سُهڻا توکي ڪيهو هاڻِي هاڻِي، ڏواراپو ڏيان، ڀلو مَن موهَڻا؟ وس ويچاريءَ جو ناه اَصل کَون، تون پرين پاڻهين ڄاڻِي. اَندر منهنجي وو آهي اوهان جِي، ڏاڍي سا سِڪ ساماڻِي. اَوهان ٻاجھون ويٺي اوتيان، پنبڻين مان پاڻِي. سچو اَوهان جو آهي اَصل کَؤن، پنهنجو سو سڱ سُڃاڻِي.