سَسُئِي حُسَينِي ڏورِيان ڏورِيان مَ لَهان !، شالَ مَ مِلان هوتَ

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 آڪٽوبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ڏورِيان ڏورِيان مَ لَهان !، شالَ مَ مِلان هوتَ
    مَنَ اَندَرِ جا لوچَ، مَڇُڻِ مِلَڻَ سان ماٺِي ٿِيَي


    سُرُ حُسَينِي سَسُئِي

    ڏورِيان = ڳوليان
    مَ لَهان = لڀي ئي نہ ، ملي ئي نہ ، ملاقات نہ ٿئي
    مَ = نه
    هوتَ = محبوبن سان، پرين سان
    لوچَ = اُساٽ، اُڃ، ڳولها، سِڪ، اُڪير
    مَڇُڻِ = متان، مبادا
    ماٺِي = جهڪي، هلڪي

    بيت جو پس منظر

    ~ محبوب سان ملاقات نہ ٿئي, کيس سڄي زندگي ڳوليندي ڳوليندي گذري.
    ~ هيءَ اندر جي اُساٽ, ملڻ سان متان جهڪي نہ ٿي وڃي.

    سمجهاڻي

    محبوب جي وڇوڙي ۽ جدائيءَ ۾ جيڪي راتيون ۽ ڏينهن تڙپندي، لڇندي ۽ ڦٿڪندي گذرندا آهن. انهن ۾ بہ هڪڙو سرور، سڪون، لطف ۽ مزو هوندو آهي. هر ڏينهن بيچيني، بيقراري، آھ زاري، سڏڪا، ساروڻيون ۽ دڳن ۾ ديدون هجن ٿيون. هر کڙڪي تي ڇرڪ ڀري اٿي پوڻ تہ شايد محبوب اچي ويو آهي.
    هر رات ڊگهي ٿي وڃي ٿي، اوجاڳا، اوسيئڙا، انتظار ننڊون ڦٽائي ڇڏيندا آهن. رات روئندي، سڏڪندي ۽ پاسا ورائيندي گذرندي آهي.
    تنهنڪري دل چئي ٿي :
    جيڪر سڄي زندگي ايئين ئي محبوب لاءِ تڙپندي ۽ ڳوليندي ڳوليندي گذري وڃي پر ملاقات نہ ٿئي. ڇو تہ ملڻ کان پوءِ هن محبت ۾، سڪ ۽ اُڪِيرَ ۾ متان ڪا گهٽتائي نہ اچي وڃي.

    چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
    ____
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڪثر دوست ڳوليان ڳوليان مَ لهان پڙهندا آهن جيڪو غلط آهي صحيح ڏوريان ڏوريان آهي.

    حوالو رسالا :

    غلام محمد شاهواڻي صاحب
    صفحو 214

    ڊاڪٽر گربخشاڻي
    صفحو 423

    ڪلياڻ آڏواڻي
    صفحو 214

    سر حسيني سسئي
    داستان ستون
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    لاجواب
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    محبوب جو نه ھجڻ ئي بھتر آ ھجڻ کان.
    جيڪو مزو محبوب جي سڪ ۾ تڙپ جو آھي سو مزو محبوب سان گڏ ھجڻ ۾ ڪون آھي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سيد خادم سبحان ڏاڏاهي

    سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 نومبر 2011
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    169
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    بڪيرا شريف تعلقو ۽ ضلعو ٽنڊو الهيار
    بھترين شعر سھڻي سمجھاڻي
     
    رضوان علي جمالي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو