جي تون اَڃا نه ڄاتو ، آ ڪير دُيس واسي ، تُنهنجو جَنم اَجايو ، تُنهنجي مٽي اَڻاسي ! آيو ويو سڪندر ، سيوهڻ اَڃا اُتي آ ، هُو کير ٿر کڙو آ ، وِيندا رهيا وِناسي . لالَڻ ! نوان لَڪن ۾ نِڪتا نِياڻَ آهن ، ايندا جِتي لُڪن ۾ ، پانڌيئڙا پِياسي . هِي شام جو مياڻي هِي سونَ رنگ پاڻي ، تَڙ تي ٻه چار ڏيئا ، نَڙ تي ٻه چار لاسي ! منهنجي اُڪير ڇا هي؟ هي چِٽ چيت من ۾، مندرِ ، اُداس ڏيئو ، اَڌ راتِ ، ديوداسي . جي وک کي وڌائين ، اَڄ ماڳُ ڏور ناهي ، ڏُونگر ڏريِ پَيو آم ساهَس ته ڌارِ ساسِي ! ساڳُ پنهنجو پَلي ، سِنڌ پو ڀي ڀَلي، ڀاڳ وارِي سَدا ڀونءِ تي ڀَر جھلي. تو چيو ” سنڌڙي “ مون چيو ” جندڙي “، مون پرولَي سَلي ! مون پرولَي سَلي