آدرش هن شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي : شڪارپور-2

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 ڊسمبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,869
    ورتل پسنديدگيون:
    27,210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    هن شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي : شڪارپور-2

    آدرش


    اسان جي شهر شڪارپور ۾ ٺهندڙ کٽاڻ ديسان ديس مشهور آهي. کٽاڻ جي هٽَ وٽان لنگهندي واتُ پاڻي پاڻي ٿي ويندو آهي جو کٽاڻ اهڙي شيءَ آهي.
    اڄ کان اڌ صديءَ اڳ کٽاڻ جو ايڏو واهپو نه هوندو هو. هاڻي ته ايڏي ڦهلجي وئي آهي جو، هاءِ ويز تي به ڪيترائي دُڪان ٿي ويا آهن.
    شروعات ۾ کٽاڻ نيڀن پور ۾ سومرا، هاٿي در تي سومرا ۽ بوٽ بازار ۾ سُرها صديقي پنهنجن گهرن ۾ ٺاهيندا هيا ۽ گهر جو در کڙڪائي کٽاڻ وٺبي هئي. هاٿي در تي رڳو هڪ هٽ هوندو هو نه ته الالا خير سلا. هاڻي ته هر ٻيو دڪان کٽاڻ جو آهي. ماضيءَ ۾ ٺهندڙ کٽاڻ جو نالو ٻڌڻ سان وات پاڻي پاڻي ٿي ويندو هو. هاڻي کٽاڻ کائڻ سان شرم سان منهن پاڻي پاڻي ٿو ٿي وڃي.
    سُرها صديقين ۾ هڪ انمول هيرو غلام حيدر صديقي صاحب آهي. سنڌي فلمن جو ڄاڻو ۽ ذهين ڊائريڪٽر غلام حيدر صديقي صاحب ” گهونگهٽ لاھِ ڪنوار“، ”بادل“ ۽ ”البيلي“ جهڙيون ٺاهوڪيون فلمون ٺاهيون. انهن فلمن جو ليکڪ امر جليل صاحب هو.
    غلام حيدر صديقي مرڪزي ثقافت کاتي مان، ڊائريڪٽر جي عهدي تان رٽائرڊ ٿي، ڪراچيءَ ۾ گمناميءَ جي زندگي، ڪنهن خانقاھ ۾ گذاري رهيو آهي.
    لاڙڪاڻو آرٽس ڪائونسل ۾ وڃڻ ٿيو. اُتي صديقي صاحب جي فلمن جا پوسٽر ڏسي دل خوش ٿي وئي. پر من جو ڪومائجي ويو، جو اُن تي صديقي صاحب جو جنم لاڙڪاڻي ۾ ڄاڻايو ويو آهي. خبر ناهي اهو الائي ڪهڙي علم جي اڪابر ائين لکرايو آهي. هن کي اها به سُڌ ناهي ته ان ذهين ترين ماڻهوءَ جي جنم ڀومي شڪارپور آهي.

    ***
    ستر جي ڏهاڪي ۾ ، ڀٽائي بازار ۾، پهريون پهريون کٽاڻ جو ننڍڙو هٽ، اُردو ڳالهائيندڙ محمد صديق کوليو. ٻه ٽي کٽاڻ جا ننڍا ڪولا رکي بسم الله ڪيائين. هاڻي شڪر الحمدالله آهي. ٿيلهيون ڪونه هونديون هيون، سو گهران پيالو يا ڪُٽ جو دُنر وٽو کڻي اچبو هو ۽ ان ۾ کٽاڻ وٺبي هئي.
    اهو دلبر همراھ ڌنَ جو لک پتي آهي. من جو ڪک پتي آهي. هن کي سدائين ساڳي لاڪ ٻڌل ۽ ڦاٽل ڪالر سان پراڻي اڌوراڻي قميص پاتل هوندي آهي.شام جو دڪان تان لهي گهر ويندو آهي. رات جو ماني کائي لاڪ ۽ قميص لاهي، ڌوئي ڪري، نوڙيءَ تي سُڪڻ لاءِ وجهندو آهي. هو کٽ تي پوءِ ايئن سمهندو آهي، ڄڻ جنت ۾ رهندو هجي.

    ***
    اسان جو شهر عالمن جو وڏو عَالمُ (دنيا) آهي. ڪنهن جلسي جي پوسٽر ۾ هنن عالمن جا ايڏا لقب القاب ڏنل هوندا آهن، جو پڙهندڙ کي شرم اچي وڃي. عالمن جي گهڻا ئي اهڙي جو دٻي ۾ ٺڪريون.
    هڪ عالم سڳورو آهي، تقرير جو سٺو فن اٿس. تقرير ۾ علم گهٽ، ٻين تي مزاحيا نموني چٿرون ڪري، لطيفا ٻڌائي ته اسان جا جاهل ماڻهو سبحان الله ڪن. تقرير ڪندي ڪا ڳالهه ڪندي منجهي پئي ته ڳالهه کي ياد ڪرڻ جي ساهي وٺڻ لاءِ چئي ”صلوات پڙهو.“
    ڳوٺن مان ماڻهو اچي، هن کان واعظ ڪرڻ ۽ تاريخ وٺڻ ائين ايندا آهن جيئن ڪنهن مشهور ڳائڻي ڏانهن ماڻهو تاريخ وٺڻ ويندا آهن.
    هڪ ڳوٺ ۾ ٻن ڌرين ۾ سڱابنديءَ تي تڪرار ٿيو. ڇوڪريءَ وارا ڪنهن ڳالهه تي، سڱ ڏيڻ کان پڙ ڪڍي بيهي رهيا. مڱڻو به ٿيل هو. پاڻ ۾ هجن به ويجها، گهڻي ئي جِهڳ جِڳهان هلي پر اهو ئي نَههَ کي نَوَ ڪوٽ.
    ڳوٺ وارا هڙئي، اسانجي محترم عالم جي چئي ۾ هجن، هن جو نالو ٻڌي، هٿن کي چمي ڏئي، اکين تي رکندا هيا. نيٺ هڪ ڏهاڙي ڇوڪر واري ڌر جا چار چڱا مڙس هن ڏي آيا. عرض ڪيائونس ته تون اسان جي ٻچن جو مالڪ آهين. هلي، نبيرو ڪري، اسان کي سڱ وٺي ڏي. تنهنجو چيو ڪونه موٽائيندا.
    بزرگ ڪلف لڳل سفيد رنگ جو جوڙو، مٿان ڪارو ڪوٽ پائي، اکين ۾ ٻه سرايون سرميءَ جون ڀري پائي، انگلش سٺو ڪارو بوٽ پائي، وڏو پٽڪو ٻڌي، شم شم ڪندي، ويليز جيپ جي اڳين سيٽ تي ٽپو ڏئي چڙهي ويٺو.
    ڪچي رستي تي رئيءَ کي اڏاري، پيرن پنڌ ويندڙ جي منهن تي ڌوڙ مليندي، خير سان جيپ، ڳوٺ جي هڪ اوطاق جي وڏي دروازي اڳيان اچي بيٺي. بزرگ جيپ تان لهي، لٽا پيو ڇنڊي ته هڪ همراھ ڪلهي تان رومال لاهي، اچي هن جي لٽن کي صاف ڪرڻ لڳو.
    بزرگ اوطاق اندر آيو، ته اوطاق ۾ ويٺل مڙس ڊُڪي اچي، سندس پيرن تي هٿ رکي ادب سان مليا. بزرگ آڏِ وَڏائي مان ٻه آڱريون کڻي ڏنن.
    اوطاق ۾ هڪ وڏي کٽ تي ٻه ڀليون رلهيون وڇايل هيون، ٻه رلهيون تانگهه مٿان رکيل هيون. ٻه ڀرت ڀريل ڪپهه سان ڳُتيل وهاڻا به پيا هيا.
    بزرگ کٽ تي ويهي، هٿ اڃا بوٽ ڏانهن واڌايو مس، ته ڇوڪر جي پيءُ تڪڙو اچي، بوٽ جون ڪنهيون کولي، بوٽ لاهي، کٽ هيٺان پري سوري رکيو.
    بزرگ پنهنجي اُس واري ڪاري عينڪ لاهي، ڪوٽ جي مٿئين اڳئين کيسي ۾ رکي، هڪ وهاڻو کڻي، پلٿي هڻي، ڪڇ ۾ ڪري ائين ويهي رهيو ڄڻ عيد جو فوٽو ڪڍائيندو هجي.
    ڇوڪريءَ وارن ڏي نياپو مڪائون. اُهي بزرگ جو نالو ٻڌي، ائين ڀڄندا آيا جو جتيون به گهر ۾ ئي رهجي وين. سائينءَ جا هٿ چُمي، پيرن پئي ملي، ادب سان هٿ ٻڌندا، پٺيرا ٿيندا، سامهون وڃي خالي تڏيءَ تي ويٺا، سڀ ئي هيٺ پلال مٿان وڇايل مٽيءَ هاڻين تڏين تي ويٺل هيا. حال احوال شروع ٿيو.
    ”ها بهاول! ٻيو خير آه.“
    ”سائين! اوهان جون دعائون آهن.“
    ”ٻار ٻچا. ڍور ڍڳا، سڀ جوڙ لڳا پيا آهن.“
    ”سائين! الهه جي ٻاجههَ آهي. اوهان جي نظر آهي. رب سائينءَ جا لک شکر آهن.“
    ”ٺيڪ آ. ٺيڪ آ! هي ڇا تي ڦڏو ڪيو اٿئي؟“
    ”نه. بابن نه. اهڙي ڳالهه ڦڏن واري منهنجي منهن تي ٺهي اَٿي؟ سائين!“
    ”جي اهڙي ڳالهه ناهي ته پوءِ رمضان کي ڇوڪرِ ڇو نه ٿو ڏيئن؟“
    ”بابن سائين! تون وڏو آهين. سر جو سائين آهين. منهنجا سڀ ٻچا، مال مڏي تنهنجي ملِڪ آهن. باقي، هٿ ٻڌي ڳالهه ٻڌايانوَ، ڪاوڙ لڳيو ته منهنجو منهن تنهنجو پادر، هڪ ئي ڳالهه چوانوَ ته رمضان کي سڱ نه ڏبو.“
    ” اڙي چريا! رمضان ته سڳو سؤٽ ٿي. پنهنجي رت اَٿِي. مرهيات ابي جي ڀاءُ جو پٽ اٿي. تنهنجي ڇوڪري رمضان جي گهر وڃي راڄ ڪندي. نڀاڳا! شڪر کي ٿو اِٽان هڻين.“
    بهاول اُٿي ڪري سائين جن جي کٽ وٽ اچي، گوڏن ڀر ويهي، ٻئي هٿ پيرن تي رکي چوڻ لڳو : ” سائين! مان هن کي ڇوڪري ڪڏهن به نه ڏيندس ڀل آسمان ڇو نه ڦاٽي پئي. ڇا به ٿئي پئي رمضان کي نه ڏيندم. وري به توکي ڏيندم. هن کي نه ڏيندم.“
    توکي ڏيندم ٻڌي ڪري سائينءَ جن جا ڄڻ چوڏهن طبق روشن ٿي ويا. اکين ۾ چمڪ اهڙي آيس، جيئن اوڻٽيهين جي اونداهيءَ ۾ اوچتو مرڪيوري بلب ٻري وڃن. هن کي اها ڳالهه ٻڌي، پنهنجون ٻئي ڪراڙيون کوڳ ٿي ويل زالان ياد آيون. جوان ڇوڪريءَ جي سڱ ملڻ جي سرهائيءَ ۾ بهشت برين واريون ٻاهتر حُورون وسري ويس. هن مينديءَ جي ٽينَ ۾ ٻوڙيل ڳاڙهي سونهاريءَ کي خوشيءَ مان ساڄي هٿ سان کنهندي وري چيس.
    ” بهاول! اهو ڇا ٿو چوين؟ مون کي ڏيندين“
    ”ها سائين! توکي ڏيندم ڇا، توکي ڏني.“
    ”منهنجي اکين تي آهي. بروبرو! تنهنجي ڇوڪري اڄ سمجهيم ڀاڳ واري آهي.“
    ستر سالن جو اسان جو بزرگ سائين دهلن شرناين سان، سترهن سالن جي ڪنوار-گهوٽ بڻجي، گلن سان سينگاريل سائي ٽويوٽا ڪار ۾ وٺي آيو.
    جوان ڪنوار هڪ ڪراڙي پيءَ جي گهر مان نڪري، پيءَ کان به وڏي ٻئي پوڙهي جي اڱڻ ۾ آئي، ته ڀتيون آلاپ ڪري رهيون هيون ۽ روئي رهيون هيون.
    ڇو ٿي ڄڻيئه اهڙيون ڌيئر امان!
    گوڏي تي سمهاري ڏنئي لولي امان!

    ***

    استاد جو وڏو رتبو آهي. ماضيءَ جا اُستاد ان مرتبي جا مان رکندا هيا، جو اڄ به انهن جا ڳڻ ڳائجن ٿا ۽ کين عزت ۽ احترام سان سُٺن لفظن ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو.
    شڪارپور جو قاضي حبيب الله هاءِ اسڪول، ان وقت نيو ايرا هاءِ اسڪول سڏبو، لکيو ۽ پڙهيو ويندو هو. اسڪول جو گهنڊ وڳو ته اندريان اندر ته ٻاهريان ٻاهر، وري موڪل مهل جيڪي ٿيو ڏٺو ويندو. هاڻي اسيمبلي ۾ سٺ اُستادن مان جنهن ڏينهن ڇهه اُستاد آيا، سو ڪو ڀاڳن وارو ڏينهن هوندو، باقي اڳتي موڪل مهل تائين الله مالڪ آهي.
    نيو ايرا هاءِ اسڪول ۾ سوم دت نالي محترم اُستاد هو. پڙهائيءَ جو عالي شان، وقت جو اهڙو پابند جو ماڻهو بيٺل واچ هن کي ڏسي ٽائيم سيٽ ڪن. برجستو ۽ لائق اُستاد هو. اسڪول ۾ چپل پائي ايندو هو ۽ اها سٺي ڳالهه ڪونه، جو استاد اسڪول ۾ ڇپل پائي اچي پڙهائي.
    تعليم کاتي ۾ بالا عملدار تعليم جا ڄاڻو، تجربيڪار ۽ سينيئر استاد مقرر ٿيندا هيا، جن وٽ علم جي ڄاڻ کانسواءِ دٻدٻو به هوندو هو ته اخلاق رکندڙ به هيا. ان وقت ضلعي علمدارن کي ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولس District Inspector of Schools (D.I.S.) سڏيو، لکيو ۽ پڙهيو ويندو هو.
    هڪ ڏينهن سائين سوم دت ڪلاس ۾ اُگهاڙي پير بيٺي پڙهائي رهيو هو. هن سڄي نوڪريءَ ۾ ڪلاس ۾ بيهي پڙهايو، ڪڏهن به ڪلاس ۾ ڪرسيءَ تي ڪونه ويٺو. سائين ڪتابُ هٿ ۾ جهلي سبق پيو پڙهائي. هن جي چپل، ڪلاس ٻاهران دروازي وٽ ڪنڊ ۾ پئي هئي.
    اوچتو ڊي آءِ ايس صاحب اسڪول جو معائنو ڪرڻ اچي ويو. اڳي صاحب به موت وانگر اوچتو بنا اطلاع جي ايندا هيا. صاحب اسڪول جا ٻيا ڪلاس گهمندي نيٺ هن واري ڪلاس وٽ آيو. در ٻاهران چپل ڏسي توائي وٺي ويس.
    ڪتاب جو سبق پڙهائيندي، سائين سوم دت جي، صاحب تي اوچتو نظر جو پئي، ته ڇرڪُ نڪري ويس. ڪتاب جي وچ ۾ نشاني طور رومال رکي، صاحب کي ٻاهر اچي، ڪلاس جي دروازي وٽ ادب مان ٻئي هٿ ڏنا ته صاحب به ٻئي هٿ ملائي. هٿ جو اشارو چپل ڏانهن ڪندي، ڪاوڙ واري لهجي ۾ چيس: ” سائين هي ڇا آهي؟ چپل ٻاهر پئي آهي ۽ توهان پيرين اگهاڙي ڪلاس ۾ پڙهايو ٿا؟ اهو طريقو آهي؟ اها فضليت ته نه چئبي.“
    سائين سوم دت هٿ ٻڌي، ٻاجهارو ٿي چيس، ”سائين! هي منهنجو ڪلاس نه آهي. عبادتگاھ آهي. مان عبادت واري جاءِ تي جُتي نه پائيندو آهيان.“

    ***
    هاڻي جي حال جي اُستادن جا حال هيڻا آهن. ڪرتوت اهڙا اٿن جو ڳالهيون ٻڌي، هٿ ڪنن ڏانهن توبهن توبهن ڪرڻ ٿا وڃن.
    پرائمري اسڪول قاضي محلا شڪارپور ۾ دودي چنيسر جي ذات جو اُستاد محترم هو. هاڻي پڙهائڻ بدران هوٽلن تي ٺيهان کائيندو آهي.
    ست اٺ سال اڳ سائين اسڪول ۾ مقرر هو، ته هڪ سال درجو پنجون حوالي ٿيس. چاليهه کن ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏُ سڏُ ڪلاس ۾ هيا. ڊسمبر جي مهيني ۾ سائينءَ جي مغز ۾ هڪ سٺي ڳالهه ويٺي.
    صبح جو سائينءَ ڪلاس ۾ فرمايو ” پٽ! توهان کي روزانو ٻه ٽي رپيا گهران خرچي ملي ٿي. سڀ پئسا اجاين سجاين شين ۾ کپايو ٿا. جيڪڏهن توهان وي سي وجهو ته ڪيڏو نه سٺو ٿيندو. ڀلي توهان شيءَ وٺي به کائو، پر ڇڙو هڪ رپيو وي سي ڀريو ته مهيني ۾ ٻارهن سئو رپيا ٿيندا. اهڙا مان به پنهنجي ٻه ٽي رپيا وي سيءَ ۾ گڏائيندم ته تيرهن چوڏهن سئو رپيا ٿي ويندا، سو ان پئسن مان توهان گهڻو ڪجهه وٺي سگهو ٿا. لٽا ڪپڙا، واچ، سائيڪل وغيره کوڙ شيون آهن جيڪي وٺي سگهو ٿا. ڇا خيال آ؟ صبحاڻي کان بسم الله ڪيون؟“
    سائين جي پُرمغز ڳالهه شاگردن جي مغز ۾ ويٺي، سڀني کي ڳالهه وڻي. دل سان لڳي سو سڀني ٻارن خوش ٿي ڪري ها ڪئي.
    ”چڱو! شاباس! صبحاڻي کان روپيو روپيو جمع ڪرائجو. اسلم! تون سڀني کان سبق پڇين. بلاول! پٽ! تون هتي اچي ميز وٽ بيهه. جيڪو گوڙ ڪري يا پاڻ ۾ ڳالهائي ته ان جو بورڊ تي نالو لک.“
    سائينءَ پوءِ هڪ ڇوڪري کان ڪلاس مان ڪرسي کڻائي، اسڪول جي هڪ سنسان ڪنڊ ۾ اُس جي تڙڪي تي اچي ويٺو. ڪوٽ جي اندرئين کيسي مان سگريٽن جو پاڪيٽ، ماچيس ۽ چرس جو ٽڪرو ڪڍي، پنهنجي وندر ورونهن ۾ لڳي ويو. ” علي علي بول، غم نه هووي ڪول، لڳي دم-مٽي غم.“
    مهينو خير سان پورو ٿيو. ڏينهن گذرڻ ۾ دير ڪهڙي؟ اک ٻوٽ ئي ته آهي. جنوري جي پهرئين تاريخ اچي وئي. سائينءَ جن نالا لکي چٽڪيون ٺاهي. ويڙهي ڪري، ٻُڪ ۾ ڦيرائي گهيرائي، ميز تي اُڇلايون. ڇوڪري شازيه کي گهرايو. ان معصومڙيءَ پنهنجن ننڍڙن هٿن سان هڪ چُٽڪي کڻي، سائينءَ جن جي هٿن مبارڪ ۾ ڏني. سائينءَ جن ٻارن ۾ تجسس پيدا ڪرڻ لاءِ، آهستي آهستي چٽڪي کولي، نالو پڙهي مرُڪيو. هر ٻار جي دل جي ڌڪ ڌڪ اهو پئي چئي ته چٽڪيءَ تي منهنجو نالو آهي، پر بندي جي من ۾ هڪڙي، الله جي من ۾ ٻي. نيٺ سائينءَ جو ٻارن کي ٻڌايو: ”پٽ! وي سي منهنجي نالي نڪتي آهي. تاڙيون.“
    تاڙيون وڄي ويون. سائينءَ جن کي مبارڪون مليون.
    فيبروري جي پهرئين تاريخ آئي، ساڳيو عمل ورجائي ڇوڪري اسلم چٽڪي کڻي، سائينءَ کي ڏني. سائينءَ ساڳيو سپينس پيدا ڪري اعلان ڪيو ” پٽ! هي وي سي منهنجي سدوري گهر واريءَ جي نڪتي آهي.تاڙيون.“
    مارچ ۾ سائينءَ جن اعلان ڪيو : ” پٽ! هي وي سي توهان سان گڏ پڙهندڙ….“ سائين ايئن چئي ٿورو ماٺ ڪئي. شاگردن جا منهن ٻهڪي پيا ۽ هڪ ٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳا ته ڪنهن جو ڀاڳ کُليو آهي ته سائينءَ جن فرمايو : ” پٽ! توهان سان گڏ پڙهندر منهنجي پٽ عادل جي ويسي نڪتي آهي. تاڙيون.“
    اپريل جي ويسي درجي چوٿين ۾ پڙهندڙ سائينءَ جي فرزند فهد جي نالي نڪتي. مئي ۾ به سائين جي پنهنجي وي سي نڪتي جو سائينءَ جن پنج ويسيون پنهنجون وڌيون هيون. ٻه پنهنجون، ٻه پنهنجن پٽن جون ۽ هڪ پنهنجي سياڻي گهرواريءَ جي وڌي هئي.
    جون جو جِنُ مهينو آيو، گرمين جي موڪلن ڪري اسڪول کي موڪلن جا تالا لڳي ويا. سائينءَ جن پنهنجي آخري وي سي جا پئسا سنڀالي رکيا هيا سو اُهي کڻي سائين قلندر شهباز جي درگاھ تي ريل ۾ چڙهي سيوهڻ ويو. اُتي ڳڙ مان ٺهيل ساوا، ڳاڙها ماوا ۽ پيڙا کائي، هٿ ڪرائيءَ ۾ رنگ برنگي ڌاڳا ٻڌي، ڳچيءَ ۾ ڳانا پائي، ڌمال هنيائين. تاڙيون.

    ***

    سائين نثار احمد سومرو پنهنجي وقت جو گڻائتو اُستاد هو. هن ڪجهه ورهيه اڳ گورنمينٽ قاضي حبيب الله هاءِ اسڪول مان هيڊ ماستريءَ جا فرض سهڻي ۽ سٺي طريقي سان سر انجام ڏئي رٽائرڊ ڪيو. هو سٺو پڙهيل ڳڙهيل ۽ ادب جو ذوق شوق پڻ رکندڙ آهي.
    سچ پچ ته هو هڪ ڪلاسيڪل شخصيت آهي. شڪارپور ۾ اهڙا ماڻهو ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ٿا اچن. ويا مور مري، سائين نثار احمد ڳالهين جو ڳهير، اهڙي دلچسپ انداز ۾ ڳالهه ٻڌائيندو جو روح خوش ٿي وڃي.
    صبح جو سوير هشاش بشاش ٿي گهران نڪرندو، قبرستان وڃي چار قل پڙهندو، ڀت تي پکين لاءِ چوڳو رکندو. شهر جا روڊ گهمي ڦري، ڀاڄي ڀُتي وٺي گهر ايندو.
    مون سان ملندو ته ٻلهار ويندو. منهنجو جيءُ به خوش ٿي ويندو. ڪڏهن منهنجي گهر جي سامهون واري دڪيءَ تي ويهي ڪچهري ڪنداسون. ڪڏهن سامهون نور مسجد جي ڏاڪي تي ويهي دل جا دفتر کلندا ته ڪنهن گهگهراڻي گهٽيءَ کان لکي در تائين ايندي، ڳالهين جا تاڪيا کوليندا وينداسون. هر ڀيري ڪانه ڪا نئين ڳالهه ٻڌائي، علم ۾ اضافو ڪري ويندو. هو شهر جي جاين، ماڳن مڪانن ۽ شخصتين جو هڪ جيئرو جاڳندو انسائيڪلو پيڊيا آهي.
    هڪ آچر هڪ صبح جو نور مسجد جي ڏاڪي تي ويٺي، سگريٽ پورو ڪري اُڇلايم مس ته سائين نثار احمد به اچي ويو ته منهنجي من ۾ گل ٽڙي پيا.
    ڳالهيون ڪندي ڪندي، اسانجي اديب ۽ استاد، سائين نعمت الله ڀٽو جو ذڪر نڪتو. سائين نعمت الله به تمام وڏو ماڻهو هو. سٺو اُستاد، صحافي، اديب، ذهين سخي ۽ محبتي ماڻهو هو. دشمن جو به خير گهرندو هو.
    سائين نثار احمد چوڻ لڳو : ”ادا! هن جي توهان کي ڪهڙي خبر؟ هن سان ته سڀ ويٺا مشڪريون ڪندا هيا. هو به مولائي ڏاڍو شريف ماڻهو هو. پيو ٽهڪ ڏيندو هو. اڙي ابا! هن جي ڏکن جي ته ڪنهن کي خبر ئي نه هئي. ويٺا کلندا هيا. هن ايڏا ڏک ڏٺا، جو ڏيل ڏري پئي. ڏکن جو جبل اندر ۾ کڻي هلندو هو.“
    ”ها سائين! برابر “
    ”ها سائين برابر ڇا؟ هاڻي ٻڌ.“
    ” مان ۽ سائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ گڏ استاد هوندا هياسون. مان ڪلاس ٽيچر هيم. سائينءَ جو جوان پٽ ڏاڍو سدورو ۽ سُلڇڻو هو. منهنجي ڪلاس ۾ هو. هڪ ڏينهن اوچتو ويچارو بجليءَ جي ڪرنٽ لڳڻ ڪري مري ويو. هڪ ئي جهٽڪي ۾ ويو ته نه تو ڏٺو نه مان ڏٺو. ڇا ٿو سمجهين، سائين نعمت الله جو ڇا حال هوندو؟ هڪ ئي پٽ زال به ويچاري گذاري ويل. سائينءَ جي اکين جو تارو هو. سائينءَ جي دل تي ڇا گذري هوندي. بهرحال قصو کٽائڻو.“
    ”جي سائين!“
    ” پوءِ ادا! هفتي کان پوءِ سائين نعمت الله پنهنجي فرزند جو ٽيجهو ۽ خيرات وغيره ڪري، اسڪول ڊيوٽيءَ تي آيو. الله کين جنت ۾ جاءِ ڏيندو. هن جو پٽ جو نالو اسد الله هو.
    صبح جو اسيمبلي کانپوءِ هر ڪلاس اُستاد پنهنجي ڪلاس ۾ ويو. مان به پنهنجي ڪلاس ۾ آيم. شاگردن جو حاضري رجسٽر کڻي، حاضري ڀرڻ لڳم. جهٽ نه گذري، مان اڃا حاضري ڀريان ئي پيو ته سائين نعمت الله ڪلاس جي دروازي وٽ آيو. در وٽ بيهي ڪري، مون کان پڇڻ لڳو : ” سائين نثار احمد! اسد الله آيو آهي.“
    هن جو اهو پڇڻ تي منهنجو ڇرڪ نڪري ويو. اکيون ڀرجي آيون. مون به تڪڙ ۾ کيس وراڻي ڏني ” ها سائين! آيو آهي. هو ويٺو ناهي. بالڪل آيو آهي.“ مان پوءِ حاضريءَ ۾ منهن هڻي، هرو ڀرو حاضري تي ليڪا پائڻ لڳم ڇو ته مان سڀني شاگردن جي حاضري ڀري ويو هيم.
    روزانو اسيمبلي کان پوءِ، ڪلاس ۾ حاضري ڀرڻ مهل، ڇهن مهينن تائين، سائين نعمت الله دروازي وٽ اچي بيهي ڪري، پُڇندو رهيو.
    ”سائين نثار احمد! اسد الله آيو آهي.“

    عوامي آواز ميگ 11 ڊسمبر 2015ع
    ___
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,687
    ورتل پسنديدگيون:
    1,188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    شڪارپور جي کٺاڻ سان گڏوگڏ شڪارپور جا کٺا مٺا ماڻھون به وڻندڙ آھن شڪارپور جا ماڻھون ياته صفا سست ھوندا ياته صفا چلاڪ چٽ ڦٽا........... پر شڪارپور شھر جي حالت تمام گھڻي خراب ٿيل آھي روڊ رستا گھٽيون ناليون ڪوبه ڪم نه آھي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين سليمان صاحب توهان جي محنت کي جس ڏيجي
    شڪارپور ڪڏهن شڪارپور هئي پر هن وقت عارضي طور تي امن ته بحال آهي پر هتي جا روڊ،رستا، ڊرينجي جو سسٽم تباه حال لڳو پيو آهي
    بائيڪ تي گهمندڙ ماڻهو ڄڻ تي اٺ جي سواري جو مزو وٺندا آهن هتان جو سياستدان وري روڊ رستن، ڊرينجي جي حوالي سان پڇيل سوالن تي هڪ ٻئي تي الزام تراشي ڪري جان ڇڏائڻ ۾ پورا آهن، شڪارپورڊسٽرڪٽ ۾ 300 کان وڌيڪ اسڪول بند آهن جتي اسڪولن ۾ مينهون ۽ گڏهه بيٺل آهن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,869
    ورتل پسنديدگيون:
    27,210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    فقير سائين سلام

    اوهان جون ڳالهيون به صحيح آهن پر کٽاڻ ته اڃان به مشهور آ .... اها ٻي ڳالهه آ ته شڪارپوري اسان کي وساري ويٺا آهن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين سنگت وسارڻ جهڙي ناهي جڏهن به ڪراچي اچڻ ٿيو آهي سوائي هڪ ڀيري جي ......
    توهان سان ملاقات ٿيندي آهي ۽ انشاالله ملاقاتون جاري رهنديون

    سائين باقي واقعي آچار مشهور آهي ان ڪو بلو سلو ڪري ٿا وٺون ...

    دعا ۾ ياد

    فقير
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو