لاڙ جي لال سمن سرڪار جي ميلي جي تاريخ، احوال ۽ تصويرون

'تصويرون ۽ وڊيوز' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏13 آڪٽوبر 2015۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    تحرير: محمد خان سمون (بدين)

    لاڙ پٽ سک سلامتي ۽ امن وارو خطو رهيو آهي.سالن کان هنن پٽن تي ميلا ،ملاکڙا .شاديون خوشيون هن علائقي جي سڃاڻپ رهي آهي. سڳداسي چانورن ۽ ملوڪ ماڻهن جي ملڪ ۾ لڳندڙ ميلا هن سرزمين جي سونهن رهي آهي.جتي ماڻهو گڏ ٿي هڪ ٻئي سان پنهنجو حال به اورين ته گڏ ٿي خوشين ۾ شريڪ ٿيو وري ٻيهر ملڻ جو وچن به ورجائين ٿا. اسان وٽ ميلا هميشه فصل لٿي ٿين. ميلا جيڪي خوشبختي جي ۽ خوشحالي جو اهڃاڻ هجن ٿا.اتي ماڻهو اچيو پنهنجي ڏک وساريو ڪا گهڙي گذاريو وري پنهنجي ماڳن ڏانهن واپسي ڪن. هاڻ هن نفسانفسي جي عالم ۾ اهو صديون پراڻو يارهين وارو ميلو ته ڪنهن ڪتابي قصي سان ختم ٿي ماضي جي ڪهاڻي بڻجي ويو آهي.مگر انهن اسان جي وڏڙن جن اهو ميلو لڳندي ڏٺو , بازارون سجندي ڏٺيون .ميلي جا ڦلا ۽ مٺايون کاڌيون ،ڀلن ڍاٺي اٺن ۽ سنڌي گهوڙن جون ڊوڙون پنهنجي اکين سان ڏٺيون ۽ خوش ٿي هوڪرا هنيا ،انهن جي اکين ۾ اهي گهڙيون به ڪنهن فلمي سين وانگي خيال ۾ هميشه بند آهن. ميلو ساجن سوائي جو هجي ،يا شاه طريل جو،بخاري بادشاه جو يا پاڏن واري پير احمد راڄي جو،انهن ميلن ۾ ٽولا ٺاهي ,هٿ ۾ هٿ ڏيئي بازار ۾ گهمندڙ لاڙين جي هي واحد وندر ورهون آهي. جتي چوڏس خودڪش بمبار هجن ،جنهن سماج ۾ گڏجي ويهڻ ممنوعه هجي. اتي امن ۽ سک جا هي پيروڪار انهن ميلن ۾ گهميو ،سرڪس ڏسيو ،مال جو واپار ڪريو،سوين اڻ ڏٺل اوپرن ماڻهن کي به پنهنجو يار ويس ڪريو , پنهنجي ٿا ڪن ڏانهن اچن . لاڙ جي گهميل هوائن ،۾ لڳندڙ اهڙن ئي ميلن مان درگاهه سمن سرڪار جو ميلو پڻ آهي .جتي معتقد ڪڪڙ ساڻ کڻي درگاه جي آحطي م پهچن ٿا.لاڙ پٽ جو سڀ کان وڏو هي ميلو ٽنڊي باگي شهر کان 26 ڪلو ميٽر ۽ پنگريه شهر کان 08 ڪلو ميٽر پري 84 سالن کان لڳندو پيو اچي . سائين سمن شاه خيرپور گمبو ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ هڪ سيد سادات گهراڻي ۾ سيد گل شاه غازي جي گهر ۾ پيداٿيو. سندس ولادت بابت ڪجهه تاريخ دانن لکيو آهي ته پاڻ 1269 هجري بمطابق 1854ع ۾ ولادت فرمائي. هي سيدن جي بخاري پاڙي مان سائين گل شاه غازي جي چئن پٽن مان سڀ کان ننڍو هيو .سائين گل شاهه بابت معلوم ٿيو آهي ته 12 هين صدي هجري جي شروعات ۾ سنڌ اندر تشريف فرمايو. سائين جن جو سلسلو ڪجهه هن طرح به آهي ته سمن شاهه بن گل شاه بن قربان علي شاهه بن علي بخش شاهه بن گل شاهه.. سندس وڏڙا هارپو ڪندا هئا. سائين سمن سرڪار جي ڦوهه جواني ۾ مجازي عشق شروع ٿيو ڳوٺ جي هڪ ڪنڀر ڇوڪري سان سندس دل اٽڪي وئي. روايتن موجب ان ڇوڪر جو نالو جنت هو، اتان ئي سندس مجازي عشق شروع ٿيو اڳتي هلي اهو عشق حقيقي عشق ۾ بدلجي ويو. سائين سمن سرڪار مجازي عشق کان جڏهن عشق حقيقي ڏانهن موٽ کاڌي ته هنڌ سنڌ ۾ سندس هاڪ هلي وئي ۽ سندس سوين معقد هر وقت من جون مرادون ماڻڻ لاءِ وٽس اچي کائنس دعا ڪرائيندا هئا. سائين سمن سرڪار پنگريه جي آسپاس مختلف جاين جڳهن تي پنهنجا ٽاڪ ڄمائندو هو. جن ۾ گاد وارو مڪان ،پنگريه وارو مڪان ،موڙ مراد شاه جو مڪان ،ويڙهڪي ۽ ڪاري واه وارو مڪان مشهور آهن . سندس وصال به ڊسمبر 1929 ۾ ڪاري واه جي ڪپ تي ٿيو جتان پوءِ سندس جسد خاڪي پنگريه ڀرسان ديهه ڇر ۾ آندو ويو. جتي گذريل 84 سالن کان هر سال سندس هزارين عقدت مند ميلو مچائين ٿا . سندس درگاه سندس خاص خليفي گلاب راءِ جوڙائي جيڪو سندس دعا سان مسلمان ٿيو ۽ سندس نالو غلام محمد رکيو ويو .مديني ۾ وفات ڪري ويو ۽ کيس جنت البقي ۾ دفنايو ويو. درگاهه سمن سرڪار جي سالياني ميلي جي خاص ڳالهه اها آهي ته سندس هزارين مريد ڪڪڙ ساڻ کڻي اچن ٿا. ڇو ته سائين سمن سرڪار پنهجي زندگي ۾ باس کڻي ايندڙ ن کي چوندو هو ته” ڪڪڙ دا ٻچا چا ها آو”. . ملڪاڻي شريف ڀرسان هر سال سندس ميلو لڳايو ويندو آهي .هي درگاه هن وقت سنڌ جي اوقاف کاتي وٽ آهي.۽ درگاه جو گادي نشين سيد علي بخش شاه آهي هن درگاه جي آستاني تي ملڪ جي نالي وارن سياستدانن جو پڻ اچڻ ٿيندو رهيو آهي. جن ۾ ذولفقار علي ڀٽو ،ممتاز ڀٽو ،پير سائين پاڳارو وغيره شامل آهن .هن ميلي جي خاص ڳالهه راڳ رنگ جون محفلون آهن، جن ۾ تقريبا ملڪ جي نالي وارن فنڪارن حصو ورتو آهي. جن ۾ جلال چانڊيو _عابده پروين _ شمن ميرالي_ فوزيه سومرو_ عرس چانڊيو _ علڻ فقير شامل آهن . هڪ روايت ۾ اهو پڻ اچي ٿو ته سنڌ جي نالي واري فنڪاره ۽ ٿر جي ڪوئل مائي ڀاڳي کي جڏهن ڪوڙه جو مرض ٿيو ته هو اچي درگاه سمن سرڪار تي ويهي رهي هئي ،۽ پوءِ هن اظهار عقيدت طور اهو ڪلام ڳايو هو ته سمن سائين مان ته گولي غلام تنهنجي در جي .... هن سال به سمن سرڪار جو ميلو 29 سيپٽمبر کا ن وڏي ڌام ڌوم سان لڳي شروع ٿيو آهي . هونئن ته اسان ٻيا ميلا وڌ م وڌ ٽي ڏينهن هلندا آهن، پر هي واحد ميلو آهي ، جنهن م ماڻهن جا انبوه هڪ هفتي تائين پيا ايندا آهن .هن مضمون لکڻ تائين ميلو پنهنجي جاه و جلال سان جاري هو. ميلي جا آخري ٻه ڏينهن عورتن لاء مخصوص هوندا آهن جن کي مقامي ماڻهو ڳاڙهو ميلو سڏين ٿا. . ميلي جي پهرين ڌمال جي ڏينهن سنڌ جي اوقاف ء مّذهبي معاملن جي صوبائي صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالقيوم سومرو درگاه تي گلن جي چادر چاڙهي ميلي جو افتتاح ڪيو. هن سال ميلي ۾ حسب روايت ملاکڙو، ڏاندن ۽ گهوڙن جي ڊوڙ ۽ ٻيون تقريبون ڪيون ويون.مله مقابلن ۾ سنڌ جي نالي واري پهلوانن جانم بگٽي ، پيار علي ڀٽي، گل حسن مري ء ٻين پهلوانن ميدان ماري هوڪرا هڻي اصل واه واه ڪرائي ڇڏي.ميلي م شريڪ ماڻهن جي خيال موجب هيل ميلي م چوپائي مال جو وڪرو اڳي کان اڳرو هيو. هنن بار بار ميزائيل گهوڙي جو ذڪر پئي ڪيو جنهن جي مالڪ کي 16 لک چيا ويا پر هن وڪري ڪرڻ کان نابري واري ڇڏي. بقول انهن ماڻهن جي ته 6 لکن تائين ڏاندن جي جوڙي به وڪرو ٿي آهي ء هڪ همراه ٻڌايو ته ميلي ۾ آندل لانچر گڏه 5 لکن م وڪرو ٿي پنهنجي نئين مالڪ سان ميلي مان روانو ٿي ويو آهي. هن سال ميلي م ڏاندن ء گڏهن جي گوه جا چرچا عام هئا. جنهن م جادوگر ڌاند ء لامارو گڏه جو رس مٿي هو ء انهن جي کٽڻ ٿي اصل لاڙين جا هوڪرا هئا.ميلي ۾ موت جي کوه ء سرڪسن تي به رش ڏسڻ وٽان هئي. ميلي جو خاص ائٽم نالي واري ڪرتب باز مير حسن لغاري جو هو جنهن 10 ڪارن مٿان موٽر سائيڪل وسيلي بار بار جمپ پئي ڏنا ء پاسي کان بيٺل تماشائين کيس ساه ڀڪوڙي دل تي هٿ رکي ننڍڙي ٻار جيان حسرت سان پئي ڏٺو.ميلي ۾ هر سال جيان هن سال به فنڪارن جون گهڻيون ئي ٽوليون آيل هيون ، جن م ڪي شوڪيا تي ڪي وري نالي وارا فنڪار شامل هئا.جن م ثريا سومرو ، بادل راهي ، فرزانه گل، ثمينه گل ، ڪريم ڪڇي قابل ذڪر آهن. سمن جي ميلي هيل ماما لالو جي به لئي لڳي پيئي هئي، جيڪو پنهنجي ساٿي فنڪارن ستار لاڙڪ عرف مجو ء نثار شاه سان ميلي م لٿل هو، جن ماڻهن کي کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيو. هيل صوفياڻي راڳ جي محفلون به اوج تي هيون جن م صوفي فنڪارن سچل، حمل ء بيدل جي شاعري تي ماڻهو موهي وڌا. نرتڪين جي رواجي نخرن ء ناچو ڇوڪرن جي ناچ تي به چگي خلق پاسو وٺيو ٻيٺل نظر آئي.امن امن واري علائقي هجڻ ڪري سنڌ جي هن ٽئي نمبر وڏي ميلي ۾ جتي مقامي صحافين موجب 20 لک کان به وڌيڪ ماڻهو ميلو گهمڻ اچن ٿا، اتي ڪوبه اڻ وڻندڙ واقعو پيش نه آيو.ها البته گهڻين گاڏين جي ڪري ميلي جي سڀني راتين م پنگريه جهڏو روڊ مسلسل جام رهيو.

    تصويرون حنيف سمون جي ٿورن سان (daily Dawn)



    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]


    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏16 آڪٽوبر 2015
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. تلوڪچند ولاسائي

    تلوڪچند ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2014
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    128
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    اڪائونٽ مينيجر ( پرائيويٽ ڪمپني )
    ماڳ:
    پراڻو مٺي ٿرپارڪر موجوده صدر ڪراچي سنڌ
    واهه سائين واهه زبردست تصويرون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو