ناميارو راڳي صادق فقير سعودي عرب ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ اسان کان وڇڙي ويو

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 فيبروري 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    خوبصورت آواز جو مالڪ، ناميارو راڳي
    صادق فقير
    سعودي عرب ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ اسان کان وڇڙي ويو

    انا لله و انا اليه راجعون

    سنڌ سلامت جو سمورو سٿ ۽ سموري سنڌ سندس اوچتي وڇوڙي تي صدمي ۾ آهي ۽ دعاگو آهيون ته رب پاڪ کيس جوار رحمت ۾ جڳهه عطا ڪري .... آمين


    صادق فقير ولد فيض محمد مـڱڻهار جو جنم 20 مارچ 1964ع ۾ مٺي ٿرپارڪر ۾ ٿيو. تعليم ايم اي سنڌي ڪيل اٿس. 1992ع ۾ شادي ڪيائين. موسيقي جي تربيت پنهنجي مامي حسين بخش فقير کان ورتائين جيڪو ان وقت جو سٺو راڳي ۽ موسيقار هو. هو ڪاليج جي زماني کان ئي ڳائيندو رهيو. 1986ع ۾ ان وقت جي حيدرآباد جي ريڊيو اسٽيشن ڊائريڪٽر عنايت بلوچ صاحب پهريون دفعو آڊيشن کان پوءِ ريڊيو تي سندس ڪلام رڪارڊ ڪرايا ۽ 1988ع ۾ پي ٽي وي ڪراچي اسٽوڊيو تي مرحوم شمشير الحيدري صاحب ٽيليويزن تي متعارف ڪرايس پر 1992ع ۾ اياز گل جو ڪلام توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار لڙڪ لڙي پيا لار ڪري ڳائڻ سبب کيس گهڻي مقبوليت ملي. صادق فقير سنڌي، اردو، سرائڪي، ٿري، راجستاني، هندي، مارواڙي ۽ پنجابي ٻولين ۾ ڳايو آهي. صادق فقير نوجوانن ۾ گهڻو مقبول رهيو آهي، هن هندستان، دبئي، سعودي عرب، انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ ۾فن جو مظاهرو ڪيو. موسيقي بابت ڏنل هڪ انٽرويو هن چيو:

    سنڌي موسيقيءَ جا هڪڙا پنهنجا رنگ ۽ ڍنگ آهن. هتان جو فوڪ تمام گهڻو مضبوط آهي. ٿر کان وٺي هر علائقي جي پنهنجي خوبصورت آهي. موجوده سنگرس کي گهرجي ته اهي ٻين اسٽائيلن کي نه اپنائين. اسان جي پنهنجي سنڌي موسيقي ئي، شاهوڪار موسيقي آهي. ڪوشش ڪجي ته موسيقيءَ جي بنيادي تربيت حاصل ڪري، پنهنجي ئي نج ثقافت کي بچائجي.

    صادق فقير سماجي طور سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سان واڳيل رهيو ۽ هن وقت به سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مٺي شاخ جو صدر هيو. 26 فيبروري 2015ع تي سعودي عرب ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ اسان کان وڇڙي ويو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏26 فيبروري 2015
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    انا الله وانا عليه راجعون.
    نهايت صدمي واري خبر
    خوبصورت آواز جو مالڪ، نامياري راڳي
    صادق فقير
    کي الله تعاليٰ جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا ڪري
     
  3. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    انا الله وانا عليه راجعون. الله پاڪ جنت ۾ جايون عطا ڪندس. آمين
    سائين مان ته صدمي ۾ آهيان ..ته اهو اوچتو سانحو ڪئين ٿي ويو آهي..مان ته هن مهل تائين يقين ناهي ڪري سگهيو آهيان..ڪجهه معلومات ونڊ ڪندا ته اهو ڪئين واقعو پيش آيو ان بابت ڪا معلومات ملي آهي؟..
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    صادق فقير جي وڇوڙي جو درد

    ٿر منجهان آواز ٻُرندو ئي پَيو،
    پٿرن جو جِيءُ جهرندو ئي پَيو.
    تنهنجي وئي کان پوءِ اي صادق فقير،
    سنڌ، عُمَرڪوٽ روئندو ئي پَيو.

    [​IMG]
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    توکان ٿيندي ڌار



    اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا



    ڪو آ رحمان جي پاسي ڪو آ ڀڳوان جي پاسي



    ٿي املتاس تان ڪوڪ ڪويل ڪري





     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تو کان ٿيندي ڌار،
    لڙڪ لڙي پيا لار ڪري...!

    يار صادق! هي ڪهڙو قهر ٿي ويو... خاندان سان گڏ مديني وئين... ٻُڌايئي به ڪو نه ۽ وري اهڙي پار هليو وئين، جتان ڪو وريو ئي ناهي... نه خبر نه خواب، نه ڪو اوٺي آيو...
    مٺيءَ جي يارن- گل گوماڻي، ڀارو امراڻي، دليپ ڪوٺاري ۽ دولت کتري جڏهن هي ڏک ڀري خبر ٻڌائي ته هڪدم اوڇنگار نڪري وئي... تولارام کان وٺي زاهد اوٺي ۽ احسان لغاريءَ تائين سڀني يارن جون اکيون آليون ٿي ويون... يا الله! هي ڪهڙو قهر ٿي ويو. هي اسان جو سهڻو ساٿي، سنڌي راڳ جو راڻو، ائين ڦوهه جوانيءَ ۾ هليو ويندو، اسان سوچيو ئي نه هو! شيخ اياز کي جنهن آواز جي تلاش هئي، اُهو تنهنجو ئي آواز هو. هاڻي توکي ڪئسيٽن، سي ڊين، ڊي وي ڊين ۽ يو ٽيوب وغيره تي ته ڏسي ۽ ٻڌي سگهبو، پر تون نه هوندين، تنهنجي خوشبوءِ نه هوندي، تنهنجا زندهه آلاپ نه هوندا ۽ هونديون ته صرف لڙڪن ڀريون اکڙيون هونديون، سُڏڪا هوندا ۽ تنهنجيون يادون هونديون. تون مٺيءَ جو مور هئين، جڏهن به ڪو يار دوستار مٺيءَ لڙي ايندو هو، ته تنهنجو اڱڻ ٻانهون کولي ان جي آجيان ڪندو هو، تو وٽ ته ٻارهوئي ميلو متو پيو هوندو هو. وسڪاري ۾ ته تنهنجو گهر تنهنجي اوطاق ۽ الائي ڪيترا مسافرخانا تنهنجن دوستن/ مهمانن سان ڀريل هوندا هئا ۽ تون ٽڙندو کِلندو مهڪندو ۽ ٻهڪندو رهندو هئين. ڪڏهن به ڪنهن کي لکا ڪانه ڏنئي ته سڀني جي خدمت گذاري ڪيئن ٿو ڪرين... تو فنڪارن جي ان تاثر کي به ته رد ڪيو هو ته ’سنڌ ۾ فنڪارن جي مڃتا ناهي‘... تو نه رڳو فن وسيلي ٿيل ڪمائيءَ مان گهر ٺاهيو، ڀائرن کي نوازيو ۽ وسايو. اوطاقون ٺاهيون، دوستن لاءِ سهولتون پيدا ڪيون، ۽ دنيا کي ٻڌايو ته جيڪڏهن فن، فن آهي ۽ آرٽسٽ وٽ ماڻهن جي مزاج جي پرک آهي، ته فنڪار وقت جو آواز بڻجي سگهي ٿو... تو کي سڄي سنڌ محبتن جا ڀاڪر آڇيا ۽ تو به موٽ ۾ سنڌ کي محبتون ۽ عقيدتون آڇيون. تون ناهين ته اسين مٺيءَ ويندي ويڳاڻا لڳنداسون...
    تون جيئرو آهين، مرڻو ناهين،
    مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿيا نه مات،
    هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيئا!
    (شاهه)

    تنهنجو سوڳوار ساٿي ۽ ڀاءُ: تاج جويو
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. خالد نونداڻي

    خالد نونداڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 فيبروري 2015
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    انا الله وانا عليه راجعون.
     
  9. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    انا الله وانا عليه راجعون.
    الله تعالي کيس جنت الفردوس ۾ جڳه عطا ڪري.
     
  10. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
  11. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    صادق فقير جي وڇوڙي تي اسان جا احساس
    ____________________________

    هاءِ وڇوڙا وار ڪري وئين ڪهڙا ماڻهو ڌار ڪري وئين
    پيارا ماڻهو ها سڪ وارا تن تي تون ڇو مار ڪري وئين

    صادق جهڙا سهڻا ماڻهو محبت ۾ انمول هئاجيڪي جيون جهول هئا
    سي سيباڻا سڪ سمورا تن کان ڪين ڪو آر ڪري وئين

    سر سنگيت جا گيت جي ڳائن محبت جا جي مينهن وسائين
    اهڙن ماڻهن ڏي منهن موڙي غم ۾ ماڻهن گار ڪري و ئين

    جن شيخ اياز جي وائي ڳائي شاه ڀٽائي آس پڄائي
    سنڌ جي سورن کي جن ڳايو تن کي تون ڇو ڳار ڪري وئي

    ٿر تي مينهن برسات ڪرڻ لئه ڳاتا گيت ملهارن جا جن
    تن آوازن سڪ سندي سنڌ سڄي تون سار ڪري وئين
    .
    .
    .
    .رسول بخش دائودپوٽه










    .
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. عبدالعزيز لغاري

    عبدالعزيز لغاري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 فيبروري 2015
    تحريرون:
    113
    ورتل پسنديدگيون:
    299
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽوڊنٽ
    ماڳ:
    سانگهڙ سنڌ
    انا لِله وانا اليه راجعون
    مرحوم سٺو راڳي هو.
     
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    عوامي آواز جي رپورٽ

    رياض(ع آ نيوز) ”توکان ٿيندي ڌار“ ذريعي مشهوري ماڻيندڙ سنڌ جو نالي وارو راڳي صادق فقير سعودي عرب ۾ حادثي جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويو آهي. جڏهن ته سندس گھر واري ۽ سالي سميت يارهن ڄڻا به زخمي ٿي پيا آهن. مٺي سان تعلق رکندڙ سنڌ جو سريلو راڳي صادق فقير پنهنجي خاندان سان گڏ عمري تي سعودي عرب ويل هو، صادق فقير سان گڏ سندس گھر واري، سالو ۽ ٻه پٽ به سعودي عرب ويل هئا. جيڪي پڻ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿي پيا آهن. صادق فقير جي زخمي گھر ڀاتين کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي جتي انهن جو علاج شروع ڪيو ويو. مٺي مان صادق فقير جي ويجھي مائٽ عبدالله حادثي جي تصديق ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته صادق فقير سعودي عرب ۾ حادثي جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويو آهي. صادق فقير جي هڪ ٻئي دوست عبدالرحمان ميمڻ ميڊيا کي ٻڌايو ته صادق فقير ۽ سندس گھر ڀاتي عمرو ڪري چڪا هئا ۽ هُو زيارتون ڪرڻ ويا هئا. ڪالهه زيارتون ڪري واپس موٽيا ته حادثو ٿيو. هن ٻڌايو ته حادثو ٻن گاڏين جي پاڻ ۾ ٽڪرائجڻ جي ڪري ٿيو. عبدالرحمان ميمڻ وڌيڪ ٻڌايو ته صادق فقير سان گڏ زخمي ٿيندڙ سندس گھر واري، سالو ۽ پٽ ٺيڪ آهن. انهن کي معمولي ڌڪ لڳا آهن. عرفات مان واپسي تي سندن هائي ايس وين سان حادثو ٿيو. صادق فقير وارن جا پاسپورٽ انهن سان گڏ جيڪي ماڻهو هئا انهن حوالي ڪيا ويا آهن. هوڏانهن صادق فقير جي وڇوڙي جي خبر پوڻ تي ڏک ۾مٺي شهر بند ٿي ويو. ماڻهو پنهنجي محبوب راڳي جي وڇوڙي تي لڙڪ لاڙيندا رهيا.

    ريڊيو تان فن جي شروعات ڪندڙ صادق کي ”تو کان ٿيندي ڌار“ سنڌ ۾ مشهور ڪري ڇڏيو

    ڪراچي:صادق فقير عمري تي روانو ٿيڻ وقت پنهنجي چاهيندڙن لاءِ فيس بڪ تي پيغام ڇڏيو هو. ان سلسلي ۾ صادق فقير 24 فيبروري تي پنهنجي فيس بڪ تي لکيو هو ته آئون عمرو ڪرڻ وڃان پيو دوستن کي اپيل آهي ته مون لاءِ دعا ڪن. صادق فقير ناليواري راڳي استاد مجيد خان ۽ ٻين کان تربيت ورتي. هن پنهنجي فن جي شروعات ريڊيو پاڪستان کان ڪئي. جتي هن” لڙڪ لڙي پيا لار ڪري، توکان ٿيندي ڌار“ ڪلام ڳايو، جنهن کانپوءِ هو سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿي ويو. ان کان سواءِ سکي پيا کي ملين ته چئجان، اسين بس رهيا سين اڌورا اڌورا، جهڙا خوبصورت ڪلام ڳايا.

    شيخ اياز زرينا بلوچ بعد صادق فقير کي فنڪارن ۾ اضافو قرار ڏنو

    ڪراچي: ناليواري اديب، دانشور، ليکڪ ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڊائريڪٽر نصير مرزا چيو آهي ته صادق فقير جي وڇوڙي جي خبر سڄي سنڌ واسين تي بجليءَ جيان ڪڙڪي آهي. صادق فقير جي وڇوڙي تي ميڊيا کي موقف ڏيندي نصير مرزا جو چوڻ هو ته ريڊيو پاڪستان ذريعي صادق فقير جو سهڻو آواز گونجيو جيڪو اڄ خاموش ٿي ويو آهي. هن چيو ته شيخ اياز چوندو هو ته زرينه بلوچ جهڙي آواز کانپوءِ صادق فقير سنڌ جي فنڪارن ۾ نئون اضافو هو. هن چيو ته صادق فقير پنهنجي عروج تي اسان کان وڇڙي ويو آهي، سندس وڇوڙو وڏي عرصي تائين محسوس ٿيندو رهندو. هن چيو ته صادق فقير سنجده شخصيت هو، پڙهيل لکيل ۽ ادبي دوستن سان گڏ هوندو هو. هو عام راڳي نه پڙهيل لکيل ماڻهو هو. هو پنهنجي اسٽائل سان ڳائيندڙ راڳي هو.

    مڪي ۾ تدفين جو فيصلو، سوڳ ۾ مٺي ۽ اسلام ڪوٽ بند

    مٺي + اسلام ڪوٽ ( رپورٽ اعجاز بجير+ غازي بجير ) سنڌ ڌرتي کي خوبصورت گيت ارپيندڙ ٿر جو ٻاٻيهو فنڪار صادق فقير سعودي عرب ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويو، مڪي شريف ۾ هاءِ روف گاڏي جي ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي کائي ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ صادق فقير ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس گهرواري شميم ٽن پٽن نزاڪت فقير ، رضا فقير، راحت فقير، ڌيءُ عظما،سالو، سلطان فقير ، عورت سوڊي ، صنم ناز، پير بخش فقير، اعجاز فقير، فتح علي، تاج محمد، ڪريم داد آفتاب فقير، امين بجير، يعقوب سومرو سميت 23 ڄڻا زخمي ٿي پياجن کي مڪي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي چئن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري جدي منتقل ڪيو ويو آهي، جن جي نالن جي تصديق نه ٿي سگهي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته گاڏي ۾ 24 ماڻهو سوار هئاجن مان 20 ڄڻن جو تعلق مٺي ۽ چئن جو ڪنري سان آهي، صادق فقير جو لاش شاهه فيصل اسپتال مڪي ۾ آندو ويو آهي، صادق فقير جي فوت ٿيڻ جي خبر سموري سنڌ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي، جڏهن ته واقعي سبب مٺي ڏيپلو، اسلام ڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ سوڳ شهر بند ٿي ويا، سوين ماڻهو مٺي ۾ سندس رهائش گاهه تي پهچي ويا آهن ، سندس گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو آهي، شاعر، اديب، توڙي وارث روئندا رهيا. هوڏانهن وڏي وزير قائم علي شاهه سريلي راڳي صادق فقير جي سعودي عرب ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ فوت ٿيڻ تي افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي ۽ وڏي وزير پويئرن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو .

    سنڌ ۽ هند جي اديبن طرفان صادق فقير جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار

    ڪراچي (پ ر) سنڌ ۽ هند جي اديبن سنڌ جي نامياري راڳي صادق فقير جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۽ سنڌي راڳي هڪ وڏي راڳيءَ کان محروم ٿي ويا آهن. سنڌ مان شوڪت حسين شوري، مدد علي سنڌي، احمد سولنگي، غفار تبسم، هدايت بلوچ، اسحاق انصاري، اشتياق انصاري، اسحاق سميجي، مرتضيٰ سيال، هند جي اديبن ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي، نند ڇڳاڻي، هيرو ٺڪر، موهن همٿاڻي، ڪيلاش شاداب ۽ سندر اگناڻي پڻ صادق فقير جي اوچتي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.
     
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    صادق فقير جي لاڏاڻي تي – لڙڪ لڙي پيا لار ڪري . . .

    رکيل مورائي

    ڪالهه اهو آلاپ پنهنجي آواز جون لهرون صحراءِ عرب ۾ ڇڏي، الوپ ٿي ويو، جيڪو آواز صحراءِ سنڌ-ٿر مان ويهه کن ورهيه اڳ پنهنجي سموري توانائيءَ سان اڀريو هُئو ۽ جنهن نه رڳو سڄي ٿر کي محفوظ ڪري ڇڏيو پر هو سنڌ ۾ هڪ اهڙو صحرائي، الاپ کڻي آيو، جنهن سنڌ جا وٿاڻ ۽ وستيون واسي ڇڏيا. ڳوٺ ڳوٺ گليءَ گليءَ ۾ ڳايو ويو. نئين سنڌ جي جديد شاعري، نئين رنگ ۽ نئين آواز سان سنڌ ۾ گونجڻ لڳي، اها گونج اسان پياري دوست ۽ نوجوان راڳي صادق فقير جي هُئي.
    سچ ته اهو آهي، اڄ جڏهن صادق فقير، وقت کان اڳ تيزيءَ سان اسان کان وڇڙي ويو آهي ته اسان کي شدت محسوس ٿيو آهي ته شايد سندس تيزيءَ سان اُڀرڻ ئي ان ڪري هُئو. ڪنهن فنڪار کي جيڪو مرتبو سڄي عمر جي رياض کانپوءِ نصيب ٿيندو آهي، اهو مرتبو، صادق پنهنجي محنت، پنهنجي صحرائي آواز ۽ پنهنجي سٻاجھي سڀاءَ سبب ويهن کن سالن ۾ ماڻي ورتو. هُن پنهنجي نج ٿري لهجي ۾ سنڌ جي جديد شاعريءَ کي اهڙو حسين آواز ڏنو جو اها شاعري، سڄي شاعراڻي امرتا سان گڏ موسيقيءَ جي امرتا به ماڻي وئي. صادق فقير پنهنجي سڀاءُ ۾ هڪ ماٺيڻو ۽ ملڻهار نوجوان راڳي هُئو، جنهن سنڌ کي گهڻو ڪجهه الڳ ۽ نئون ڏنو، جيڪو سنڌ وٽ اڳ ۾ نه هُئو.
    ننڍي عمر ۾ صادق فقير ڪيتريون ئي مڃتائون ميڙي ورتيون پر سنڌ جي مها ڪري اياز جا چيل لفظ سندس باري ۾، ادب جي دنيا ۾ پڻ ياد رکيا ويندا، اياز صادق فقير کي ٻڌي چيو هئو ته ”منهنجي شاعري جنهن آواز لاءِ واجھائي رهي هُئي، اهو کيس ملي ويو آهي، صادق فقير جي آواز جي شڪل ۾“. ۽ ڪالهه اُهو آواز اياز جي شاعريءَ ۽ سنڌ جي جديد شاعريءَ ۽ راڳ کان سدائين لاءِ جدا ٿي ويو.

    اڙي موت! ميار، جيڏا روز جدا ڪرين.

    صحراءَ عرب ۾ گم ٿي ويل اسانجو هڪ حسين آواز، سنڌ کان سدائين لاءِ موڪلائي ويو. جيڪو صحراءِ سنڌ کان صحراءِ عرب ڏانهن ڪيترائي قافلا به واپس آڻي نه سگهندا شايد!

    امراءُ القيس ۽، ام ڪلثوم جي ڌرتيءَ تي پنهنجا پويان پساههَ ڇڏيندڙ صادق فقير جو آواز اڄ مائي ڀاڳي ۽ موهن ڀڳت جو آواز ٿر جي ڀٽن ۾ ڳولي رهيا آهن، سنڌ اداس ٿي وئي آهي، سنڌ جي ساڃاهه، سنڌ جا سُر اداس ٿي ويا آهن، شايد کين وري ڪو اهڙو صحرائي الاپ وارو آواز نه ملي سگهي. ۽ سڀ کيس فقط ڪي آلين اکين سان نياپا موڪلين ته:

    سکي پيا کي ملين ته چئجانءِ،
    چاندني تو سواءِ نه ٿيندي.

    فطرت جا پنهنجا اصول آهن، چانڊني به ٿيندي، ٿر ۾ ڪونڀٽ ڪر به کڻندا، واهوندا به ورندا، درد ونديءَ جو ديس به سڪا پوندو، وساري کانپوءِ مورن جا ٽهوڪا به ٻڌي سگهبا، بس جيڪو نه هوندو ۽ جنهن لاءِمٺي ماندي هوندي، اهو صادق فقير جو ٽئگور جي، سانوري شام جهڙو چهرو نه هوندو ۽ اهو آواز/الاپ نه هوندو، جنهن آواز/الاپ سان ٿر جون ڀٽون جاڳي پونديون هيون، جنهن آلاپ سان ستارن ڀريو آسمان گڊيءَ ڀٽ تي لهي ايندو هُئو، مٺي، نوَ ورني ڪنوار جيان جرڪي پوندي هئي، جنهن آلاپ سان پرهه باکون ڪڍندي هُئي، ڪاڪ جو شمائون اجھامڻ لڳنديون هيون، جنهن آلاپ سان اڄ جي مارئيءَ کي ڪڙن ۽ ڪوٽن کان نجات حاصل ڪرڻ جي سگهه ملندي هئي، جيڪو آلاپ جھونا ڳڙهه جھوري وجھندو هئو ۽ جيڪو آلاپ جھروڪ ۾ جهانءَ وجھي سگهندو هُئو، جيڪو سُر، سَون سرن کان وڌيڪ اهم هُئو. هيءُ اهو الاپ هُئو، جنهن بابت ڀٽائيءَ چيو هُئو ته:

    منهنجي مٿي جي هجن، سِرن سوَ هزار،
    تنهنجي ڪاڻ تنوار، هر هر وڍيان هيڪڙو.

    هيءُ ئي صدين کان پوءِ ٿر جي ڀٽن مان اُڏمندڙ الاپ هئو، جيڪو گرنار ۾ گلگلو وجھي سگهڻ جي سگهه رکندو هُئو، سچ پچ هُو جڏهن ڳڙهه پاسي ڳائيندو هُئو ته راڻيون رتولن ۾ اوڇنگارون ڏينديون هيون،ڇوريون چُرڻ ڇڏي ڏينديون هيون.

    مارئيءَ جي ملڪ جو هيءُ الاپ ئي ته هُئو، جنهن کي اڄ ڪو نئون راءِ ڏياچ گهربو هُئو.

    وقت جي تبديلي رڳو اها آهي ته اڄ هُو پاڻ راءِ ڏياچ هُئو، جنهن صحراءِ عرب ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو.

    سنڌ وري شايد صحراءِ عرب ڏانهن واجھائيندي رهندي، ان آلاپ جي واپس ورڻ لاءِ، جيڪو ڪڏهن به ورڻو نه آهي. ها! سنڌ هُن کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي، سنڌي هُن کي وساري نه سگهندا، هُو اسان جي دل ۾ هڪ ياد بڻجي ئي رهجي ويو. جڏهن به هُن جي سار ايندي ته چپن مان نڪرندو.

    توکان ٿيندي ڌار،
    کلندي کلندي يار،
    لڙڪ لڙي پيا لار ڪري.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. عبدالغفار سنڌي

    عبدالغفار سنڌي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 جون 2014
    تحريرون:
    34
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    انالله وانا اليه راجعون...
     
  17. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    انا الله وانا عليه راجعون..بلڪل به يقين نٿو اچي ته ڪو پيارو فنڪار اسان کان ائين وڇڙي ويندو... الله سندن پوئيرن کي صبر ڏئي آمين
     
  18. Moazzam baloch

    Moazzam baloch
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2012
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    انا لِله وانا اليه راجعون
     
  19. Moazzam baloch

    Moazzam baloch
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2012
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ھڪ تا سمجھيو نا مون ٻيوٻڌايو نا تو دل پڪي وئين ڪري دير سان پيوپتو ھا واقعي بلڪل اسان مان ڪنھن کي بي اھا خبر نا ھئي تا جواني جي جوڀن ۾ صادق فقير اسانجي اکين مان ڳوڙھن جا نيرڏيئي اسانکي ھميشا لائي ڇڏي ويندو
     
  20. محمد نويد جمالي

    محمد نويد جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    213
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نواب شاھ
    گهــــوڙن ۽ گهـــــوٽن، جيـــــئڻ ٿــــورا ڏينهنــــــڙا،
    ڪڏهن منجــــهه ڪــوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو