مَارُئي سَهَسِين سَيبا ڪَنجُرَي، لوئِي لِيڙَ ٿِئامِ

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 نومبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سَهَسِين سَيبا ڪَنجُرَي، لوئِي لِيڙَ ٿِئامِ
    اَباڻَنِ جَي آسِرَي، ڪَتِي ڪِينَ ڪِئامِ
    جا ڍَٽِ ڍَڪِيامِ، تَهِجِي، پَرِوَرَ ! پَنُ رَهائِيَين


    سُرُ مارُئِي

    سَهَسِين = سوين
    سَيبا = ٽوپا، ٽاڪا
    ڪَنجُرَي = چولي، گج
    لوئِي = کٿي - مارو ماڻهن جو ڍڪڻ وارو ڪپڙو
    ڪَتِي = اُنَ جِي ڪتيل لوئي
    لِيڙَ = ليڙون ليڙون، ڇيهون ڇيهون، ٿڳڙيون ٿڳڙيون
    ڍَٽِ = ٿر جو وچ وارو حصو
    پَرِوَرَ = اي مولا پاڪ
    پَنُ = پردو، عزت، پَتِ، لڄ
    رَهائِيَين = رکين

    بيت جو پس منظر

    ~ منهنجي چولي کي سوين ٽوپا ڏنل آهن ۽ لوئي بہ ڦاٽل آهي.
    ~ مارن جي آسري تي مون, اُنِ جِي ڪتيل لوئي نہ پهري آهي.
    ~ او مولا پاڪ ! جيڪا لوئي ٿر کان اوڍيل آهي, ان جي عزت رکجان.

    سمجهاڻي

    مارئي عمر بادشاھ جا ڏنل ويس وڳا، گج، چولا ۽ اونيون لويون واپس ڪري ڇڏيون. کيس عمر جي قيد ۾ گهاريندي ڪيترا ڏينهن لنگهي ويا آهن. سندس بدن تي اوڍيل ڪپڙا نہ رڳو ميرا ٿي ويا آهن پر ڦاٽي بہ پيا آهن. مارئي چئي ٿي:
    منهنجي بت تي چتيون لڳل چولي کي سوين ٽوپا ڏنل آهن ۽ لوئي بہ ليڙون ليڙون ٿي وئي آهي. عمر جا موڪليل ويس وڳا ۽ اونيون لويون واپس ڪيم تہ مارو ٿر مان موڪليندا پر هنن ڪا سار ئي نہ لڌي.
    او مولا پاڪ ! منهنجي عزت، عصمت ۽ ٿر مان اوڍيل لوئيءَ جي لڄ رکجان.

    محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
    ______
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو