مورو شهر ۽ شهرين جي سار ڪير لهندو-------

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ وحيد مستوئي طرفان آندل موضوعَ ‏23 آگسٽ 2015۔

  1. وحيد مستوئي

    وحيد مستوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Moro, Sindh
    مورو شهر ۽ شهرين جي سار ڪير لهندو-------

    وحيد رزاق مستوئي

    Moronews288@gmail.com

    0306.3421288

    سنڌ جي دل واري حيثيت رکندڙ شهر مورو ڪيترن ئي مسلن جي ور چڙهي ويو آهي مگر ڪنهن به چونڊيل نمائندي ڌيان نه ڌريو آهي جنهن جي ڪري مورو شهر اڳ کان وٺي هن وقت تائين پنهنجي اصل حيثيت ۽ سُونهن وڃائي چڪو آهي ڇاڪاڻ ته چوندا آهن ته (ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي) سو اهو پهاڪو مان سمجھ لائق کان ٻڌندو پيو آيس پر اڄ هن پهاڪي حقيقت ۾ ڏسي ورتو آهي، اصل ۾ ڳالھ صرف چونڊيل نمائندن جي به نه آهي ڇاڪاڻ ته اسان پڻ انهي شهر جي تباهي جا ذميوار آهيون جنهن جي ڪري اڄ اسان تڪليفن کي مُنهن ڏئي رهيا آهيون جيڪڏهن ووٽن جي وقت اسان انهن چونڊيل نمائندن کان صرف هڪ گهر ڪريون ها جيڪا اسان جو هڪ اٽل فيصلو هجي ها ته شايد اڄ اها تڪليف نه ڏسني پوي نه ئي ٻين مسافرن جي وات مان اهي الفاظ ٻڌڻا پون ها ته ( مورو شهر آهي يا موئن جو دڙو يا کنڊرات بڻيل شهر آهي) ( هي شهر سنڌ جي دل آهي يا ڪِني پيٽ جي اوجهري آهي) اهي الفاظ انهي ڪري ٻڌڻا ٿا پون جو اسان خاموش بڻجي ويهي رهيا آهيون جيڪا اسان جي ڪوتاهي آهي ۽ اسان جا چونڊيل نمائنده توڙي موجود سنڌ حڪومت پ پ جا اڳواڻ جيڪي وڏا وڏا واعدا ڪري جيڪي وڏا وڏا خواب ڏيکاري اسان جي شهر جي عوام کي بي وقوف بڻائي وڃي وڏين ڪرسين تي ٽيڪجي ايسين جا مزا ماڻن لڳا ته ڪجھ وري لنڊن ۽ بمبئي جي بازارن ۾ مزا ماڻن لڳا آهن هن وقت اسان جي شهر مورو جي صورتحال خراب ڪندڙ هتان جا سڀئي چونڊيل نمائنده ۽ پ پ سميت بيٺل ووٽن جا اميدوار آهن ڇاڪاڻ ته هن وقت اهو چرچو عروج تي آهي ته هڪ پاسي نمائندن جو چوڻ آهي ته مورو جي عوام اسان کي ووٽ ناهي ڪيو پ پ کي ڪيو آهي ته ٻئي پاسي پ پ وارن جو چوڻ آهي ته عوام جتوئي خاندان کي ووٽ ڪيو آهي جڏهن ته آزاد اميدوار طور تي بيٺل سيد ڪاظم علي شاھ جي سندس فيملي جي وڏي حادثي سبب پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويو آهي جيڪو ڪافي وقت کان پٽ جي وفات ۽ سندس گهر ڀاتين جي زخمي ٿيڻ سبب اسپتالن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي هن وقت افسوس ۽ ڏکارو بڻيل آهي مگر ان جي باوجود هو مورو جي عوام سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلي رهيو آهي ها هتي اهو لکڻ کان نه گهٻرائيندس ته ڪافي مورو جي شهرين جي گڏيل جدوجهد کانپوءِ مورو مين روڊ جو ڪم پ پ اڳواڻ فيروز جمالي واعدو ڪري شروع ڪرايو آهي جيڪو هلندي هلندي رڪجي ويو جنهن کي ذري گهٽ اچي هڪ سال پورو ٿيڻ واو آهي پر ٺيڪيدار خبر ناهي ڪاڏي گم ٿي ويو آهي مورو شهر جي ڀلائي لاءِ مين روڊ جي وچ مان وڏو گندو نالو ايم پي اي مسرور احمد خان جتوئي آندو جيڪو پڻ 3 جانيون ڳڙڪائڻ باوجود ٺيڪيدار جي عدم دلچسپي سبب اڻ پورو آهي مورو شهر جا اڪثر رستا ٽٽل آهن پر انهن جي آي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي پئي وڃي ڪير پڇا ڪرڻ وارو ناهي جيڪڏهن ڪير انهي خلاف آواز اٿاري ٿو ته ان خلاف غلط پروپيگنڊا شروع ڪندي ڌمڪايو وڃي ٿو شهر ۾ اڪثر سرڪاري بلڊنگون قبضا گيرن جي قبضي هيٺ آهن انهي ۾ ميونسپل ڪاميٽي هجي، ايريگيشن هجي، روڊس کاتو هجي، ايگريڪلچر هجي، هيلٿ هجي، چلڊرين پارڪ هجي مقصد ته هر جاءِ تي قبضا گروپ ڄميل آهي ان جي خبر هر چونڊيل نمائندي سان گڏ پ پ حڪومت کي پڻ آهي پر ڪير به انهن خلاف قدم کڻڻ جي لاءِ تيار نه آهي منهنجي ڪنهن تي به ڪا ذاتي تنقيد نه آهي نه ئي ڪرڻ چاهيان ٿو صرف ۽ صرف منهنجي هن مضمون لکڻ جو مقصد آهي عوام کان ووٽ حاصل ڪندڙن جو ضمير جاڳائڻ آهي ڇاڪاڻ ته انهن مورو سميت مورو جي شهرين کي بلڪل وساري ڇڏيو آهي باقي فوتگي تي سڀ ڪو اچي ڏک ۾ برابر جو شريڪ ٿيندو ۽ شادين ۾ سڀ اچي شريڪ ٿيندا جيڪڏهن چونڊيل نمائنده شريڪ ٿيا ته ڪا وڏي ڳالھ نه آهي ڇاڪاڻ ته انهن کي پنهنجو قيمتي ووٽ ڏئي ايوانن تائين اسان عوام ئي ٿا پهچايون پر ان جي باوجود اسان کي نظر انداز ڪندي اسان جي شهر کي پڻ نظر انداز رکيو پيو وڃي جيڪا هڪ افسوس ڪن ڳالھ آهي، ٽي لک کان وڌيڪ آبادي رکندڙ شهر مورو ڪيترن مسئلن جي ور چڙهيل آهي مورو شهر جي مختلف روڊن رستن، ڪالونين، محلن ۾ گٽرن ۽ نالين جو گندو پاڻي رستن تي نڪري آيو گندي جا ڍير لڳل آهن جنهن جي ڪري مورو شهر جي شهرين کي تمام گهڻي دشواري پيش اچڻ لڳي آهي جڏهن ته شهر جي سمورن رستن تي ڪيترن ئي ڏينهن کان نالين ۽ گٽرن جو پاڻي بيهجي ويو آهي مين روڊ جي وچ ۾ مين هول کليل آهن جنهن جي ڪري موٽر سائيڪل سوار ڪيترائي ڀيرا انهن ۾ ڪِري پيا آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو معصوم ٻار زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته حڪومت سنڌ پاران صفائي مهم هلائڻ، ميونسپل عملي ۾ ڪم نه ڪندڙن خلاف ڪاروائي جي باوجود ميونسپل عملو غائب ٿيل آهي جنهن جي ڪري گندگي جا ڍير لڳل آهن ۽ شهري پنهنجي مدد پاڻ تحت روڊن، رستن ۽ محلي جي گهٽين مان نالين جو گندو پاڻي ۽ گندگي ڪڍي رهيا آهن ان کان علاوه مورو شهر ۾ گندگي ۽ گندي نالي جي پاڻي جي صفائي نه هجڻ سبب شهر ۾ مڇرن جو آزار ٻيڻو ٿي ويو آهي جنهن سبب مليريا، ڊائريا، گيسٽرو سميت ٻيون بيماريون سامهون اچي ويون آهن، روڊ نه ٺهڻ ڪري ڌوڙ دزي سبب الرجي، سهڪو دم کنگھ، روڊن رستن تي پيل گندگي جي ڍيرن ڪري هيپاٽائيٽس بي ۽ ٻين مرضن ۾ هزارين شهري مبتلا ٿي ويا آهن. گٽرن ۽ نالين بند هجڻ سبب آلودگي پيدا ٿيڻ ڪري شهر جا ماڻهو هاڻي ته ساھ کڻڻ لاءِ به اسپتال ۾ ڊاڪٽرن وٽ بيٺا آهن. گٽرن ۽ نالين جي اٿلڻ سبب گهر، دُڪان، اسڪول، اسپتالون، بازارون، محلا، پاڙا ٻوڏ جي منظر جو ڏيک ڏئي رهيون آهن. مورو شهر جا اڪثر پاڙا وارڊ گندي پاڻي ۽ گندگي ۾ ڀريل آهن جنهن ۾ اڪثر ڪري مهراڻ ڪالوني، چوهاڻ ڪالوني، پير پاڳارو جو بنگلو، گلشن مختيار ڪالوني، ملڪ ڪالوني ، دادو روڊ، ڪلهوڙا ڪالوني، ميمڻ محلا، سيد محلا، شيخ محلا، ڪوري محلا، کيڙا بازار، شاهي بازار، سبزي مارڪيٽ، گچيروروڊ، نول محلا، سوهو پاڙو، سيال محلا، لغاري محلا، جتوئي ڪالوني، بخاري محلا، ٻانڌي روڊ، دستگير ڪالوني، دادو روڊ چونڪ، مين روڊ، سومرا محلا، پلاٽ، اسٽيشن روڊ، سنڌ ڪالوني، اوڏ ڪالوني ۽ ٻيا ڪيترائي پاڙا جن ۾ صفائي عملو نه پهچڻ سبب هزارين بيمارين منهن ڪڍيا آهن ۽ ڪيترائي ٻار دست، الٽي، کنگھه، بخار، مليريا ۽ گيسٽرو سبب سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسپتالن ۾ داخل آهن، ان کان علاوه مورو شهر ۾ بجلي جي پڻ تمام گهڻي غير قانوني لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي ۽ مورو جا بل ٻين شهرن ۾ داخل ڪري شهرين کي بجلي کان محروم رکيو پيو وڃي جنهن جي ڪري پڻ شهري سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن شهر ۾ ڪيترن هنڌن تي غير قانوني قبضا ڪيا ويا آهن جن خلاف ابرار احمد جعفر قانوني قدم کڻندي ڪجھ هٽرائي ڇڏيا آهن جڏهن ڪجھ خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي، اصل حقيقت اها آهي ته مورو شهر اهو شهر آهي جنهن ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سڀ کان اڳيان اچي پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان ۽ شهيد محترمه بينطير ڀٽو جي جدوجهد ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ جانين جا نظرانه ڏنا، ون يونٽ ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايو ان کان علاوه هر محاذ تي سڀ کان اڳيان اڳيان رهيو آهي جنهن جو ذڪر سنڌ جي تاريخ ۾ اڄ به محفوظ آهي جيڪڏهن ان شهر کي اڄ جا چونڊيل نمائنده، ايندڙ اميداور، بيروڪريٽ، جاگيردار، سرمائيدار موجوده سنڌ حڪومت وساري ڇڏي ته اها افسوس کان وڌيڪ بي ڪهڙي ڳالھ ٿي سگگهي ٿي جنهن شهر ۾ مقرر ڪيل چيف ميونسپل آفيسر عمار پٺاڻ ڪرسي سنڀالڻ کان اڄ تائين صرف 6 ڏينهن ويهي بعد ۾ غائب ٿي وڃي ته انهي شهر ۽ شهرين سان ڪهڙو انصاف ٿي سگهي ٿو، هاڻي هن وقت جي دور ۾ ڳالھ سمجھ کان باهر ٿي وئي آهي ته هتان جي عوام هتان جي چونڊيل نمائندن کي چوڻ بجاءِ عوام جون دانهون ڪوڪون اسان صحافين ڏانهن ڇاڪاڻ وڌيڪ آهن انهن جو معيارون اسان صحافين ڏانهن تمام گهڻيون ڇاڪاڻ آهن جنهن مان اهو ٿابت ٿئي ٿو ته عوام هاڻي انهن چونديل نمئاندن مان بيزار ٿي پيو آهي يا وري ٿيندڙ زيادتين جو ازالو نه ٿو ڪيو وڃي جنهن جي ڪري مُنهن موڙي ڇڏيو آهي انهي ڪري مان انهن سڀني چونڊيل نمائندن ايم اين اي رئيس غلام مرتضى خان جتوئي، ايم پي اي مسرور احمد خان جتوئي، رئيس عاقب خان جتوئي، پ پ اڳواڻ رئيس فيروز خان جمالي، سيد ڪاظم علي شاھ، سڪندر خان ڪورائي، رئيس ذوالفقار علي بهڻ، رئيس ممتاز علي چانڊيو، پيپلز پارٽي جي مرڪزي رهنماءِ ساقب صدر آصف علي زرداري، چيئرمين محترم بلاول ڀٽو زرداري، ايم اين اي فريال ٽالپر، وزير اعلي سنڌ سيد قائم علي شاھ، صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار، شرجيل انعام ميمڻ، ڪمشنر نوابشاھ، ڪمشنر ڊويزن سکر، ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز ۽ بين وس وارن مورو شهر ۽ ان جي عوام جو درد رکندڙن کي اپيل آهي ته مورو سان ٿيندڙ زيادتن جو نوٽيس وٺي شهر کي صاف سٿرو ماحول مهيا ڪري ڊيوتي چورن، لٽيرن، ڦورن کي قانوني قدم کڻي مورو شهر ۽ شهرين جو ازاو ڪيو وڃي ته جيئن مورو جا شهري سُک جو ساھ کني سگهن.

    وحيد رزاق مستوئي

    Moronews288@gmail.com

    0306.3421288
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ادا اتان جو ايم پي اي ڪاڌي ڀڄي ويو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا ڳالھ صرف موري شهر جي ناهي ، سڄي سنڌ جو حال ساڳيو ئي آهي ۽ سنڌ جي هر شهر جي سار ڪير لهندو؟ پنهنجي مدد پاڻ تحت جيترو اسانجي وس ۾ هجي اهو ڪيون ، باقي آفيسرن ۽ حاڪمن جا حال پورا آهن
     
  4. وحيد مستوئي

    وحيد مستوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Moro, Sindh
    ادا اهي اڏامي ويا آهن خبر ناهي ته ڪهڙي ڍنڍ تي وڃي آرامي ٿيا آهن ۽ پوءِ موسم اچڻ تي ظاهر ٿيندا آهن....
     
  5. وحيد مستوئي

    وحيد مستوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Moro, Sindh
    ادا اوهان جي ڳالھ صحيح آهي پر جيڪڏهن اسان اها همت رکي ۽ پنهنجي پنهنجي شهر جي صورتحال تي ڪجھ انهن اسيمبلين جي ايسين ۽ آرامي ڪرسين تي ويٺلن کي ڏينداسين ته بهتر ٿي ويندو ڇاڪاڻ ته اهي ووٽ وٺڻ کانپوءِ انڌا گونگا ٻوڙا بڻجي چڪا آهن اوهان به پنهنجي پنهنجي شهر جي مالڪي ڪندي ان جا درد لکڻ جي صورت ۾ ڏيو ته بهتر ٿيندو...
     
  6. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    رِڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا ! اسانجا ساڃاھ وند دوست پنهنجي پنهنجي شهرن جي ڪٿا لکي لکي ٿڪجي پيا مگر اسيمبلين وارن کان بهتري جي اميد رکڻ بيهوده ثابت ٿي ! هاڻي ڳوٺ سڌار سنگت ۽ پنهنجي مدد پاڻ تحت ئي ڪجھ ڪريو !
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو