زندگيءَ جي ٻي تصوير : بيوس محرم مغيري

'ڪهاڻيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    نوجوان ليکڪ بيوس محرم مغيري جي مختصر ڪهاڻين جو ڪتاب ”زندگيءَ جي ٻي تصوير“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ڪهاڻين جو هي ڪتاب 2010ع ۾ ڪنول پبليڪيشن قنمبر پاران ڇپايو ويو ۽ نيٽ ايڊيشن عباس ڪوريجو جي ويب تان ورتل آهي.

    ڪتاب بابت سعيد سومرو لکي ٿو :

    مختصر ڪهاڻيءَ جي هِـــن دؤر ۾، بيوس محرم مغيري جو پهريون ادبي سڃاڻپ ڪارڊ ’زندگيءَ جي ٻئي تصوير‘ مجموعي لحاظ کان ڀرپور ڏات جو شهڪار نمونو آهي. بيوس محرم مغيري (18-07-1989) بنيادي طور سماج سڌارڪ ڪٿاڪار جي روشن روح جو مظهر آهي. وٽس ڏانءُ به انهيءَ الهڙپن رکندڙ نينگريءَ جي ور وڪڙ وارن وارو آهي، جيڪي هڪ اينگل کان سُلجھيل نظر ايندا آهن ته ٻي طرف کان اڻ نبريل پيا محسوس ٿيندا آهن. قنبر ويجھو ڳوٺ الهه بخش مغيري ۾ جنميل هي ڳڀرو ڪهاڻي نويس، نوجوانيءَ جي جنون ۾، ڪهاڻي رکندڙ هر ٻئي منظر نامي کي پنهنجي اندروني اک سان پرکي، اُن کي پنهنجي ڍنگ سان، پڙهندڙ اڳيان اهڙي ڪهاڻي پڻي سان پيش ڪري پيو، جيڪو شايد اڳ به هُن ٻُڌو هوندو پر ائين نه پڙهيو/ٻُڌو هوندو، جيئن بيوس محرم مغيريءَ سندس اڳيان آندو آهي.
    پراڻين روايتن کي نئين وقت جي تقاضائن تحت ڏسندي، بيوس محرم مغيريءَ جون گھڻيون ڪهاڻيون مادي ترقي پويان ڊڪندڙ، روحاني ڀڃ ڊاهه جو شڪار اڄوڪي سماج جو اُهو تلخ عڪس آهن، جيڪو شايد ڪوئي ماڻهپي وارو منُ ڏسڻ چاهيندو. پر اها المياتي حقيقت آهي ته اسان جو سماج اهڙن اُبتڙ روين جو مظاهرو فخر جوڳي انداز ۾ عام جام ڪرڻ لڳو آهي، جن جو ڪجهه اظهار هنن ڪهاڻين ۾ رقصان آهي.
    شديد سچ جو شائق رائيٽر بيوس محرم مغيري پنهنجين ڪهاڻين ۾ ڏنل موضوعن کي نفسياتي لحاظ کان نئين معنيٰ ارپي رهيو آهي. سندس ڪهاڻيون گواهي ڏين ٿيون ته اُهي ٽئين دؤر جي نفسياتي/مايائي/ٻُچيپڙائي جھڙن وائرسن جون اگھاڙيون تصويرون آهن، جن کي پرکي ڪيرُ پنهنجو پاڻ سڌاري ته جيڪر تباهيءَ ڏانهن وڌندڙ سماج صحيح رُخ ۾ ترقي ڏانهن سفر ڪري.
    ادبي سنگت قنبر جو هي سرگرم ڪهاڻيڪارُ چند مشاهداتي غلطين کان پاند آجو ڪرائي، ايندڙ ڪهاڻيڪار ٽهيءَ ۾ ضرور اڳڀرو ڳڻبو.


     

هن صفحي کي مشهور ڪريو