻن، جن باقاعدي تحقيق ڪري ٿر تي مُستند ڪتاب لکيا، جيڪي اڄ جي تاريخ جو سُنهري ورق آهن. هيءَ ڪتاب نه رُڳو ٿر جي تاريخ آهي، پر هيءَ ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو به حصو آهي. ڇاڪاڻ جو ٻولي ۽ ادب جون ڪي به سرحدون ناهن ٿينديون. نوجوان تخليقڪار زاهد اوٺي هن ڪتاب کي نهايت محنت ۽ اورچائيءَ سان ترتيب ڏنو آهي، اها سندس ٿر سان ۽ پنهنجي ماءُ ٻوليءَ سان دلچسپي چئي سگهجي ٿي، ڇو ته ڪو به ڪم دلچسپيءَ کان سواءِ نٿو ٿي سگهي. زاهد اوٺي جو بنيادي طور تعلق به ٿر سان آهي، جنهن ڪري هن کي ٿر جي ٻولي توڙي لهجن جي پوري ڄاڻ آهي. زاهد اوٺي جو نه رُڳو ٿر سان تعلق آهي، پر هن جي ادبي اوسر به هڪ تخليقي گهراڻي ۾ ٿي آهي، هو سنڌ جي ماٺيڻي شاعر ماٺيڻي اوٺي جو سئوٽ ۽ سنڌ جي عوامي شاعر بلاول اوٺي جو ڀائٽيو آهي ۽ تخليقي ذهن رکندڙ نوجوان آهي، جنهن ڪري هن جي ٻولي توڙي ٿر ڏانهن رغبت ڪُجهه ججهي ڏسجي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو هُن دنيا جهان جي سڀني موضوعن کي ڇڏي ٿر جي ٻوليءَ طرف ڌيان ڏنو ۽ نهايت محنت ۽ قابليت سان مواد ڪٺو ڪري ههڙو خوبصورت ڪتاب سهيڙي پڙهندڙن تائين پهچايو آهي. هونئن به ٿر تي اڃا تائين ڪم ٿيو ئي ڪٿي آهي، نه ٿر جي ثقافت کي اُها پذيرائي ملي سگهي آهي، نه ٿر جي ادب تي ڪو جامع ڪم ٿيو آهي. نه ٿر جي جنگي داستانن کي قلمبند ڪيو ويو آهي ۽ نه ٿر جي تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن مقانن تي ڪا تحقيق ٿي آهي. اهڙي ڪهت واري دور ۾ جي ڪو ٻوليءَ تي ڪم ٿئي ٿو ته اها ٿر جي ماڻهن جي خوشنصيبي چئبي.

    ڪتاب جي سرورق تي جڏهن نظر وجهجي ٿي ته مقالن جا موضوع به نهايت اهم آهن ۽ انهن جي ترتيب به ڏاڍي شاندار رکي وئي آهي: ٿريلي، ٿريليءَ جون حدون، ٿر جي ٻولي، ٿر جي ڪچهري، ٿر جي سنڌي زبان، سنڌي ٻوليءَ جا ٿري لهجا ۽ محاورا، ٿر جا لهجا ۽ انهن ۾ ڍاٽڪيءَ لهجي جي اهميت، ٿر جي سامروٽي لهجي جون لساني ۽ جاگرافيائي حدون، ڍاٽڪي ٻولي محاورو يا لهجو، سنڌي ٻوليءَ جي ماترائن(سُرن) ۽ وينجنن جي ارتقائي ڪايا پلٽ ۾ ڍاٽڪيءَ جو اڀياس، سنڌي ٻوليءَ جو هڪ لهجو مارواڙي، ٿر ۾ لوڪ ادب جو هڪ پهلو پروليون، ڏٺ، ڳوڙها-هيماريون، ڳوڙها-هيماريون ۽ ڪاڪري، ٿر ۽ پارڪر ۾ ڪولهين جي ٻولي ۽ ادب، پارڪري ٻولي ۽ ادب تي هڪ مختصر نظر شامل آهن.

    ڪنهن به ڪتاب جي اهميت جو اندازو ان جي موضوع کي ڏسي لڳائي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ جو ڪي موضوع ادب ۾ خاص اهميت رکندڙ هوندا آهن. خاص طور تي ٻولي، ادب جو بنيادي ماخذ هوندي آهي، جنهن ادب جي ٻوليءَ ۾ وُسعت هوندي آهي، اُن ٻوليءَ ۾ ادب به جٽادار تخليق ٿيندو آهي ۽ تخليق ۾ به سونهن جو عنصر نمايان نظر ايندو آهي. سنڌي ٻوليءَ کي اُها قدرتي وُسعت عطا ٿيل آهي، جو هو تبديل ٿيندي ٿيندي به خوبصورتي پيدا ڪندي وڃي پئي، جهڙي ريت سنڌي ٻوليءَ جي ٻين لهجن ۾ تبديلي آئي آهي، اهڙي ريت ٿر جي ٻولي به تبديل ٿي آهي ۽ ٻوليءَ ۾ تبديلي ڪا خراب ڳالهه ناهي. ان حوالي سان ڊاڪٽر علي نواز جتوئي لکي ٿو ته؛

    ”ٻوليون پنهنجي تاريخي دورن مان گُذرندي پيون تبديل ٿين، هڪ لساني سماج جي زندگيءَ ۾ جيئن جيئن پيا سماجي، سياسي ۽ ثقافتي انقلاب پيدا ٿين، تيئن تيئن اُن جون لساني عادتون به وڃن ڦرنديون“.

    (جتوئي، علي نواز ’علم السانيات‘ ص؛ 154)

    اسان جڏهن ٿر جي ٻوليءَ تي نظر وجهون ٿا يا آءٌ جڏهن هن ڪتاب تي نظر وجهان ٿو ته مون کي ايئن پيو محسوس ٿئي، ڄڻ ٻوليءَ جا سمورا سُر (وينجن) آهن ئي ٿري ٻوليءَ ۾! ڇو ته ڪتاب ۾ شامل مقالن ۾ جيڪي لوڪ گيت ڏنا ويا آهن، اُهي ايڏا ته شائسته آهن، جو ڪنهن به ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهوءَ کي جي اُن جو مفهوم سمجهائبو ته اُهو ٿر جي ٻوليءَ جي فطري رومانس مان ضرور متاثر ٿيندو، آءٌ هن ڪتاب مان هڪڙو لوڪ گيت هتي ڏيان ٿو، جنهن مان فطري حُسن جي رومانويت کي پرکي سگهجي ٿو.

    آج گهٽا اُڻ ڏيس ۾، مُرڌر اوپر ميهه،

    پک هوئين تو اُڏ چلان، گهڙي ماهي گريهه.

    ”اڄ منهنجي مُرڌر جي خطي ۾ سانوڻيءَ جو وسڪارو ٿيو آهي، وڏڦڙو وسي رهيو آهي، منهنجي اندر ۾ وطن جي تانگهه وڌي وڻ ٿي آهي،ڪاش مون کي پک (پر) هجن ها ته آءٌ اُڏامي پنهنجي اباڻي اوٽي (اڱڻ) تي پهچان“

    مٿين ٻن سٽن مان ٿر جي شاعريءَ جي معيار کي ڏسي سگهجي ٿو. آءٌ اُميد ٿو ڪريان ته زاهد اوٺو ٿر جي لوڪ گيتن، ڍاٽڪي دوهن تي به ڪم ڪندو ۽ هن ڪتاب جهڙو مُستند ۽ شاهڪار ڪتاب سنڌي ادب جي جهول ۾ وجهندو.

    آءٌ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي انتظاميا کي به مبارڪباد ڏيان ٿو، جنهن هن موضوع جي ڪتاب کي اداري پاران ڇپائي ٿر جي ٻوليءَ کي محفوظ ڪرڻ ۾ اڳڀرائي ڪرڻ سان گڏ، نوجوان مرتب جي به همت افزائي ڪئي آهي.

    252 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 300 رپيا آهي، جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران 2014ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.

    alinawazarisar@yahoo.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بهترين شيئرنگ ڪئي اٿو ... ڪتاب به ضرور پڙهبو
     
  3. ابو مُرڪ

    ابو مُرڪ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    183
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    گورنمينٽ ملازم
    ماڳ:
    عمرڪوٽ حيدرآباد
    پيارا سليمان، مون رات ڪافي شاعري به شيئر ڪئي آهي، هندستان جي شاعرائن جي، سنڌ بابت، اُها به پڙهي ڏسو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ضرور .... بس ٿورو مصروفيت آهي، جنهن سبب سڀ موضوع پڙهي ناهيان سگهيو
     
  5. محمد ثقلين

    محمد ثقلين Guest

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2014
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    نواب شاه: موجوده :ڪراچي، سولجر بازار 1 نمبر .....
    تمام بهترين ونڊ آهي .
     
  6. تلوڪچند ولاسائي

    تلوڪچند ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2014
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    128
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    اڪائونٽ مينيجر ( پرائيويٽ ڪمپني )
    ماڳ:
    پراڻو مٺي ٿرپارڪر موجوده صدر ڪراچي سنڌ
    زبردست ادا سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو