ڊاڪٽر نجمه نور ڦلپوٽو : سنڌ جي نياڻين لاءِ اتساهيندڙ ڪردار

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏9 فيبروري 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ڊاڪٽر نجمه نور ڦلپوٽو : سنڌ جي نياڻين لاءِ اتساهيندڙ ڪردار

    مٺل کهڙو

    جاگيرداراڻي سماج جي مدي خارج ريتن رسمن ۾ وڪوڙيل هجڻ جي باوجود سنڌ جي جن نياڻين مسلسل محنت ۽ اورچائيءَ سان پاڻ موکيو آهي انهن مان هڪ ڊاڪٽر نجمه نور ڦلپوٽو به آهي. کجين جي شهر خيرپور ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر نجمه نور کي قدرت پاران تخليقي صلاحيتون ننڍپڻ ۾ ئي تحفي طور مِليون ـــ مِٺو آوازُ، رنگن ذريعي چِٽَ چٽڻ ۽ لفظن ذريعي شعرَ ٺاهڻ سندس ذات جا رنگ بَڻيا ـــ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڊاڪٽر نجمه نُور زندگيءَ جي سفر ۾ مسلسل محنت ڪئي آهي. ايليمنٽري ڪاليج ۾ ڊرائنگ جي استاد طور خدمتون سرانجام ڏيڻ کان وٺي اتر سنڌ جي سڀ کان وڏي تعليمي اداري شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ اعليٰ عُهدي تائين پهچڻ واري ڪٺن سفر ۾ سنڌ جي نياڻين لاءِ رول ماڊل بڻجي ويل هن باوقار خاتون ڪيڏا نه ڪشالا ڪڍيا هوندا، انهن جي تفصيل ۾ وڃڻ سان صرف ۽ صرف اتساههَ جا اولڙا ئي پلئه پون ٿا ـــ ڊاڪٽر نجمه نور سوشيالاجي جهڙي وسيع ۽ گهڻ پاسائين سبجيڪٽ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. سندس تحقيقي ٿيسز جو موضوع ”سنڌ ۾ ڪاروڪاريءَ جي ڪُڌي رسم“ آهي ـــ جيڪا انهيءَ موضوع تي پهرين ٿيسز آهي. شعبي جي منتظم ۽ استاد جي حيثيت سان ڊاڪٽر نجمه نور جي صلاحيت ۽ لياقت کان هر ڪوئي واقف ۽ متعرف آهي. مصوريءَ واري شعبي ۾ واٽر ڪلر، آئل پينٽنگ ۽ پينسل اسڪيچ جي حوالي سان سنڌ جي عورت ۽ سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جي حوالي سان هُنَ ڪيتريون ئي پينٽنگس ٺاهيون آهن پَرَ اُنهن جو نُماءُ ڪُجهه گهٽ ئي ٿيو آهي، شايد ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته ڊاڪٽر نجمه نُور لِکڻ واري تخليقي ڪَمَ کي اوليت ڏني آهي.
    لکڻ جي حوالي سان ڊاڪٽر نجمه نور گهڻ پاسائين ليکڪا رهي آهي. سندس بنيادي سڃاڻپ شاعري آهي. سندس پهريون ڪوتا ڪِتاب ”چنڊ ۽ اجرڪ“ آڳاٽو شايع ٿيو. جنهن ۾ غزل، گيت، وايون ۽ نظم شامل آهن. شاعريءَ جي انهيءَ سهڻي ڪِتابَ جو مُهاڳ سنڌ جي سرموڙ شاعِرَ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ لکيو ـــ تنويرَ جي لفظن ۾ نجمه نور ”سچل جي نگريءَ جي بيباڪ شاعره“ آهي. شاعريءَ جي عِلمَ ۽ فني لوازمات جي ڄاڻ ڊاڪٽر نجمه نُور، سنڌي ٻوليءَ جي بزرگ شاعر ۽ ماهوار ”نئين زندگي“ جي اڳوڻي ايڊيٽر شعبان بخت کان حاصل ڪئي. ڊاڪٽر نجمه نور جي شاعريءَ کي ڊاڪٽر ملڪ نديم کان وٺي تاجل بيوس تائين ۽ ادل سومري کان وٺي شيخ مونس اياز تائين ساراهيو آهي. ڊاڪٽر نجمه نور جي شاعريءَ جو سفر جاري آهي، تازو ئي پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران سندس نعتيه ڪلام جو مجموعو ”نور الورايٰ“ شايع ٿيو آهي. نجمه نور پهرين سنڌي خاتون شاعره آهي جنهن نعتيه ڪلامَ جو ڪِتابُ تخليق ڪيو آهي ـــ هن ڪِتابَ جو مُهاڳ نامياري محقق عبدالغفار صديقيءَ لکيو آهي. تازو ئي پوپٽ پبلشنگ هائوس ۽ اجرڪ آرٽ ۽ ڪلچرل آرگنائيزيشن خيرپور پاران ڊاڪٽر نجمه نور سان خيرپور جي سچل آڊيٽوريم ۾ هڪ عاليشان رهاڻ رچائي وئي انهيءَ موقعي تي نعتيه مجموعي ”نور الوريٰ“ جي مهورت پڻ ڪئي وئي هُئي ـــ سندس شاعريءَ جو ٽيون ڪتاب پڻ ڇپائيءَ هيٺ آهي جيڪو تمام جلد ”پوپٽ“ پاران شايع ٿي رهيو آهي. ڊاڪٽر نجمه نور جي شاعريءَ کي ڪيترن ئي راڳين پنهنجي آواز جو روپُ ڏنو آهي پر سداحيات راڳي سرمد سنڌيءَ جي آواز ۾ ريڊيو پاڪستان خيرپور تان گونجندڙ سندس گيت ”پکيئڙا مارُن جا ڏي ڏَس، مون ته ڪيا وڏا وَس“ تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪئي.
    نثر نويسيءَ جي حوالي سان وري ڊاڪٽر نجمه نُور جو ڪَمُ مختلف حصن ۾ ورهايل آهي. لکڻ جي شروعاتي دؤر ۾ هُنَ ڪجهه ڪهاڻيون به لکيون ـــ ريڊيو پاڪستان خيرپور جي ادبي ۽ ثقافتي پروگرامن لاءِ هُنَ ڪيترن ئي موضوعن تي اسڪرپٽ به لکيا آهن ـــ سچل سرمست يادگار ڪاميٽي پاران هر سال منعقد ٿيندڙ ”سچل ادبي ڪانفرنس“ ۾ هُنَ سچل شناسيءَ جي حوالي سان ڪيترائي ڪالم به لکيا آهن جيڪي تحقيقي جرنل ”سرمست“ ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن ـــ اخبارن لاءِ ڪالم لکڻ جو ڪَمُ جِتي دلچسپ هوندو آهي اُتي ڏکيو پِڻُ، ڊاڪٽر نجمه نُور جڏهن هِڪَ سنڌي روزاني اخبار لاءِ ”صبح جو سلام“ جي مستقل عنوان سان ڪالم لکڻ شروع ڪيو ته انهيءَ ڪالمَ پڙهندڙن ۾ تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪئي. انهن ڪالمن جا موضوع بلڪل سادا، عام فهم، وڻندڙ ۽ روز مرهه جي زندگيءَ سان لاڳاپيل هوندا هئا ـــ هر پڙهندڙ کي اهي ڪالم پنهنجي اندر جو آواز محسوس ٿيندا هئا. اڳتي هلي اهي سڀئي ڪالم ”صبح جو سلام“ جي نالي سان هِڪَ ڪِتابَ جي صورت ۾شايع ٿيا، جنهن جو مُهاڳ سنڌي ٻوليءَ جي ورسٽائيل ليکڪ عبدالقادر جوڻيجي لکيو. ڊاڪٽر نجمه نور جون ڪيتريون ئي نثري لکڻيون اڃان به اڻ ڇپيل حالت ۾ پيون آهن جيڪي مختلف ڪِتابن جي صورت ۾ شايع ٿي سگهن ٿيون پَرَ سندس هِڪَ خواهش اِها به آهي ته هوءَ پنهنجيون ساروڻيون لکي جن ۾ سندس زندگيءَ جو وسيع تجربو ۽ مشاهدا شامل هوندا.
    ڊاڪٽر نجمه نور پنهنجي علمي ۽ تخليقي سفر جي حوالي سان اڻ ڳڻيا ايوارڊَ ۽ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيا آهن پَرَ هوءَ سَڀَ کان وڏو اعزاز پڙهندڙن ۽ شاگردن پاران ملندڙ محبت ۽ احترامَ کي ئي سمجھي ٿي ـــ هوءَ مختصر زندگيءَ کي مُحبت سان گذراڻ واري فلسفي تي عمل ڪندي نفرت کان پري رهڻ پسند ڪري ٿي ــ ڊاڪٽر نجمه نُور سوين پروگرامن، سيمينارن، مشاعرن، ڪانفرنسن ۾ صدر، خاص مهمان ۽ ميزبان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي آهي ـــ ريڊيو ۽ ٽي وي جي اڻ ڳڻين پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي آهي ـــ هُنَ هِڪَ ڀرپور سماجي زندگي گذاري آهي ـــ سِنڌُ جي نياڻيءَ جو اڳتي اچڻ، تعليم حاصل ڪرڻ ۽ ڪُڌين رسمن سان مقابلو ڪرڻ سندس خوابُ آهي ۽ انهيءَ خوابَ جي ساڀيان لاءِ هوءَ نه صرف قلم سان پَرَ عملي طرح به جاکوڙيندي رهي ٿي. سندس تخليقي ڪَمَ جي حوالي سان سنڌ جي ناميارن ليکڪن جا جيڪي به مضمون شايع ٿيا آهن انهن جو پڻ هِڪُ ضخيم ڪِتابُ شايع ٿي سگهي ٿو ـــ عزت ڏيندڙ ۽ عزت وٺندڙ هر دل عزيز ڊاڪٽر نجمه نور، تنوير عباسيءَ جي انهيءَ شعر جي تصوير محسوس ٿيندي آهي ته:
    ڪجهه ڏئي وينداسي، ڪجهه نه کڻي وينداسي،
    ٻُور آهيون، ڏئي ميوو ۽ ڇڻي وينداسي.
    شالَ عِلمَ، ادبَ، ثقافت، سماجَ جي حوالي سان سَندس غير معمولي خدمتن جو اِهو سلسلو ائين ئي جاري رَهي ۽ سنڌ جي نياڻين لاءِ هڪ رول ماڊل بڻجي ويل هيءَ باوقار شخصيت ائين ئي پنهنجي ذات ۽ ڏات ذريعي ڪجهه نه ڪجهه ارپيندي رهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو