ناڪامين کي ڪاميابين ۾ تبديل ڪرڻ جو گُرُ

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏6 مئي 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    رضا ٻرڙو

    [​IMG]جنهن جو والد هڪ ننڊڙي هوٽل ۾ ٿانو ڌوئندو هجي ۽ ان جي والده آفيسن ۾ معمولي نوڪريون ڪندي هجي پر اهو پٽ پهريون ڪاري نسل جو آمريڪي صدر بڻجي. گجرات ريلوي اسٽيشن تي پنهنجي والد جي ٻاڪري هوٽل تي 06 سالن جي عمر ۾ ” چانهن گرم چانهن گرم “ جا هوڪا ڏيندو هجي ۽ 21 سالن جو ٿئي ته پنهنجي پارٽي آفيس کي ٻهاري ڏئي ۽ ڪرسيون صاف ڪري اهو انڊيا جو پندرهون وزيراعظم نريندر مودي بڻجي وڃي. ڏهن سالن جي لاءِ منتخب ٿيل چين جو وزيراعظم ” پي جن پنگ “ فيڪٽري مزدور هيو ۽ 1972 ۾ اهڙيون حالتون منهن پيس جو هن کي هڪ غار ۾ رهڻو پيو. بل گيٽس کي هارورڊ يونيورسٽي منجهان نيڪالي ڏني وئي پنهنجي دوست پال ايلن سان گڏ هن جو پهريون ڪاروبار به ناڪام ٿيو هو پر هن جي اڳلي ڪوشش مائيڪرو سافٽ جو بنياد بڻي ۽ اڄ بل گيٽس دنيا جو امير ترين انسان آهي. هڪ اهڙو شاگرد جيڪو پنهنجي پڙهائي جو خرچ پورو ڪرڻ لاءِ هڪ فارم هائوس تي چوڪيداري ڪندي ان کي مالڪ ڪڏهن پوري پگهار به نه ڏني انهي عام شاگرد آئزڪ نيوٽن دنيا کي حرڪت جا قانون ڏنا. بيوقوف ۽ نالائق مشهور ٿامس ايڊيسن پنهنجي نالائقين جي ڪري ٻن نوڪرين مان ڪڍيو ويو ليڪن ان ايڊيسن هزار ناڪام ڪوششن بعد آخرڪار بلب ايجاد ڪيو. چئن سالن تائين هڪ به لفظ نه ڳالهائي سگهندڙ آئين اسٽائين موڳائپ جي ڪري اسڪول منجهان ڪڍيو ويو تنهن کانپوءِ ڪيترن ئي سالن تائين ڪوبه تعليمي ادارو هن کي داخلا ڏيڻ لاءِ تيار نه هيو پر اڳتي هلي ڪري ان آئين اسٽائين فزڪس جي دنيا ئي تبديل ڪري ڇڏي. جڏهن رائيٽ برادرز سائيڪل ٺاهڻ ۾ ناڪام ٿيا ته هي هڪ ٻئي مشين ٺاهڻ جي جستجو ۾ لڳي ويا ۽ پوءِ 700 ناڪام ڪوششن کانپوءِ ٻنهن ڀائرن اهڙي مشين ايجاد ڪئي جنهن کي دنيا هوائي جهاز سڏيندي آهي. آمريڪا جو سورهون صدر ابراهم لنڪن جيڪو ننڊپڻ ۾ جوتا ڳنڍيندو هيو، برطانيه جو سابقه وزيراعظم جان ميجر جنهن کي ڊگهي قد هجڻ ڪري بس ۾ ڪنڊيڪٽري جي ملازمت نه ملي. اڄ ترڪي جي سڃاڻپ صدر طيب ايردوان ماضي ۾ استنبول جي گهٽين ۾ پيسٽريون وڪڻندو هيو. سچن ٽنڊولڪر ڏهين جماعت ۾ ناپاس ٿيو. اداڪار رجني ڪانت بس ڊرائيور ۽ گلوڪار محمد رفيع درزي هيو.

    [​IMG]اداڪار شاهه رخ خان بينچن تي سمهي ۽ پنهنجي دوست کان 20 روپيا اوڌارا وٺي ڏينهن گذاريا. آسڪر ايوارڊ آفته موسيقار اي آر رحمان غربت جي سبب ڪري اڳتي پڙهي نه سگهيو. هنري فورڊ پنهنجي پهرين پنجن ڪاروبارن ۾ اهڙو ناڪام ٿيو جو ڏيوالو نڪري ويس پر هن جي ڇهين ڪوشش آمريڪا ۾ گاڏين جي سڀ کان وڏي ڪمپني فورڊ جو بنياد رکيو. آر ايڇ ميسي جا پهريان ست ڪاروبار شروع ٿيڻ کان پهرين ختم ٿي ويا پر اٺون دفعو جڏهن هن نيويارڪ ۾ ميسي گارمينٽس کوليو ته پوئتي ڪنڌ ورائي نه ڏٺائين. پنهنجي والد جي سائيڪلن جي دڪان تي ڪم ڪرڻ واري سوچير يوهنڊا کي روايتي تعليم سان ڪابه دلچسپي نه هئي ٽويوٽا موٽرز ۾ جڏهن هن کي نوڪري نه ملي ته هن قرض کڻي گهر ۾ موٽرسائيڪل ٺاهڻ شروع ڪئي ۽ پوءِ دنيا هنڊا موٽرز کان متعارف ٿي. اڪيومور تياڪا ڪڪر ٺاهڻ ۾ ناڪام ٿيو ته هن جي اڳلي ڪوشش سان سوني ڪارپوريشن وجود ۾ آئي. مرغي کي هڪ الڳ طريقي سان ترڻ جي نئين ترڪيب هڪ هزار ڀيرا رد ٿيڻ کانپوءِ مارلينڊ ڊيوڊ کي جڏهن هڪ ننڊڙي ريسٽورينٽ ۾ ملازمت ڪرڻ جي اجازت ملي ته ڪي ايف سي وجود ۾ آيو. اڄ اهو ڪهڙو ملڪ آهي جتي ڪي ايف سي نه هجي. خلائي جهاز (راڪيٽ) کي ايجاد ڪندڙ رابرت گوزرز ڪاليج واري ڏينهن ۾ نالائقين جي ڪري روزانو ٻه ٻه ڪلاڪ سزا طور بينچن تي بيهندو هيو. ڪاليج ۾ پهرين سائڪالوجي جي ٽيسٽ ۾ سي گريڊ کڻڻ وارو رابرٽ اسٽينبرگ آمريڪن سائڪالوجي ايسوسيئيشن جو صدر بڻيو. پرتگالي فٽ بالر ڪرسٽينو رونالڍو جي والده بورچي ۽ والد ميونسپل ڪميٽي ۾ مالهي هيو. پر اهو رونالڍو 2009 کان 2013 تائين دنيا جو امير ترين کلاڙي ٿي رهيو. ڪرڪيٽر محمد يوسف جو والد ريلوي ڪلي هو ۽ هن بهاولپور ۾ رڪشو به هلايو ۽ درزڪو ڪم به ڪيو. ڪرڪيٽر اظهر محمود پنهنجي والد جي دڪان تي لوهه جو ڪم به ڪيو. اڄ ڊگهي قد سان سڃاتو ويندڙ بالر محمد عرفان پولٽري فارم ۽ پائيپ فيڪٽري ۾ مزدوري ڪئي. اهي ته هڪڙا چند مثال هيا اهڙيون هزارين ڪهاڻيون ٻيون به آهن. ناڪامين کان ڪاميابين ۽ اوندهه کان روشنين ڏانهن ماضي جيان اڄ به سفر جاري آهي ۽ جاري رهندو. پر غور طلب ڳالهه اها آهي ته انهن سڀني ۾ ڇا هيو جيڪو اسان ۾ ناهي غور ڪرڻ کانپوءِ خبر ٿي پوي ته انهن ۾ خود اعتمادي هئي مستقل مزاجي هئي، مستقل محنت ڪرڻ جو جزبو هيو ۽ انهن وقت جو صحيح نموني استعمال ڪيو. چوندا آهن ته دنيا جي بازار ۾ زندگي جو سڀ کان وڌيڪ قيمتي سڪو خود اعتمادي آهي. خود اعتمادي اهڙو جذبو آهي جيڪو ناممڪن کي ممڪن بڻائي سگهي ٿو. ڪاميابي جي چيڪ محنت جي بينڪ منجهان ڪهڙي به وقت ڪيش ڪرائي سگهجي ٿي. ها اهو به سچ آهي ته فتح مستقل مزاج ماڻهن جو مقدر ٿي سگهي ٿي. باقي رهي ڳالهه ته وقت سڀني کي ملندو آهي زندگي بدلائڻ لاءِ پر زندگي ٻيهر ناهي ملندي وقت بدلائڻ لاءِ وقت کي خوشنصيب ماڻهو ئي سمجهي سگهن ٿا. انهي حوالي سان امام غزالي چوي ٿو ته وقت جي پويان ڊوڙڻ بجاءِ ان کي اڳيان پڪڙيو. رومي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن وقت جو قدر نه ڪيو ويو ته هي سڀ ڪجهه ڇني ويندو آهي. افلاطون چيو ته وقت اها زمين آهي جيڪا هر وقت محنت جي گهر ڪندي آهي.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    يقين جي ڳالهه آهي پوءِ ڪو مڃي نه مڃي ته قسمت هڪ دفعو هر ڪنهن کي ضرور موقعو ڏي ٿي ته هو ڪُجهه ڪري سگهي. ان موقعي کي سمجهڻ ۽ ان جي فائدي وٺڻ جي ڳالهه آهي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    ادا جبار آزاد منگي صاحب تمام سٺي تحريرآهي..
    هر انسان کي مالڪ سائين حوصلو ڏنو آهي.
    مون هڪ هنڌ هڪ ڏاهي جا لفظ پڙهيا جيڪي هر وقت منهنجي ذهن ۾ گردش ڪن ٿا.
    لفظ هي هئا
    "مون کي يقين آهي ته آئون گهڻو ڪجهه ڪري سگهان ٿو، ڇاڪاڻ ته مون کي الله سائين خلقيو آهي. يقينن هن جي تخليق بيڪار نه هوندي آهي."
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو