ڇا! ستون ڪيلو موتمار ٿي سگهي ٿو؟

'صحت سرير جي' فورم ۾ ايس ايم صارم طرفان آندل موضوعَ ‏13 سيپٽمبر 2015۔

  1. ايس ايم صارم

    ايس ايم صارم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    93
    ورتل پسنديدگيون:
    376
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ملازم
    ماڳ:
    محله ڪوٽ دينل شاھ پيرجوڳوٺ (ڪنگري
    [​IMG]
    چوندا آهن ته هڪ مهل گھڻا ڪيلا کائڻ صحت لاءِ هاڃيڪار ٿي سگھن ٿا بلڪه چيو ته هيئن پڻ ويندو آهي ته ايتري تائين جو هڪ مهل ۾ ڇهن کان وڌيڪ ڪيلا کائڻ سان جان به وڃي سگھي ٿي.

    ڇا! هي سچ آهي؟

    ڪيلو دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيو ويندڙ ميوو آهي جنهن ۾ ويٽامنز ۽ منرلز )معدنيات( آهن. ته جيڪڏهن هي ميوو اسان جي اسان لاءِ سٺو آهي ته هي موتمار ڪيئن ٿي سگھي ٿو.

    هن خيال کي هڪ مشهور شخص ڪارل پلنگٽن ڦهلايو آهي. هن هڪ جڳهه تي چيو، ”اسان هن کان اڳ ڪيلن جي ڳالھ ڪري رهيا هئاسين......حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن ڇهن 6 کان وڌيڪ ڪيلا کائجن ته اوهان مري سگھو ٿا.“


    اها حقيقت آهي. ڇهه 6 ڪيلا کائڻ جي ڪري پوٽاشيم جو مقدار خطرناڪ حد تائين وڌي ويندو آهي. مون هڪ ٿانو ۾ ڇهه 6 ڪيلا ڏٺا. ان ۾ ڇهه6 ڪيلا هئا. خبر اٿو ته ڇهه6 ڪيلا ئي ڇو هئا؟ ستون ڪيلو اوهان لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.


    پوٽاشيم اسان لاءِ ڪيترو خطرناڪ آهي؟
    [​IMG]

    لنڊن ۾ موجود سينٽ جارج اسپتال جي ڪيٿرين ڪولنز جو چوڻ آهي، ته پوٽاشيم اسان جي لاءِ انتهائي اهم آهي ۽ ”هي اسان جي جسم جي هڪ هڪ خليي ۾ موجود هوندو آهي.“

    ان سان اسان جي دل جي ڌڙڪن درست رهندي آهي. ذيابيطس کي ڪنٽرول ۾ رکڻ پڻ ان جو اهم ڪردار آهي. تنهن هوندي به جيڪڏهن ان جو مقدار تمام گھڻو ٿي وڃي ته دل جي ڌڙڪن بي ترتيب ٿي سگھي ٿي. پيٽ ۾ سور، اُلٽي ۽ پيٽ خراب ٿي سگھي ٿو.

    تنهن هوندي به ڪولنز جو چوڻ آهي، ته صحتمد شخص جي لاءِ نقصان ده ناهن.
    هڪ تندرست شخص کي شايد روزانو 400 ڪيلا کائڻا پوندا جو پوٽاشيم جي ليول ايتري وڌي ويندي جو موتمار ثابت ٿئي. ڪيلا صحت جي لاءِ خطرناڪ ناهن بلڪه هميشه کان ئي فائديمند رهيا آهن.


    برطانيه جي نيشنل هيلٿ سروس جي مطابق هڪ جوان شخس کي ڏينهن ۾ 3500 ملي گرام پوٽاشيم وٺڻ گھرجي. هڪ 125 ملي گرام وزن جي ڪيلي ۾ 450 ملي گرام پوٽاشيم هوندي آهي. يعني هڪ جوان شخص ڏينهن ۾ گھٽ ۾ گھٽ ساڍا ست ڪيلا کائي سگھي ٿو.
    تنهن هوندي به ڪجھ ماڻهن کي ۽ خاص طور تي گردن جي مرض ۾ مبتلا ماڻهن کي اهڙي خوراڪ کان پري رهڻ جو چيو ويندو آهي جنهن ۾ پوٽاشيم جو مقدار تمام گھڻو هجي.

    ڪولنز جو چوڻ آهي، ته ”جن ماڻهن جا گردا ڪم ناهن ڪندا تن لاءِ ايتري مقدار ۾ پوٽاشيم سٺي ناهي.“
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏13 سيپٽمبر 2015
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    حيرت ۾ وجهندڙ معلومات... محترم ممتاز قريشي جن کي هن موضوع ۾ بهرو وٺڻ لاءِ ٽيگ ڪجي ٿو...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    تمام سٺي معلومات ادا صارم صاحب
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    انتهائي دلچسپ ۽ اهم معلومات ..... مون لاء ته بلڪل نئين ڳالهه آهي.
     
  5. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
  6. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    اهڙي قسم جي ڄاڻ تي يقين ڪرڻ کان پهرين پڪ ڪرڻ گهرجي ته جنهن ماڻهو اها ڳالهه ڪئي آهي اهو پاڻ ڪيترو وڏو ماهر، ڄاڻو ۽ محقق آهي. Karl Pilkington نالي هن همراهه جو طب سان پري پري تائين ڪو تعلق نه آهي.
    [​IMG]

    انٽرنيٽ تي اڄڪلهه بغير تصديق جي اهڙي قسم جي ڄاڻ عام ماڻهو تي پهچائي وڃي ٿي جنهن جو حقيقت سان ڪو به واسطو نه هوندو آهي.

    عجيب ڳالهه آهي جو اهڙيون هوائي خبرون مشهور اعتبار جوڳين سائٽس تي به ونڊ ٿي رهيون آهن...!!مثال طور: ڪيلي بابت اهڙي ڄاڻ بي بي سي جي ويب سائيٽ تي به موجود آهي ۽ پڻ "ڊيلي پاڪستان" نالي هڪ سائيٽ تي به ساڳي ڄاڻ ڏني وئي آهي..!!! شايد مٿيون مضمون به انهن مضمونن تان ورتل آهي.

    1. Eating more than six bananas at once can kill you
    2. Can eating more than six bananas at once kill you?

    اها حقيقت آهي ته ڪيلي ۾ پوٽاشيم جي وافر مقدار موجود هوندي آهي . هڪ عام ڪيلي ۾ تقريبن 400mg پوٽاشيم هوندي آهي. پر اهو پوٽاشيم قطعي طور تي انساني جسم لا هاڃيڪار نه آهي.

    پوٽاشيم ڪلورائيڊ (Kcl) هڪ اهڙو ڪمپائونڊ آهي جيڪو انساني جسم لا هاڃيڪار ٿي سگهي ٿو.

    پوٽاشيم جي اهميت
    پوٽاشيم انساني غذا جو هڪ نهايت اهم جزو آهي. هڪ عام انسان کي صحتمند رهڻ لا روزانو 4800mg پوٽاشيم جي ضرورت پوي ٿي. اسان جي جسم ۾ موجود بيشمار گهرڙن کي پنهنجا عمل ڪرڻ لا پوٽاشيم جي ضرورت پوندي آهي. انهيڪري جسم ۾ پوٽاشيم جي نارمل مقدار جو هجڻ صحت لا تمام ضروري آهي. جيڪڏهن انساني جسم ۾ پوٽاشيم جي مقدار گهٽ يا وڌ ٿي وڃي ته ڪيترائي اهم عمل متاثر ٿي سگهن ٿا.

    پوٽاشيم جي موت ڏياريندڙمقدار...!!!

    مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته هڪ عام ڪيلي ۾ 400mg پوٽاشيم هوندي آهي. هاڻ هي سوال قابل توجه آهي ته آخر ڪيترا ڪيلا کائڻ سان انسان مري سگهي ٿو...!!!؟؟؟

    هڪ تحقيق موجب پوٽاشيم جي مقدار 2500mg في ڪلوگرام (2500/kg) جيڪڏهن انساني جسم ۾ 30 سيڪنڊن جي اندر داخل ٿي وڃي ته ان سان انسان جي موت واقع ٿي سگهي ٿي.

    مثال طور جيڪڏهن ڪنهن انسان جو وزن 51 ڪلو آهي ته ان کي گهٽ ۾ گهٽ 318 ڪيلا 30 سيڪنڊن ۾ کائڻا پوندا تڏهن سندس جسم ۾ پوٽاشيم جو اهو مقدار(127،500mg) داخل ٿي سگهندو جنهن سان سندس زندگي جو خاتمو ٿي سگهي...!!!

    ڇا اهو ممڪن آهي ته ڪو انسان 30 سيڪندن ۾ 318 ڪيلا کائي وڃي....!!؟؟؟

     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو