سَسُئِي حُسَينِي ڪو جو آهِسِ ڪوڏُ، ٻاروچاڻِيءَ ذاتِ سِين

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 نومبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪو جو آهِسِ ڪوڏُ، ٻاروچاڻِيءَ ذاتِ سِين
    جَي هُو چُونِسِ ٻوڏُ، تَه جِيءُ سُڻائَي جَڳَ کَي


    سُرُ حُسَينِي سَسُئِي

    آهِسِ = آهيسِ
    ڪوڏ ُ = شوق، نينهُن
    ٻاروچاڻِيءَ = ٻروچڪي، بلوچڪي
    سِين = سان
    چونِسِ = جي هو چون
    ٻوڏ ُ = فوٽُ، ويڻ، طعنا، ميهڻا، گلائون - فوٽُ لفظ جِيءُ جو ضد آهي.
    جِيءُ = سڏَ جو مٺڙي آواز ۾ جواب ڏيڻ
    سُڻائَي = ٻڌائي
    جَڳَ کَي = جهان کي، ماڻهن کي

    بيت جو پس منظر

    ~ ٻاروچاڻي ذات سان سسئيءَ جو ڪوتہ نينهن لڳل آهي.
    ~ هو جي فوٽُ ٿا چون تہ هيءَ ماڻهن کي جيءُ ٿي ٻڌائي .

    سمجهاڻي

    محبوب سان لَنئُون لڳڻ کان پوءِ ڪيئي گلائون، شڪايتون، طعنا، مهڻا ۽ ٽوڪون عاشق کي سهڻا پوندا آهن. محبوب جي ڪري هي سڀ ڳالهيون اکين تي رکي وري بہ محبوب جي ئي ساراھ ۽ تعريف ڪبي آهي.
    سسئيءَ کي پنهونءَ جَي ڀائرن ٻانڀڻياڻي سمجهي نظر انداز ڪيو ۽ پنهنجي ٻروچڪي ذات ۽ سردار هجڻ واري حيثيت کي مٿاهون ڀانئيو. سسئيءَ کي سردار آري ڄام جي گهر جي عزت بڻائڻ کان انڪار ڪري، کيس ڪيچ ڏانهن ڪونہ وٺي ويا.
    ڀنڀور جا ماڻهون ۽ سسئيءَ جون سهيليون جڏهن ان عمل خلاف ڳالهيون ڪيون . سسئي سندن تعريف ۽ ساراھ ڪندي چئي ٿي:
    شايد مون ۾ ئي ڪي عيب هوندا، نہ تہ پنهون، سندس ڀائر ۽ ٻروچڪي ذات عزت ۽ احترام لائق آهن.


    چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
    ____
     
  2. محمد علي (مئڪش)

    محمد علي (مئڪش)
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 نومبر 2015
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    131
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سهڻا سائين توهان سان عرض آ ته هيٺين فيس بوڪ تي ليطيف جي ڪلام جو تفسير ڏسو
    https://www.facebook.com/profile.php?id=100010063576809
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو