گهوٽڪي آپريشن

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏17 مئي 2015۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    گهوٽڪي ۾ آپريشن تي حڪومت کي ڀلايو پيو وڃي ....هي پنجاب جي چال آ جيڪا هڪ پنجابي ايس ايس پي جي منشا تي پنجاب جي پوليس جي بي جا مداخلت ڪرائي پئي وڃي ...ٻيو ڪجه به نه آهي هتي گهوٽڪي سنڌ جو ضلعو آ پر پنجابي ماڻهن جو هتي انبارن جي تعداد ۾ هجڻ هڪ بي چيني جو سبب آ ۽ هي آپريشن پنجاب جي پوليس جي دخل اندازي آ هڪ صوبي جي ٻي صوبي ۾ جيڪا ڀلي ڀت ڪرائي پئي وڃي ۽ وزير اعليٰ کي غلت خبر ڏني پئي وڃي ته هتي ٽي ٽي پي ۽ بي ايل او جا ماڻهو آهن جيڪا سراسر ڪوڙ ٺڳي چال آهي سنڌ جي وحدت تي وار هر ڪنڊ کان ڪيو پيو وڃي .........ڪجه هوش کان ڪم وٺو سنڌ سرڪار ۽ سنڌ جي پوليس هن معملي ۾
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    سائين رسول بخش صاحب اڃ تائين پنجاپ پوليس جي هٿان جيڪي به ماڻهو سنڌ جي ضلعي گهوٽڪي جي حد ۾ ماريا ويا آهن اهي نامور ڏوهاري هئا ۽ انن جي سنڌ توڙي پنجاب جي ٿاڻن ۾ ڪيترائي ڪيس داخل آهن. جيڪو ڪم گهوٽڪي جي پوليس کي ڪرڻ گهرجي اهو ڪم پنجاپ پوليس ڪري ٿي.
    هاڻوڪي آپريشن سان گهوٽڪي جي عوام کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. اغوا جي وارداتن ۾ گٽتائي اچي سگهي ٿي. رهيو سوال گهوٽڪي ضلعي ۾ پنجابي ماڻهن جو سوال هي بارڊر جو علائقو آهي جتي ماڻهو هڪ ٻئي سان مليل آهن ماڻهن جون رشتيداريون آهن ان ڪري ماڻهن جي اچ وڃ کي نه ٿو روڪي سگهجي. پر ڪجهه شڪايتو ملٽي نيشنل ڪمپنين سان آهن جيڪي لوڪل ماڻهن کي نظرانداز ڪري ٻاهراين ماڻهن کي نوڪريون ڏئي رهيون آهن.
     
  3. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    سائين توهان شايد هن جي گهرائي کي سمجهي ئي نه سگهيا آهيو ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ هي گهوٽڪي جنهن ما بنا روڪ ٽوڪ جي گيس پيو پنجاب وڃي ۽ هي ڪجه ڏوهاري به انهن پناجب جي ماڻهن جا هٿراڌو ٺاهيل آهن جن کي سنجر پور رهيم يار خان راجنپور ۾ ترسايو ويندو آهي ۽ پو وري مخبري ڪري انهن کي مارايو ويندو آهي جيڪي زاتي دشمنين ۾ هڪ ٻي جا دشمن ته آهن پر ڏوهاري نه آهن هي سلتو شر يا ڪو ٻيو سڀ انهن جي مڪاري آ سنڌ ۾ ٻين معملن جي مداخلت سان گڏو گڏ .....محترم ڪڏهن سنڌ پوليس ڏوهن ۾ گهربل پنجابي کي پڪڙڻ ڪڏهن پنجاب وئي آ نه هي صرف ڊرامو ۽ سنڌ تي حاوي ٿيڻ جو اصول آ ...سنڌي ڪو به پنجاب ۾ ايس ايس پي مقرر نه ٿو ٿي جي ٿي ٿو ته اسلام آباد ۾ هن جي اهڙي تذليل ڪئي ٿي وڃي جو وري ڪو اوڏانهن سپرائي به نه ٿو پر سنڌ ۾ اڌو اڌ غير سنڌي پوليس آفيسر فوجي رٽائيرڊ به هت کپايا وڃن ٿا هن وقت گهوٽڪي پوليس جو ايس ايس پي ڪير آ ...بابلا هو هڪ پنجابي آ ۽ هتي ته جيڙهي واري پنجابي جي به حفاظت ڪرڻ لا ايجنسيون پيو ڪم ڪن ۽ رينجرس ۽ فوج ان کان علاوه منهنجا ڀا ...وڌيڪ وس جا مالڪ آهيو
     
  4. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    سائين توهان ڳالهه کي ڪجهه وڌائي ويا آهيو هي ڌاڙيل سنڌ جو فخريا حصو نه آهن هي هڪ سنڌ تي داغ آهن . منهنجي خيال ۾ جيڪو صرف ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي هي پهريو دفعو ٿيو آهي ۽ بهترين عمل آهي. اسان سنڌ کي ڌاڙيلستان نه ٿا بڻائڻ چاهيون الطاف حسين به ڪيترائي دفعا ميهڻا ڏئي چيڪو آهي ته سنڌي پهرين ڌاڙيلن وارو ڪلچر ته ختم ڪن. ڪچي جي علائقي ۾ صرف سو کان ٽي سو ڌاڙيل آهن جيڪي گهوٽڪي کان حيدرآباد تائين مين روڊ سان وارداتون ڪن ٿا ۽ ماڻهن کي اغوا پڻ ڪرن ٿا.
     
  5. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ڀائو هي هڪ بهانو آ باقي ڌاڙو ڪير ٿپ هڻي اهو ڀلي ڀت سڀ کي خبر آ .....هي سنڌي ماڻهن کي هيسائڻ جو حيلو آ باقي سنڌ جي امن سان هنن جي محبت جي خبر آ ته ڪيتري سنڌي ماڻهن سا سڪ پيار ۽ محبت امن رکن ٿا ....اسان به هن علائقي جا آهيون هي ڪجه ذاتي دشمنن جي ڪري ڀاڳيلا آهن جن کي هي ڌاڙيل پيا چون ....ڇا سلطو شر جون ٽي وي تي بيان نه ٻڌا توهان ....بس هر ڪو پنجاب جي پوءِ واري ۾ لڳو پيو آ ...ڇا چئجي ڪنهن کي چئجي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو