سنڌ ۾ تعليمي ادارن جا نالا ۽ سياسي غلامي

'تعارف' فورم ۾ سعيداحمد مڱريو طرفان آندل موضوعَ ‏10 مارچ 2015۔

  1. سعيداحمد مڱريو

    سعيداحمد مڱريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2015
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    27
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    گذريل ستن سالن کان سنڌ اسيمبليءَ ۾ جيڪي به يونيورسٽيون ٺاهڻ جا بل منظور ڪيا ويا آهن يا نوان ڪيمپس کوليا وياآهن، اهي رڳو شهيد ذالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي نالي سان کوليا ويا آهن، ڊسمبر 2014 ۾ الطاف حسين جي نالي سان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ يونيورسٽيون قائم ڪرڻ جو سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪيو ويو،ڇا سنڌ ۾ رڳو اهي ٻه شخصيتون آهن، جن پاڪستان ۽ سنڌ جي لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي آهي جو سڀ ادارا انهن جي نالن سان منسوب ڪيا وڃن ٿا؟ پر اها به پنهنجي جاءِ تي هڪ حقيقت آهي ته هنن پاڪستان جي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيوآهي ۽ ان جي وفاداري جو انهن کي سلو به مليو آهي، پر مسئلو آهي سنڌ جي سياست ۽ سنڌ جي تعليم جو! سنڌ جي سياست سنڌ جي غريب مزدور ۽هاري طبقي کي ذهني غلام بڻائي ڇڏيو آهي، جيڪوبه ماڻهو جنهن به اداري ۾ وڃي ٿو ته ان اداري جي ٻاهران جنهن بورڊ تي پهرين نظر پويس ٿي، ان تي اهو ئي لکيل ملندس شهيد ذالفقارعلي ڀٽو هاسپيٽل يا شهيد بينظير ٽيڪنيڪل انسٽيوٽ وغيره، هاڻ ته شهرن، روڊن، رستن، شاخن، چوڪن، چوراهن تي پڻ انهن ٻن شخصيتن جا نالا رکيا پيا وڃن، ان ۾ اختلاف ان اداري کي ٺاهڻ جو نه آهي ته ادارا نه ٺاهيا وڃن پر اختلاف هڪ نالي رکڻ جو ئي آهي، اختلاف اهو آهي ته ڇا سنڌ ۾ ٻي ڪا اهڙي شخصيت ئي نه آهي، جنهن هن سنڌ جي ڌرتيءَ تي رهي ڪري انسانيت، امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو هجي يا هن سنڌي قوم جي حقن لاءِ ڪا جنگ وڙهي هجي، جيئن ته سنڌ عظيم شخصيتن صوفين ۽ بزرگن جي نالن سان ڀريل سرزمين آهي، جيڪا ڌرتي باب الاسلام جي نالي سان سڏي ويندي آهي جتي مخدوم بلاول، شهيد شاهه عنايت، سچل،روحل، رکيل، چيزل ۽ٻڍل جهڙيون ڪئي شخصيتون رهيون آهن، جن پنهنجي پيغام ۾ سدائين امن محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي. اسان جيڪڏهن سنڌ جي تاريخ جا ورق اٿلائي ڏسون ته اسان کي هزارن جي انگ ۾ عالم ،مفڪر، ڏاها ۽ اولياءَ ملندا، جن پنهنجي قلم ۽ عمل جي ذريعي انسانيت،امن ۽ علم جو پيغام جهرجهنگ ۾ پهچايو، جن جي نالن کڻڻ سان ئي علم ۽ ڏاهپ جوپيغام ملي ويندوآهي. جن جي نالي سان اسان پنهنجون يونيورسٽيون ۽ٻيا ادارا به کولي سگهون ٿا. پر اسان پنهنجي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين تي سياسي ماڻهن جا نالا رکي ڪري پنهنجي نوجوانن کي ڪهڙو سبق ڏئي رهيا آهيون؟ ته اڄ جو سنڌي شاگرد پيپلز پارٽي يا ايم ڪيوايم مان متاثر ٿي ۽ پنهنجي سياسي شعور کي ڀٽي ۽ الطاف حسين تائين محدود ڪري، ان شاگرد کي ڀٽو ۽ الطاف حسين جي نالن سان ڊگري ڏئي ڪري، ان کي ان سياسي پارٽيءَ سان تعلق جوڙڻ جو ثبوت ٿا ڏيون، انهن شاگردن جي لاءِ اهو ثابت ٿا ڪريون ته سنڌ هنن ٻنهن جو ئي ورثو آهي ، انهن کي معياري تعليم ته ڏئي سگهنداسين پر ان شاگرد جي سوچ کي ۽ ان جي سياسي تبديلي کي هڪ محدود انداز ۾ سمجهنداسين، جيڪو شاگرد الطاف حسين جي نالي واري يونيورسٽي ۾ پڙهندو ان شاگرد کي اسان يا ته ايم ڪيو ايم وارو سمجهنداسين يا پوءِ اردو ڳالهائڻ وارو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يا شهيد بينظير ڀٽو جي نالي واري يونيورسٽي ۾ جيڪو شاگرد پڙهندو، تنهنکي پيپلز پارٽي وارو سمجهنداسين يا سنڌي ڳالهائڻ وارو ڇو جو سياسي ماڻهن جي نالي سان انهن جي سياسي پارٽي ظاهر ٿئي ٿي. ها جيڪڏهن نالو رکيو به وڃي ته هڪ ڀيرو ئي ڪنهن هڪ يونيورسٽي تي يا ڪنهن هڪ ئي سرڪاري اداري تي جيئن خبر هجي ته هڪ ئي ادارو آهي، ان جي نالي سان فلاڻي شهر ۾ ، سنڌ جي هر شهر ۾ سرڪاري ادارا بس هڪ ئي ماڻهو جي نالي سان ٺاهيا وڃن ٿا، سنڌ جي جيڪڏهن ڪنهن به ضلعي ۾ ڪا يونيورسٽي يا ڪيمپس به کوليو ويو آهي ته اها به شهيد ڀٽي جي نالي سان، لڳي ائين ٿو ته سنڌ ۾ هنن ٻنهن سياسي شخصيتن کان سواءِٻيو ڪو رهيو ئي نه آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يا شهيد بينظير ڀٽو جون پاڪستان ۾ جمهوريت کي برقرار رکڻ جي لاءِ لازوال قربانيون آهن، جن جي قربانين کي هي قوم ڪڏهن به ڀلائي نه ٿي سگهي، پر سنڌ هڪ اهڙي سرزمين آهي، جيڪا صوفين جي سر زمين آهي ۽ سنڌ ڌرتي مذهبي انتها پسنديءَ ۽ بنياد پرستي جي خلاف رهي آهي ، مون کي مهاجر يا سنڌي قوميت جي حساب سان به ڪو مطلب نه آهي پر هڪ سوال آهي ته الطاف جو ڪهڙو ڪرداررهيو آهي سنڌ سان سنڌ دوستيءَ جو؟ الطاف جي پارٽي آمريت جي دور هجي يا جمهوريت جي، هن سدائين اقتدار جا مزا ماڻيا آهن پر هن جي پارٽي سنڌ لاءِ ڪهڙا ڪم ڪيا آهن؟ تعلِيم، صحت يا ڪنهن ٻئي عوام جي ڀلائي جي ڪمن ۾ هن جو ڪهڙو ڪردار رهيو آهي؟ پر هن سنڌ جو ڀائيچارو ۽ امن تباهه ڪيو آهي ، بحرحال انهن سياسي ماڻهن جو ڪردار سڀني جي سامهون آهي ته پنهنجي حڪومت جي دور ۾ رهي ڪري هنن سنڌ سان ڪيترا نه قلور ڪيا آهن، جن جي هر دور جي حڪمراني سنڌ کي لاوارث رکيوآهي. جن جي زندگي جو طرز عمل ڪنهن سعودي، دبئي جي بادشاهه جيان رهيو آهي، سنڌ جي تعليمي ۽ٻين ادارن تي انهن جا نالن رکڻ جو مطلب هر گز اهو نه آهي ته اسان تعليمي ادارا ڀٽي ۽ الطاف جي نالي سان ٺاهي ڪري سنڌ جي هر ماڻهو کي تعليم يافته ڪرڻ چاهيون ٿا، پر ان مان اهوثابت ٿئي ٿو ته اسان سنڌ جي ايندڙنئين نسل کي هڪ سياسي ماڻهو جي نالي واري درسگاهه ۾ پڙهائي ڪري، ان جي ڊگريءَ تي ان جو نالو لکي ڪري ان کي سياسي غلام بڻائي رهيا آهيون ، علم حاصل ڪرڻ هڪ سٺو عمل آهي پر اهڙي علم مان سنڌ جي عظيم شخصيتن کي به نه وسارڻ گهرجي، جئين ته اسان پنهنجون اهي يونيورسٽيون سنڌ ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، ۽ ٻين شاعرن ۽ اديبن جي نالي سان به ٺاهي سگهون ٿا، سنڌ جي اندر ادارن جي مٿان سياسي ماڻهن جا نالا رکي ڪري ادارن کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي ته بهتر آهي. ۽ پوءِ ائين نه ٿئي ته سنڌجا ماڻهو مٽياري ۾ محب شيدي يونيورسٽي ۽ دادو ۾ پرو چانڊيو يونيورسٽي جو مطالبو ڪرڻ لڳن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو