قومپرست اڳواڻ عبد الواحد آريسر به گذاري ويو

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 مئي 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    قومپرست اڳواڻ، پنهنجي لکڻين ۽ تقريرن سبب شهرت ماڻيندڙ، سائين جي ايم سيد سان ويجهو رهندڙ عبد الواحد آريسر لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي ۾ گذاري ويو. سندس وڇوڙي تي نور محمد سمون لکي ٿو ”پيرون چونڊيندڙ ماءُ جي پُٽ جو وڇوڙو نه رڳو سندس بيوھ، ڌيءُ، ٻين مٽن مائٽن، دوستن ۽ پارٽي اڳواڻن لاءِ صدمو آهي پر هي شخص پنهنجي پروقار شخصيت ۽ منفرد ڪردار جي ڪري انهن ماڻهن لاءِ به وڏي اتساھ جو ذريعو هو جيڪي سندس سياسي نظرئي سان هزارين اختلاف رکندا هئا.
    راجستان کان لڏي تڏهوڪي سنڌ جي هن سرسبز ۽ شاداب علائقي ڏانهن ايندڙ هزارين خاندانن مان هن جو خاندان به هڪ هو. ڳوٺ صاڀي واري مڪتب ۾ پڙهڻ بعد ڀينڊو شريف جي مدرسي مان پڳ ٻڌي مولوي ٿيڻ کان پوءِ جنرل ايوب جي دور ۾ سياست ۾ پير پائيندڙ آريسر جڏهن سائين جي ايم سيد سان مليو ته ٻئي هميشه لاءِ هڪ ٻئي جا ٿي ويا. سندس علم ۽ ذهانت جي ڪري هن کي پارٽي ۾ وڏن عهدن تي رکيو ويو،تقرير ۽ تحرير سڄي زندگي سندس ٻانهيون رهيون، سندس ڪيترائي ڪتاب ۽ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندڙ مضمون ۽ انٽرويوز تمام گهڻو پڙهيا ويندا هئا اهو ئي سبب هو جو هن پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ ايل ايم سي ۾ 2 شاگرد ڌرين ۾ ٿيل جھيڙي ۾ شهيد ٿي ويل هڪ ٿري شاگرد ڪمال راهمون جي باري ۾ صرف چند سٽن جي هڪ پيراگراف ۾ هڪ شاگرد جو ذڪر ڪيو ۽ پوءِ اهو عام شاگرد هڪ عظيم اڳواڻ بڻجي ويو هو“

    عبد الواحد آريسر جو تعارف

    سنڌ جو قومپرست سياستدان، تاريخدان، اديب، عبدالواحد، آريسر 11 آڪٽوبر 1949ع تي، ڳوٺ انڙ آباد لڳ ھاسي سر ريلوي اسٽيشن، تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو جادو آريسر ھو، جيڪو ھارپو ڪندو ھو. عبدالواحد آريسر عمرڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ صاڀي جي پرائمري اسڪول مان پنج درجا سنڌي پڙھيا، ان بعد مختلف مدرسن، جن ۾ ڀينڊي شريف جو مدرسو. مدرسه ھاشميه سجاول، مولوي عبدالحي نوحاڻيءَ ڪنگوري (تعلقي ڊگھڙيءَ) واري جو مدرسو، مدرسه مفتاح العلوم حيدرآباد ۽ شاھ ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد شامل آھن. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي به سندس استاد رھيو آھي. آريسر صاحب اورينٽل ڪاليج حيدرآباد مان 1968ع ۾ مولوي عربيءَ جو امتحان پاس ڪيو. ھن کي ابتدا کان وٺي مطالعي ۽ لکڻ پڙھڻ جو شوق ھو. 1966ع ۾ ڪنگوري مدرسي ۾ پڙھڻ دوران ”ربيع الاول جا چار چنڊ“ عنوان سان پھريون مضمون لکيائين، جيڪو ھفتيوار ھمدرد، ميرپورخاص ۾ ڇپيو، سندس ٻيو اوائلي مضمون 1968ع ڌاري ماھوار ”بادل“ حيدرآباد ۾ لسانيات بابت ڇپيو، جيڪو ھن مخدوم غلام حيدر صديقيءَ طرفان ڊاڪٽر الانا جي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد“ تي ڪيل تنقيد جي جواب طور لکيو.

    آريسر صاحب ادبي، مذھبي ۽ سياسي ميدان ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد، جي ايم سيد، مولانا عبيدالله سنڌيءَ ۽ مولانا حسين احمد مدنيءَ کان متاثر رھيو آھي، سندس پھريون ڪتاب، مولانا آزاد جي قولن تي مشتمل ”جواھر آزاد“ 1970ع ۾ اردو ۾ ڇپيو، 1972ع ۾ سنڌيءَ ۾ ماھوار ”پيغام“ جاري ڪيائين، حنفيه مسجد ڊومڻ واھ روڊ حيدرآباد ۾ خطيب رھيو. 1973ع ۾ سنڌ جي وزيراعليٰ ممتاز علي ڀٽي جي دور ۾ سندس ڇپيل مضمون ”سنڌ جو ڏھيسر دھشتگردن جي حضور ۾ “ تي سرڪار سندس گرفتاريءَ جا وارنٽ ڪڍيا ۽ آريسر مسجد ڇڏي ڪل وقتي سياست ۾ شرڪت ڪئي. 1972ع ۾ جي . ايم. سيد طرفان حيدر منزل ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيل جيئي سنڌ محاذ جو بنيادي ميمبر ٿيو. 1977ع ۾ جيئي سنڌ محاذ جي نئين سر جوڙجڪ وقت ان جو مرڪزي آرگنائيزر مقرر ٿيو. 1990ع تائين جيئي سنڌ محاذ جو مرڪزي آرگنائيزر ۽ 1992ع کان 1995ع تائين چيئرمئن رھيو. 1995ع ۾ جي. ايم. سيد جي وفات بعد نئين جڙيل جيئي سنڌ قومي محاذ جو 1995ع کان 1997ع تائين ھڪ سال آرگنائيزر ۽ ٻه سال چيئرمئن رھيو ۽ هن وقت جيئي سنڌ قومي محاذ جي هڪ حصي جو چيئرمئن آهي. سنڌ ۾ جي.ايم. سيد جي فڪر پکيڙڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رھيو آھي. سنڌ جي سياست ۾ عبدالواحد آريسر ۽ حفيظ قريشي مشھور مقرر مڃيا وڃن ٿا. آريسر صاحب جا ھيٺيان ڪتاب اھم آھن: ”پرھ جو پيغام“ (1975ع)، ”صدين جون صدائون“ (1975ع)، ”جي ايم سيد“ (1976ع)، ”سر ۾ سانجھي وير“ (1979ع)، ”ٽھڪي نڪتا ٽوھ“، ”قومي تحريڪ“، ”وريا واھرو“ (1981ع)، ”مٽيءَ ھاڻا ماڻھو“ فرانر فينن جي ڪتاب جو ترجمو (1983ع)، ”ترم ياترا“ (1985ع)، ”ٿي نه محبت مات“ (1986ع)، ”ماڙين ماريس ڪينڪي، ”مجيب ۽ ڀٽو“، ”چانڊوڪيون ۽ چيٽ“ (1987)، ”تقريرون“ (1989ع)، ”قومي تحريڪ“ ”قومي تحريڪ ۾ رڪاوٽون“، (1990ع)، ”اسان جيئن جيئي ڪو“ (1998ع)، ”روح جا ريلا“ (1999ع)، ”سر جي صدا سر ۾“ (2000ع) ۽ ”سچ وڏو ڏوهاري آهي“: (مخدوم بلاول جي تحريڪ بابت: 2006) وغيره.

    عبدالواحد آريسر قومي سياست ۾ وقت به وقت جيل ڪاٽيا، ھو پھريون ڀيرو 11 اپريل 1976ع تي جيل ۾ ويو، جتان سيپٽمبر 1977ع ۾ آزاد ٿيو، ٻيو ڀيرو آگسٽ 1979ع ۾ جيل ويو ۽ جولاءِ 1981ع ۾ آزاد ٿيو. ٽيون ڀيرو آڪٽوبر 1992ع ۾ گرفتار ٿيو ۽ مارچ 1993ع ۾ آزاد ٿيو ۽ چوٿون دفعو 11 آگسٽ 1999ع تي ھڪ ھفتي لاءِ جيل ويو. ٿر جي ھن غريب پورھيت جي پٽ سياستدان، سياست ۾ پنھنجو وقار ۽ عزت بحال رکي آھي.

    عبد الواحد آريسر 3 مئي 2015ع تي لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.


    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    الله پاڪ سندن روح کي راحت نصيب فرمائي ۽ جنت الفردوس عطا فرمائي ، پونئرن کي صبر جميل عطا فرمائي ، سنڌ جي عاشق کي سرخ سلام
     
  3. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    خدا کيس پنهنجن رحمتن جي سايه ۾ رکيس.
     
  4. عزيزالله ميمن

    عزيزالله ميمن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2012
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    Retired form govt.
    ماڳ:
    ميمن گوٽ ماير
    ، سنڌ جي عاشق کي سرخ سلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو