پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادري : شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ استاد

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 ڊسمبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادري : شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ استاد

    اياز قادري: پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادري ناميارو شاعر، افسانه نگار، ڪهاڻيڪار ۽ ماهر تعليم هو. 19 جنوري 1927ع تي لاڙڪاڻي جي مشهور قادري خاندان ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو فقير غلام سرور قادري هو. جيڪو پڻ غزل جو سٺو شاعر هو. هن صحافت جي ميدان ۾ ڪافي خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ هفتيوار اخبار ”الحقيقت“ به ڪڍي هئائين. اياز قادريءَ لاڙڪاڻي مدرسه هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪرڻ بعد ڪراچيءَ مان بي. اي (آنرس)، ايم. اي (فارسي)، ايم. اي (سنڌي) ۽ ايل ايل بيءَ جون ڊگريون حاصل ڪيون. هن سنڌي غزل جي اوسر تي پي ايڇ ڊي جو مقالو علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾ لکي، ڊاڪٽريءَ جي سَند حاصل ڪئي. اياز قادري 1950ع کان 1970ع تائين ايس. ايم. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرر رهيو. 1971ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو پهريون چيئرمئن مقرر ٿيو ۽ ڏهن سالن تائين انهيءَ عهدي تي فائز رهيو. پاڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ”شاهه لطيف چيئر“ جو باني ڊائريڪٽر پڻ رهيو. ان دوران سندس يادگار ڪارنامو، پروفيسر سيد وقار رضويءَ جي تعاون سان، شاهه لطيف رحه جي مڪمل ڪلام جو نثري اردو ترجمو آهي، جيڪو اڪادمي ادبيات پاڪستان طرفان چئن جلدن ۾ ڇپايل آهي. اردو، سنڌي ۽ فارسي زبانن جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ هئس. ڊاڪٽرصاحب، پنهنجي شاعريءَ جو مجموعو مرتب ڪري رهيو هو، پر زندگيءَ سندس ساٿ نه ڏنو، جيڪو تازو سندس ڀاڻيجي ذوالفقار قادريءَ نئين سر ترتيب ڏئي ”زلف اياز“ جي نالي سان 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
    ڊاڪٽر اياز قادري 1950ع واري دور ۾، پنهنجي رهائشگاهه تي ’سنڌي ادبي سنگت‘ جون هفتيوار ادبي گڏجاڻيون ڪوٺائيندو رهيو. ’سنڌي ادبي سنگت‘ جي ورهاڱي کان پوءِ واري دور جو پهريون سيڪريٽري جنرل ٿيو، جنهن 1956ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي ڪنوينشن ۾ سنگت جي آئيني جوڙجڪ ۽ سڄي سنڌ ۾ تنظيمي ڍانچي کي پکيڙڻ ۾ ابتدائي ڪردار ادا ڪيو. ڊاڪٽر صاحب ’جمعيت الشعراءِ سنڌ‘ جو به باني ميمبر هو. پاڻ سنڌيءَ جي چوٽيءَ جي ڪهاڻيڪارن مان هو. سندس چونڊ افسانن جو مجموعو ”بِلو دادا“ جي عنوان سان 1956ع ۾ ڇپيو، جنهن جا بعد ۾ٻيا ڇاپا به پڌرا ٿي چڪا آهن. اياز قادريءَ ’مئڪسم گورڪيءَ‘ جي مشهور ناول ’آتم ڪهاڻيءَ‘ جا ٻه جلد پڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا، جيڪي سنڌي ادبي بورد طرفان ڇپرايا ويا. سندس تحقيقي مقالو ’سنڌي غزل جي اوسر‘ ٻن جلدن ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. سندس هيءَ ڪتاب سنڌي غزل جي نه صرف جامع تاريخ آهي، پر سنڌي شاعرن جو مستند تذڪرو پڻ آهي، جيڪو ٽن صدين تي مشتمل آهي. ان کان سواءِ پاڻ جي. الانا جي انگريزي ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ’اسان جي آزاديءَ جا اڳواڻ‘ (1980ع) عنوان سان ڪيو، سندس ٻين ڪتابن ۾ ’مٽيءَ لڌو مانُ‘(1970ع)، ’عشقيه داستان‘(1985ع) ۽ ’پرين جون ڪهاڻيون‘ (لوڪ ادب: 1981ع) به مثالي حيثيت رکن ٿا. ڊاڪٽر اياز قادري 15 ڊسمبر 1997ع تي وفات ڪئي ۽ کيس لاڙڪاڻي ۾ آبائي ڳوٺ ۾ دفن ڪيو ويو .

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    سنڌي ڪهاڻي جي هڪ صدي ناميارو ڪهاڻيڪار ڊاڪٽر اياز قادري

    مختيار سمون

    اياز قادري صاحب کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو مون کي صرف ڪو هڪ يا ٻه دفعا موقعو مليو هو ۽ اهو به لاڙڪاڻي جي ادبي ميڙاڪن ۾ ئي. ڇو ته پاڻ جڏهن نوڪري تان رٽائرمنٽ ڪري لاڙڪاڻي اچڻ ۽ رهڻ جو گهڻوسلسلو جوڙيو هيائون، تڏهن مان پڙهائي ۽ نوڪري جي سانگي لاڙڪاڻي کان ٻاهر رهندو هيس. مان 1991ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي مان بدلي ٿي لاڙڪاڻي ۾ آيس ۽ هتي 1992ع ۾ ناليج سينٽر قائم ڪيم ۽ ان ۾ انگريزي پڙهائڻ سان گڏ سنڌي علمي ادبي نشستن جو اهتمام به ڪرڻ لڳس ۽ ڪوشش ڪيم ته لاڙڪاڻي ڄايا نامور اديب ۽ دانشور به ناليج سينٽر ۾ اچي مون کي ۽ منهنجي شاگردن کي پنهنجي فيض سان نوازن . انهيءَ حوالي سان لاڙڪاڻي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جو ناليج سينٽر ۾ اچڻ ٿيو پر منهنجي هڪ خواهش اڻپوري رهجي وئي، اها هيءَ ته مان ناليج سينٽر لاءِ ڊاڪٽر اياز قادري صاحب جن کان وقت وٺي نه سگهيس ۽ پاڻ 1997ع ۾ انتقال ڪري ويا. بحرحال 1999ع ۾ ناليج سينٽر اياز قادري صاحب جي ياد ۾ هڪ ميڙاڪو ڪرائي پنهنجي اڱڻ، ماحول ۽ درو ديوار کي قادري صاحب جي ذڪر سان واسيو ۽ روشناس ڪرايو هيو.
    اياز قادري لاڙڪاڻي جي اهل علم ، ادب، دانش، ۽ روحانيت واريون رمزون رکندڙ خاندان جو هڪ اهڙو فرد هيو جيڪو نه رڳو پنهنجي بزرگن جي نقشقدم تي هلي روحاني روايتن تي ڪاربند رهيو پر هو سنڌي ادب ۾ تحقيق ۽ تخليق واري عمل سان لاڳاپجي ايندڙ نسلن لاءِ لازوال ادبي شاهڪار به ڇڏي ويو، جن ۾ ڪهاڻيون به سندس هڪ خاص حوالو آهن.
    ڊاڪٽر اياز قادري 19 جولاءِ 1927ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. بنيادي تعيلم لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِايس ايم لا ڪاليج مان پوسٽ گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪيائين. انهيءَ سان گڏ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌي سبجيڪٽ ۾ ماسٽرس جي ڊگري به ورتائين. ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي رهنمائي ۾ سنڌي غزل جي اوسر جي موضوع تي 1982ع ۾ پي ايڇ ڊي جواعزاز حاصل ڪيائين. سندس پي ايڇ ڊي واري مقالي جي اهميت جي پيشِ نظر انسٽيوٽ آف سنڌ الاجي ان کي ڪتابي صورت ۾ “سنڌي غزل جي اوسر” جي عنوان سان 1982ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.
    ڊاڪٽر اياز قادري هڪ جاکوڙي، برجستو ۽ مستقل مزاج ماڻهو هيو. هن جي لاءِ زندگي، عمل ۽ جدوجهد جي ٻئي نالي جيان هئي، تنهنڪري هو ان جو هرلمحو ڪارج ڀريو بڻائڻ لاءِ هميشه مصروفِ عمل ئي رهندو هيو. پاڻ اڃا اعليٰ تعليم جي حاصل ڪرڻ وارن مرحلن ۾ ئي هيو جو درس وتدريس جو پيشو اختيار ڪيائين. پڙهائڻ جو ڪم هو نه رڳو هڪ سرڪاري معلم جي حيثيت ۾ڪندو هو پر ذاتي طور تي به، علم جي ٻين ڏانهن منتقلي کي عبادت سمجهندو هيو. سندس نوڪري جي شروعات 1949ع کان ٿي جڏهن پاڻ سنڌ مدرسي لياري اسڪول ۾ استاد جي حيثيت سان مقرر ٿيو.اُن جي ڇهن سالن کان پوءِ سنڌ مسلم آرٽس ڪاليج ۾ ليڪچرر مقر ٿيو. جتي ٻارنهن سال پنهنجي علمي ۽ ادبي فيض کي عام ڪندو رهيو. 1972ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي ڊپارٽمنٽ جو باني اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو جتي مسلسل سورنهن سال سنڌي علم ۽ ادب جي بي لوث خدمت ڪري 1987ع ۾ پروفيسر ۽ سنڌي ڊپارٽمنٽ جي چيئرمين جي حيثيت ۾ رٽائرمنٽ ورتائين. قادري صاحب جي علمي لياقتن جي پيشِ نظر رٽائرمينٽ کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽيءِ جي انتظاميا کيس شاهه عبدالطيف ڀٽائي چيئر جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيڻ جي آڇ ڪئي جيڪا پاڻ قبول ڪيائين ۽ پوءِ پنج سال يعني 1991ع تائين ان ئي منصب تي فائز رهيو.
    لاڙڪاڻي ۾ قادري فيملي علم ادب ۽ سماج جي مختلف پهلوئن ۾ ناميان ڪردار ادار ڪرڻ واري حوالي سان هڪ خاص سڃاڻپ رکي ٿي. هن خاندان جا ڪي ئي فرد سٺا شاعر، ڪهاڻيڪار، استاد، قابل منتظم ۽ ڪامورا هجڻ سان گڏ وگڏ سنڌي صحافت جا پڻ پيش رو رهيا آهن. صحافت جو اهو سلسلو اياز قادري کان اڳ سندس بزرگن ۽ پوءِ سندس پوئيرن تائين به جاري رهيو. اياز قادري پاڻ پڻ سنڌي ٻوليءَ جي مختلف رسالن ۽ هفتيوار اخبارن ۾ ايڊيٽر ۽ سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. سندس ادارت ۾ نڪرندڙ اهڙن رسالن ۽ اخبارن ۾ سنڌ مسلم مئگزين، سنڌ ڪوارٽرلي، هفتيوار نوجوان ڪراچي، هفتيوار ناخدا ۽ هفتيوار الحقيقت شامل آهن.
    تعليم ۽ صحافت کان علاوه اياز قادري جي سڃاڻپ جوجيڪو وڏو حوالو آهي اهو آهي سنڌي ادب . سنڌي ادبي دنيا ۾ اياز قادري نه رڳو قلم جي ذريعي ئي ڪنٽريبيوٽ ڪيو آهي پر هو هڪ ادبي ڪارڪن ۽ ايڪٽوسٽ جي حيثيت سان پڻ ادبي تنظيمن ۾ بي لوث طريقي سان ڪم ڪندو رهيو هو. انهيءَ حوالي سان سندس نمايان شهرت ته سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي پهرين سيڪريٽري واري آهي پر ان کان علاوه پاڻ جميعت الشعراءَ جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جو باني سيڪريٽري به رهي چڪو هيو.
    سندس تخليقي صلاحيتن، تحقيقي قابليت، بيان جي قوت ۽ قلم جي جنبش جي نتيجي ۾ جيڪي سندس تصنيفون تيار ٿي، ڇپجي، ڪتابي صورت وٺي منظر عام تي آيون آهن انهن ۾ ڪهاڻين جو مجموعو “بلو دادا”، پرين جون ڪهاڻيون، عشقيه داستان، مٽيءَ لڌو مان، سنڌي غزل جي اوسر، پکين ۽ جانورن جون ڪهاڻيون، لائيف هسٽري آف سيد غلام مصطفيٰ شاهه شامل آهن. پاڻ انگريزي مان سنڌي ۽ سنڌيءَ مان اردو ٻولين ۾ ترجمي ڪرڻ واري پڻ وڏي صلاحيت رکندو هيو. سندس ترجمو ٿيل ڪتابن ۾ ڊاڪٽر جِي الانا جو انگريزي وارو ڪتاب “فريڊم فائيٽرس”، مئڪسم گورڪي جا ڪتاب “ماءِ چائيلڊ هوڊ” ۽ ماءِ يونيورسٽيز، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جو اردو ترجمو ۽ ڪجهه اردو ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو پڻ شامل آهن.
    اياز قادري شاعر يا افسانا نگار هجڻ واري سٽ کي سلجهائندي پنهنجي ڪهاڻين جي ڪتاب بلو دادا جي پيش لفظ ۾ لکي ٿو ته “ آءٌ پهريان شاعر ۽ پوءِ افسانه نگار آهيان. مون جڏهن ڏٺو ته منهنجي سماج ۾ جيڪي وهي واپري ٿو، جيڪو منهنجي دل ۾ اٿل پٿل پيدا ڪري ٿو سو شاعري کان وڌيڪ افساني ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو تڏهن مون شاعريءَ سان گڏ افسانا به لکڻ شروع ڪيا.”.
    ڊاڪٽر اياز قادري پنهنجي شاعراڻي پسمنظر بابت وڌيڪ پنهنجي ڪتاب “غزل جي اوسر” ۾ لکي ٿو ته “ منهنجي اک غزل جي ماحول ۾ کلي. ناناڻي توڙي ڏاڏاڻي طرف غزل جا شاعر هئا، منهنجو پيءُ ميان غلام سرور فقير، منهنجو ڏاڏو ميان غلام محمد گدا، منهنجو نانو ميان علي محمدي قادري ۽ منهنجو مامو ميان غلام عباس جوش غزل جا شاعر هئا. اسان جي اوطاق ۾ 1915ع کان باقاعده بزمِ مشاعره ٿيندا هئا جن ۾ جڏهن آءٌ اٺن سالن جو هوندو هوس ته وڃي ويهندو هوس ۽ استاد شاعرن جا غزل نهايت غور سان ٻڌندو هوس.
    ڊاڪٽر اياز قادري جيڪو اهڙي شاعراڻي ماحول ۾ نپنيو ۽ پليو ان لاءِ ڪو ڪامياب شاعر ٿيڻ ته مشڪل به ڪونه هيو پر ڪهاڻي واري صنف هن کي پاڻ ڏانهن ايترو ڇڪيو جو هن پنهنجي اظهار جو گهڻو تڻو ذريعو ڪهاڻيءَ واري صنف کي ئي بڻايو.
    ڊاڪٽر اياز قادري جو هڪ ويجهو دوست شيخ عبدالحليم لکي ٿو ته “ مون کي اياز ۾ پنهنجي دور جو هڪ عظيم شاعر نظر آيو جنهن جي ڪلام ۾ زندگيءَ جي جهلڪ نه پر خود زندگي جلوه فرما هئي”. شيخ صاحب ڊاڪٽر اياز قادري صاحب لاءِ وڌيڪ لکي ٿو ته “هن جڏهن افسانا لکڻ شروع ڪيا ته مون کيس افسانن ڏانهن مائل ٿيڻ کان جهليو. مون سمجهيو ٿي ته جيڪڏهن اياز افسانن ڏانهن رخ رکيو ته اسانجو شعري ادب هڪ باڪمال شاعر جي زندگي بخش ڪلام کان محروم رهجي ويندو.”
    انهن سڀني زورن ۽ بارن جي باوجود اياز قادري ڪهاڻي لکڻ سان منسلڪ رهيو ڇو ته هن جا جيڪي موضوع آهن خيالي نه هيا پر انهن سماج مان ئي جنم ورتو هيو جيڪي صرف افسانن ۾ ئي چڱيءَ طرح اظهارجي ٿي سگهيا. ان بابت قادري صاحب خود لکي ٿو ته “منهنجي افسانن جا پلاٽ نه ڌاريا آهن نه خيالي هي اُهي تلخ حقيقتون آهن جنکي اسين پنهنجي زندگيءَ ۾ هر روز ڏسون ٿا. مون فقط ايترو ڪيو آهي جو انهن کي افسانوي رنگ ڏئي پيش ڪيو آهي.”
    انهيءَ مٿين تناظر ۾ جيڪڏهن اياز قادريءَ جي صرف هڪ ئي ڪهاڻين جي مجموعي بلو دادا ۾ ڏنل ٻارنهن ڪهاڻين تي نظر ڦيرايون ٿا ته اسان کي ڪهاڻين جي هن ننڍڙي ڳُٽڪي ۾ اهڙيون ڪهاڻيون ملن ٿيون جيڪي تخليق ته ڪهاڻي جي ٽئين دور ۽ ورهاڱي کان پوءِ واري پهرين دور جي دوران ئي ٿيون آهن پر حقيقت ۾ قادري صاحب جون اِهي ڪهاڻيون، ڪهاڻيءَ جي سموري صديءَ واري دور تي ڇانيل نظر اچن ٿيون.
    هنن ڪهاڻين جا پلاٽ، ٻولي ۽ پريزنٽيشن پنهنجي حوالي سان هڪ انفردايت رکن ٿا جيڪي هنن ڪهاڻين کي هڪ الڳ سڃاڻپ بخشين ٿا. جيڪا ڳالهه هنن ڪهاڻين جي تخليقڪار اياز قادري کي ڪهاڻي کيتر ۾ مٿاهين حيثيت بخشي ٿي.
    جيتوڻيڪ اياز قادريءَ جي “بلو دادا” ٽائيٽل واري ڪهاڻيءَ ادبي دنيا ۾ وڏي شهريت ماڻي ورتي آهي پر هن جون ٻيون ڪهاڻيون جهڙوڪ “مان انسان آهيان”، ۽ “ ڪفن چور” به پڙهندڙ جي وجود کي ڌوڏي وجهن ٿيون.
    ساڳيءَ طرح هڪ ٻي ڪهاڻي “علوءَ جو عشق” پڻ سماج ۾ بي پهچ انسانن جي اڻپورين خواهشن تي هڪ احتجاجي نوحي مثل آهي.
    مان پنهنجي مقالي جي وڌيڪ طوالت کان بچڻ لاءِ جيڪڏهن هن سموري بحث کي ويڙهي ۽ مجموعي طور تي اياز قادري جي ادبي ڪم خاص ڪري افسانه نگاري لاءِ ڪا راءِ قائم ڪيان ته پوءِ منهنجي اها راءِ به علامه غلام مصطفيٰ قاسمي واري ساڳي راءِ هوندي جيڪا هُن هن طرح رقم ڪئي آهي ته “ افسانوي فن ۾ اياز قادريءَ کي منفرد حيثيت حاصل آهي. ورهاڱي کان پوءِ جن افساني نگارن سنڌي ادب ۾ اهم مقام حاصل ڪيو تن ۾ سندس نالو به شامل آهي.”

    (انيس انصاري اڪيڊمي پاران سنڌي ڪهاڻيءَ جي هڪ صديءَ جي تقريبن جي سلسلي ۾ 10 آڪٽوبر 2014 تي لاڙڪاڻو سيمينار ۾ پڙهيل)
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڊاڪٽر اياز قادري : هڪ ڪهاڻيءَ جي بهترين پڄاڻي

    منظور ڪوهيار

    [​IMG]
    هر انسان جي زندگي به ته هڪ ڪهاڻي آهي. ڪنهن جو منڍ ڇرڪائيندڙ ته ڪنهن جي پڇاڙي، ڪا معنى ته ڪا بي معنى، ڪا خوشي ۽ سرور جو سنگم ته ڪا پيڙا ۽ درد جو امتزاج.
    اياز حسين قادري به هڪ دؤر، هڪ شهر، هڪ خاندان ۽ هڪ شخص جي ڪهاڻي آهي. هن جو جنم ۱۹ جنوري ۱۹۲۷ع ڌاري ميان جي ڳڙهي (قادري پاڙي) لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. سندس والد غلام سرور ”فقير“ تعليم کاتي ۾ آفيسر هو. ساڍن پنجن ورهين جو ٿيو ته سندس والد بزرگوار راهه رباني ورتي. والده کيس يتيمي جو احساس نه ڏياريو. سندس چوڻ هو، ”هڪ ته ماءُ ايڏي شفقت ڏني جو، والد جي ڪمي محسوس ئي نه ٿي ۽ ٻيو ته فقيري اثر ڪري، مون ڪڏهن والد کي مئل نه سمجهيو. ڇو ته اسان وٽ هي جهان دارالفنا ۽ ايندڙ دارالبقا آهي.“

    لاڙڪاڻو شهر ان زماني ۾ باغن، پڌرن ۽ چونڪن جو شهر هو. امن ۽ محبت جو گهوارو، ادب ۽ علم جو مرڪز. لاڙڪاڻي کي ته ان زماني ۾ چوندا ئي شاعرن جو آکيرو هئا. شهر جي هندن ۽ مسلمانن کي صوفين ۽ سنتن، پيار ۽ محبت واري ڏور سان ٻڌي ڇڏيو هو. شهر جا اڳواڻ به خدا ترس ۽ هڏ ڏوکي هئا. نواب حاجي امير علي لاهوري ميونسپل ڪاميٽيءَ جو عوامي پريزيڊنٽ، جيسيتائين گهوڙي تي چڙهي سڄي شهر جو چڪر نه هڻي، تيسيتائين آرام نه اچيس. اسان جي اوطاق تي ته ضرور ايندو هو. ميان علي محمد قادري سان گهڻي هوندي هيس.
    اسان جي ويڙهن وچ ۾ ميان محمد صالح قادريءَ جي قبي تي راڳ ٿيندو هو. هندو مسلمان گڏ ويٺا هوندا هئا. هڪٻئي جا حال ڀائي ۽ باخبر، جو ايتري به خبر هوندي هين ته ڪنهن جي گهر ۾ ڇا رڌو پڪو آهي. هڪ ٻئي ڏانهن ڀاڄي موڪلڻ ۽ سڏي کارائڻ جو رواج هو.“
    سائين اياز قادري جون ڳالهيون ٻڌندا هئاسين ته ان زماني ۾ لاڙڪاڻي جي معاشي ۽ سماجي صورتحال سمجهه ۾ اچي ويندي هئي. لڳندو هو ته رڳو وچ ۾ گهرن کي ڀتيون هيون، باقي ته ماڻهن جو دليون ڳنڍيل هيون. سائين قادري صاحب جي ڪچهريءَ ۾، ويٺل سندس سؤٽ مظهر علي عرف مجن قادري وري لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جي تصوير ڪشي ڪجهه هيئن ڪندو هو:.
    ”سائين، لاڙڪاڻو معشوقن جو شهر... ننڍا هياسين ته، مائي سمل ڏٺي سين، اها مائي سمل هئي. جنهن تي مير ڪرم داد عاشق ٿيو. چيائينس ته هزار ايڪڙ ڏيندونمانءِ، مون سان ويهه، وراڻيائينس ته مير آهيان ته ڪڃري، ويهنديس ته سهي، پر ٻڌائي ڇڏيان ته منهنجي دل ٻئي هنڌ آهي. وري سائين منهنجي کي چوان، ميان محمد صالح قادري جي درگاهه تي مائي عنايتان جي سنڌي جهمر ڏٺي سين، وٺي جو ناٽ ڪري ته پٽڪا ڳچين ۾ ..... مائي عنايتان جهڙو چپن کي لڳل مساڳ اڄ تائين اسان نه ڏٺو. ڇا پُڄن اڄوڪيون سرخيون .... هيون ته نالي ۾ ڪڃريون، باقي رت خاندانن جو هو. لاڙڪاڻي جي وڏيرن ۽ نوابن تي ائين ڪاتي هلندي هئي. جيئن جمعو ڪاسائي پهرن (ٻاڪرو مال) کي سيران ڏئي. اسان پنهنجي جوانيءَ ۾ مائي تاج ۽ خورشيد کي ڏٺو. بڳيءَ تي چڙهي، شام جو شهر ۾ چڪر هڻي وڃن ته سڄي لاڙڪاڻي کي باهه لڳي وڃي. اسان پاڻ انهين جي باهين ۾ ڄرڪياسين!“
    مجن خان چپ ٿي ويندو هيو ته سائين اياز قادري چوندو هو. ”هر ماڻهوءَ کي پنهنجو ماضي سٺو لڳندو آهي. پر ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته اڳي ماڻهن ۾ همدردي وڌيڪ هئي. هيءَ جيڪا به وٿي پئي، اها هندو مسلم سياست جي ڪري، جنهن سڄي برصغير کي اٿلائي پٿلائي ڇڏيو. جنهن ڪري حقيقي عشق وارا ۽ مزاجي عشق وارا ماڻهو پريشان ٿي ويا. اهي قدر جيڪي اسانجي سماج کي ٽيڪ ڏيون بيٺا هئا، سي ڪِري پٽ پيا. ان ڪري هر طرف خودغرضي ۽ نفسانفسيءَ جو ماحول ٿي ويو آهي.“
    اياز قادريءَ جون اهڙيون ڪچهريون ته اسان کي ڇڪي سندس اوطاق تي وٺي اينديون هيون. جڏهن به خبر پوندي هئي ته سائين ڪراچي کان لاڙڪاڻي پهتو آهي ته، بغير ڪنهن تڪلف جي اچي سندس دروازو کڙڪائيندا هئاسين. اهو پٽن کي چيل هيس ته جڏهن به ڪو اديب يا اهل علم ماڻهو پڇڻ اچي ته کيس ننڊ مان به اٿاريو وڃي ۽ ائين ٿيو. اسان کيس ننڊ مان اٿاري ڪچهريون ڪيون. هن ڪڏهن نرڙ تي گهنڊ نه وڌو. ڪچهري هلندي هئي. ”اپنشد“ جي ڪهاڻين جو اهو ”پرجاپتي“ وارو ڪردار ادا ڪندو هو، جيڪو ڪنهن کي به احساسِ ڪمتريءَ جو احساس نه ڏياريندو هو. باوجود انهيءَ جي ته اياز قادري علمي لياقتن جي حوالي سان بيجنتي مالا هو. ۱۹۴۴ع ۾ مئٽرڪ مدرسي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان، بي اي آنرس، ايس ايم آرٽس ڪاليج ڪراچي مان ڪيل هيس. ايم اي فارسي، سنڌي، ايل ايل بي ۽ پي ايڇ ڊي هئڻ جي باوجود به ڏک نه ڏيندو هو ۽ نه احساس ڏياريندو هو ته ڪو اڪابرين منجهان آهي. احساس برتريءَ کان آجو، وڏائيءَ کان ڪوهين ڏور، بالڪل صاف دل صوفي، جنهن جي قول ۽ فعل ۾ تضاد ئي ڪو نه. ان جو ٻيو ڪهرو ثبوت ڏجي ته پاڻ اهلِ تشيعت جو، ۽ سندس وڏڙن جي مسجد ۾ مولوي اهلِ سنت جو رکيل، جنهن جي پٺيان نماز هٿ ڇوڙي پڙهندو هو. پڇندو هيومانس: ”اهو ڪيئن؟“
    کلي چوندو هو: ”سجدو الله جو آهي.“
    پڇندو هو مانس: ”پوءِ اهو هٿ ڇوڙڻ ۽ ٻڌڻ جو فرق ڇو؟“
    جواب ڏيندو هو : ”دلين ۾ فرق نه هجي، باقي اهي فرق ثانوي آهن.“
    اياز قادري سنڌ جي انهن اعلى پايي جي ڪهاڻيڪارن منجهان هو، جن ڪهاڻيءَ کي، سماجي حقيقت نگاريءَ جي حوالي سان اهم موڙ ڏنو. سنڌي ٻوليءَ ۾ مقصدي ادب کي هٿي وٺائڻ ۾، لاشڪ ته اياز قادري هڪ اهم ۽ وڏو نانءُ آهي. ۱۹۵۷ع ۾ ڇپيل سندس ڪهاڻين جو مجموعو ”بلو دادا“ هڪ اهڙي وٿ آهي، جيڪا پئي پراڻي ناهي ٿيڻي، ٻوليءَ جي حوالي سان هو سلاست ۽ بلاغت جو ڌڻي هو. ۱۱۳۲ صفحن تي پي اڇ ڊي لاءِ لکيل سندس تخليقي مقالو”سنڌي غزل جي اؤسر“ پڻ هڪ اهڙو ڪارنامو آهي، جنهن تحقيق جي حوالي سان سندس نانءَ کي دائميت بخشي. ان ڪري سنڌ جي سڀني نقادن ۽ علمي شخصيتن سندس محنت جو اعتراف ڪيو آهي. هري دلگير درياڻي ۲۱ جنوري ۱۹۸۵ع ۾ کيس آديپور ”انڊيا“ مان لکيو.
    ”تو وٽان تنهنجو شاهڪار سنڌي غزل جي اؤسر پهتل آهي. سنڌي غزل تي تو جيڪا محنت ڪئي. ان لاءِ تو اڳيان سر جهڪايان ٿو. بي شڪ تو لاثاني پورهيو ڪيو آهي.“
    انهيءَ حوالي سان، سنڌي ادب جي ساڃاهه وند ڊاڪٽر موتي پرڪاش ۱۲ مارچ ۱۹۸۵ع ۾ کيس دبئيءَ کان لکيو؛ ”ها اوهان جي ٿيسز جي ٻئي ڀاڱي جي هڪ ڪاپي مڪتبه اسحاقيه وارن موڪلي آهي. پڙهيم، ڏاڍي محنت ڪئي اٿـوَ، ڀارت ۾ سنڌي غزل جو اؤسر وارو ڀاڱو ته لاجواب آهي. خاص طور سنڌي ادب جي مسئلن ۽ ترقي تي جيڪا روشني وڌي اٿوَ. سو هڪ دستاويزي ڪم آهي. سنڌ ۾ سنڌي ادب جي پارکن کي، چاهي هند ۾، سڀني کي ڏاڍو پسند ايندو.“
    ڊي ڪي منشاراڻي جي راءِ به ڏاڍي عقيدت ۽ احترام واري آهي:
    ”اوهان جي ٿيسز پڙهڻ کان پوءِ منهنجو رد عمل اهو آهي ته آءٌ هن دوريءَ کان ان هٿ کي چمان ٿو. جنهن اهڙي قلم ذريعي اهڙو تحقيقاتي شاهڪار پيش ڪيو آهي.“
    سچ پچ ته سنڌ ۽ هند ۾ هر محقق ۽ اديب سندس ان ٿيسز کي مانائتو ۽ شانائتو قرار ڏنو. ۽ مڃتا طور تي ۱۹۸۵ع ۾ ”اڪادمي اديبات“ ان تحقيقي مقالي تي کيس ايوارڊ سان نوازيو. تحقيق جي حوالي سان سندس شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ تي لکيل مقالن ۽ مضمونن جو ڪتاب ”مون مطالع سپرين“ به هڪ اهم وٿ آهي. سچل شناسي ۾ ته سندس ڪو پيرمٽ نه هو. ان جو وڏو سبب ته سندن جد امجد فقير ميان محمد صالح، سچل سائين جو هم عصر ۽ خواجه عبدالحق جو مريد هو. اهو ئي سبب آهي جو درازا شريف جو موجوده گادي نشين ”سائين سخي قبول محمد فاروقي“ پنهنجي هڪ تقرير ۾ اهو برملا اظهار ڪيو ته ، ”شايد اوهان اڄ ان ڳالهه کي realize نه ڪيو. پر اها حقيقت آهي ته سڀاڻي ان شيءَ کي اوهان تاريخي پسمنظر ۾ ڏسندا ته درگاهه درازا جو گادي نشين وري قادريه خاندان جي گادي نشين جو شاگرد ٿي رهيو آهي. ڊاڪٽريٽ ڪرڻ واري عرصي ۾ آءٌ جڏهن به قادري صاحب سان ملندو هيس ته هڪ استاد هجڻ جي حيثيت ۾ آءٌ کيس پيرين پئي ملڻ جي ڪوشش ڪندو هيس ۽ هو وري هڪ مريد هجڻ واري حيثيت ۾ مون کي پيرين پئي ملڻ جي ڪوشش ڪندو هيو. اها هڪ دلچسپ صورت حال هئي.“
    اياز قادري نه صرف محقق هو، پر اهڙن اٺن شاگردن جي پي ايڇ ڊي جي موضوعن جو نگران به رهيو. جن جو تحقيقي ڪم به قابل فخر آهي. اياز قادري ترجمن کي به وڏي اهميت ڏيندو هو. سندس ان ڳالهه تي به زور هوندو هو ته هر اديب کي ڌاريءَ ٻوليءَ جو ادب سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ادب وري ڌاري ٻولي ۾ ترجمو ڪرڻ کپي. ڇاڪاڻ ته ان عمل سان ٻوليءَ کي وسعت ملي ٿي. ۽ ان جو پاڻ عملي مظاهرو ڪندي ڪيترائي ترجما ڪيائون.
    جن ۾ ”گورڪيءَ جي آتم ڪهاڻي“ـــ ”آزاديءَ جا اڳواڻ“ ــ”جنن پرين جون ڪهاڻيون“ ــ ”خطرناڪ ڪهاڻيون“ ـــ ”پاڪستاني ڪلچر“ ــ ”ڪراچي يونيورسٽي جي تاريخ“ ۽ سنڌي ٻوليءَ مان شاهه جي رسالي کي اردو نثر ۾ ترجمو ڪري هڪ اهم ڪم سر انجام ڏنائين. جنهن جو اعتراف اردو ٻوليءَ جي نامياري شاعر افتخار عارف به ڪيو آهي. اياز قادري صاحب لاءِ لکي ٿو:
    ”اياز قادري جي ڪوشش ڪري اردو ٻوليءَ وارن لاءِ شاهه لطيف جي عارفاڻي پيغام کي سمجهڻ جي راهه هموار ٿي.“
    اهڙي طرح صحافت ۾ هفتيوار ”الحقيقت“ جو مدير، جڳ مشهور سه ماهي انگريزي رساليsindh quarterly جو ٻانهن ٻيلي ۽ ايڊيٽر ٿي رهيو. شاعريءَ تي به کيس عبور حاصل هو. محترمه ڊاڪٽر فهميده حسين، اياز قادريءَ جي شاعري بابت لکي ٿي ”اياز قادري جو ادب، شاعري ۽ تحقيق ۾ وڏو حصو آهي. شاعريءَ تي کيس وڏو عبور حاصل هو.“
    سچ ته اياز قادري هڪ همه گير شخصيت هو. جيڪڏهن سندس علمي ۽ ادبي عهدن تي نظر وجهجي ته هڪ ڊگهي لسٽ ڏيڻي پوندي. جيڪڏهن هتي مختصر انداز ۾ سندس علمي ۽ ادبي عهدن جو ذڪر ڪجي ته به اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هو هڪ وڏي علمي ادبي هڏ ڪاٺ وارو شخص هو.
    ۱۹۵۴ع ۾ جميعت الشعراءَ سنڌ جو جوائنٽ سيڪريٽري.
    ۱۹۵۵ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو پهريون جنرل سيڪريٽري.
    ميمبر سينيٽ ڪراچي يونيوريٽي
    ميمبر سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
    ميمبر انسٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄامشورو
    ميمبر سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچي
    چيئرمين شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي
    چيئر مين سنڌي ڊپارٽمينٽ ڪراچي يونيورسٽي
    ميمبر اقبال اڪيڊمي لاهور
    ميمبر ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي لاڙڪاڻو
    بنيادي ميمبر۱۳ مئي ۱۹۹۷ع ۾ رائيٽرس ڪلب لاڙڪاڻو.
    مون ڪڏهن به نه ٻڌو ته ترقي پسنديءَ جي نانءَ تي هن ڪڏهن مذهب کي ننديو ۽ نه ئي ديندار جي ناتي ان کي هٿيار بڻايائين. هميشه نيرورتا واري حالت ۾ رهيو. اياز قادري پوري ڄمار ڪنهن به ڌر جي پليٽ فارم کي پنهنجي ادبي قد بت کي وڌائڻ لاءِ استعمال نه ڪيو. اڃا ٻين کي همٿائيندو ۽ اتساهيندو رهيو. اهڙن ماڻهن منجهان مان به آهيان. ڪيئن وساري سگهندس اهي لفظ جيڪي هن منهنجي ڪهاڻين جي مجموعي ’سج لهڻ کان پوءِ به‘تي، ميسيج گروپ لاڙڪاڻي پاران ڪرايل گروپ ڊسڪشن ۾ چيا هئا.
    ”عيسائين ۾ هڪ رواج آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کان گناهه سرزد ٿي ويندو آهي ته اهو فادر وٽ وڃي پنهنجي گناهه جو اعتراف ڪندو آهي، جيڪڏهن محبت ڪرڻ گناهه آهي ته آءٌ اعتراف ڪيان ٿو ته مان منظور ڪوهيار سان سندس ڪهاڻين جي ڪري محبت ڪيان ٿو.“
    جي مان خوشفهمي جو شڪار نه ٿيان ته اهي لفظ هڪڙي قسم جو آشيرواد ها، هڪ اهڙي ڪهاڻيڪار لاءِ، جيڪو نو آموز هو. هونئن به اياز قادري ڪنهن جي کٽل ڳالهه کڻي وڃڻ وارو شخص هو. اڳلي جي ڪم علمي تي آڱر کڻڻ وارن مان نه هو. اياز قادري جي عمر جو گهڻو تڻو حصو ڪراچي ۾ گذريو.۱۹۴۹ع ۾ ايس ــ ايم لياري هاءِ اسڪول چاڪيواڙي ۾ ٽيچر جي حيثيت سان عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين ۽ رٽائرمينٽ ۱۹۸۷ع ۾ پروفيسر ۽ هيڊ آف دي سنڌي ڊپارٽمينٽ ڪراچي يونيورسٽي جي حيثيت سان ڪيائين. ان کان پوءِ شاهه عبداللطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي جو ڊائريڪٽر ايڊوائزر جي حيثيت سان خدمتون سر انجام ڏيندو رهيو.
    حقيقت اها هئي ته سندس دل لاڙڪاڻي ۾ هوندي هئي. عيد برات، شادي يا غمي يا ڪمي ڪارين لاڙڪاڻي ايندو ته پنهنجي پراڻن نون دوستن کي ساريندو. ٽيلوفون يا نياپا ڪري پنهنجي جڳهه تي علمي ادبي ڪچهريون ڪرائيندو. انهن ڪچهرين ۾ سوڀو گيانچنداڻي، علي شير رونگهو، بشير احمد شاد، محمد علي پٺاڻ، رزاق مهر، سليم ڪورائي، ڊاڪٽر گل بليدي، افضل قادري ۽ واجد نظر ايندا هئا.
    پوڙهي ٿيڻ کان پوءِ ماڻهو ڪانگ وانگر پيو لنوندو آهي. پڇبو اٿس هڪ جي ته ڳالهه ٻي ڪندو آهي. پر اياز قادري جي عمر ۾ جيئن جيئن اضافو پئي ٿيو. تيئن سندس شخصيت تيجوان پئي ٿئي. ادبي محفل يا نجي ڪچهري هجي، ڳالهائيندو موضوع انوسار، مختصر مگر جامع. اڄ به سندس تڪيل توريل لفظ هيئين ۾ هرن ٿا. جيڪي هن هڪ ادبي ڪچهري ۾ ڪهاڻي بابت ڳالهائيندي چيا هئا.
    ”جڏهن به اسان عام طرح ڪهاڻيءَ تي ڳالهائيندا آهيون ته رواجي طور تي اهو چوندا آهيون ته منجهس پلاٽ، ڪردار نگاري، ٻولي، ماحول اسلوب، ۽ مقصد هجڻ گهرجي وغيره. ڪي چون ٿا ته ڪهاڻي بنهه جڙتو هجي. ڪن جو خيال آهي ته زندگيءَ جو حصو هجي. منهنجي خيال ۾ ڪهاڻي اُها جيڪا پاڻ کنيون هلي ۽ آخر ۾ هڪ طاقتور اثر ڇڏي. جيڪڏهن ڪهاڻي پڙهندڙ کي ساڻ کنيون هلي ٿي ۽ اثر ڇڏي ٿي ته ڪهاڻيڪار ڪامياب، نه ته ناڪام. اوهان دنيا جي وڏن وڏن ڪهاڻيڪارن کي پڙهيو هوندو پر اهي ڪهاڻيون اوهان کي ياد هونديون، جن اوهان تي اثر ڇڏيو. سٺي ڪهاڻيءَ جي اها ڪسوٽي آهي ته ڀرپور تاثر ڏي ۽ حافظي ۾ رهي.“
    موت ته اٽل آهي پر اياز قادري ۱۵ ڊسمبر ۱۹۹۷ع جو جهڙي ريت ساسين سکالو ٿيو. اهو به ڄڻ هڪ خوبصورت ڪهاڻيءَ جي پڄاڻيءَ جهڙو هيو. صبح جو سوير اٿيو. هميشه وانگر فجر جي نماز پڙهيائين. پوءِ يونيورسٽي وڃڻ جي تياري پئي ڪيائين. هن ڀيري اها تياري ڪا دارالبقا ڏانهن وڃڻ جي هئي. اڃا بوٽن جا تسمه پئي ٻڌائين ته اجل جو سڏ ٿيو، ”هارٽ اٽيڪ“ جي بهاني سان ان ڏينهن تي جڏهن سندس مڙھ، ڪراچي کان اباڻي ڪکن ڏانهن لاڙڪاڻي پئي آيو ته ابر رحمت جون گهٽائون پئي وسيون. ۱۵ شعبان شب قدر واري سڳوري رات جو، ٻي وڳي يعني ۱۶ڊسمبر ۱۹۹۷ع تي خانداني قبرستان، درگاهه ميان محمد صالح قادري جي ويجهو کيس آخري آرامگاهه ۾ لاٿو پئي ويو.
    هڪ اهڙو استاد جنهن کي هر وقت علم کي عام ڪرڻ جو اونو هو. سنڌي ادب جو اهڙو خوبصورت شاعر ۽ اڻ مٽ ڪهاڻيڪار جنهن جو مقصد، مقصدي ادب تخليق ڪرڻ هو. اهڙو محقق جنهن سنڌي غزل جي مستند تاريخ لکي. اهڙو صاف دل صوفي جنهن جي قول ۽ فعل ۾ ڪو تضاد نه هو. تنهن جي موڪلاڻيءَ جو منظر قابل ديد هو. آسمان تي هلڪا هلڪا بادل هڪٻئي پٺيان ڪنهن خوبصورت نظم جي بندن جيان روان دوان هئا. انهن جي وچ مان ستارن ۽ چنڊ به اسان جيان ليئا پائي پئي، آخري ديدار ورتو. جڏهن سندس مڙهه آهستي آهستي ساميءَ ۾ دعائن ۽ درودن سان لاٿو پئي ويو ته احبابن ۽ دوستن جون اکيون آبديده هيون. گهڻن جي ڳلن تان ڳوڙها وهي هليا. هر ڪنهن جي ذهن ۾ سندس يادن جي سڳنڌ سمايل هئي. ۽ منهنجي ذهن ان وقت اهو ئي پئي سوچيو ته هن ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ڪيڏي نه شاندار آهي.
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اياز حسين قادري سنڌي ادب جو وهائو تارو

    پروفيسر سليم ميمڻ

    سنڌ ۾ قادري خاندان جون ست پيڙهيون گذريل ٻن صدين کان سنڌي علم ۽ ادب پر خاص طور تي شاعريءَ جي ميدان ۾ اڻ ملهيون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيون آهن. سچل سرمست جي همعصر ۽ هم منصب ميان محمد صالح قادري، سچل سرمست جي ئي هدايت تي لاڙڪاڻي جي ميان جي پاڙي ڳڙهي ۾ اچي ديرو ڄمايو ۽ قادري سلسلي جي فڪر ۽ فلسفي کي هٿي وٺرائي. قادري خاندان ۾ ٽي صاحب ديوان شاعر پڻ رهي چڪا آهن، جن جي شاعري پنهنجي دور جي همعصرن ۾ گهڻي نمايان حيثيت حاصل ڪئي.

    ان ئي قادري خاندان ۾ ميان غلام سرور فقير جي گهر ۾ اياز حسين قادري 19 جنوري 1927ع تي لاڙڪاڻي شهر جي پاڙي ميان جي ڳڙهي ۾ جنم ورتو. قسمت ساڻس ياوري نه ڪئي ۽ سندس والد ميان غلام سرور تڪڙو ئي وفات ڪري ويو. سندس سارسنڀال ۽ سرپرستي سندس مامي ميان غلام عباس ’جوش‘ ڪئي، جيڪو پاڻ پنهنجي دور جو برک شاعر ۽ صاحب ديوان هو، پر سندس پالنا ۾ سندس والده ماجده ”نواب خاتون“ جو ڪردار اهم هئو. هن ننڍڙي اياز کي پيءُ جو کوٽ محسوس ٿيڻ نه ڏني، پر اياز قادريءَ کي سڄي ڄمار اهو ملال رهيو ته سندس سِر تان پيءُ جي ڇپر ۽ ڇانوَ جلدي کسجي ويا. اڪثر ڳالهين ڳالهين ۾ پاڻ ان محروميءَ جو اظهار ڪندو رهندو هو.
    اياز حسين قادري شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي مان ئي حاصل ڪيائون، باقي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ جو رخ ڪيائون ۽ اعليٰ ۾ اعليٰ ڊگري يعني پي. ايڇ. ڊي.، علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي رهبريءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1982ع ڌاري حاصل ڪيائون. ان کان اڳ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌي ۽ فارسي ٻولين ۾ ايم. اي. ۽ ايل. ايل. بي. جون ڊگريون حاصل ڪيائون.
    قادري صاحب جيئن ته علمي ۽ ادبي گهراڻي ۾ اک کولي، جتي سندس وڏا شعر و شاعريءَ سان گهڻو شغف رکندا هئا، انهن جي سرپرستيءَ ۾ مشاعرن جون محفلون منعقد ٿينديون هيون، جن ۾ ننڍڙو اياز باقاعدگيءَ سان شرڪت ڪندو هو. پاڻ 15 ورهين جي ڄمار ۾ پهريون غزل لکيائون، جيڪو فن، فڪر ۽ عروض جي معيار تي پورو لهندڙ هو. چاليهه ۽ پنجاهه جي ڏهاڪي ۾ پاڻ شاعري ڪندا رهيا، پر سندن شاعريءَ جو مجموعو شايع ٿي نه سگهيو. سندن شاعري ان دور جي رسالن ۾ باقاعدگيءَ سان شايع ٿيندي رهندي هئي.
    1966ع ۾ جڏهن مان ايس. ايم. سائنس ڪاليج ۾ داخل ٿيس ته اسان جي سنڌي نصابي ڪتاب ۾ اياز حسين قادريءَ جي شاعري شامل هئي. کيس شاعراڻي ڏات ورثي ۾ مليل هئي، پر ان ميدان ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا. ڪيترن ئي عالمي ڪانفرنسن ۽ مشاعرن ۾ نه فقط شرڪت ڪيائون بلڪ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪلچرل سوسائٽيءَ جي انتظام هيٺ ڪيترن ئي مشاعرن جو اهتمام پڻ ڪيائون.
    اياز قادري بنيادي طور تي هڪ شريف النفس انسان جو. صاف، سڌو، نرو ۽ کرو، قول ۽ فعل ۾ هڪ ڪرائي، جهڙو اندر ۾ تهڙو ئي ٻاهر، نه ڪنهن جي ڏيڻ ۾ نه وٺڻ ۾. پيشي جي لحاظ کان استاد هو، پر حقيقت ۾ عالم، فاضل، عامل ۽ ڪامل شخص هو، حسب نسب ۾ فقيري، عجز ۽ انڪساري.
    سندس شاعريءَ جو مجموعو قادري قلم قبيلي جي سرواڻ ذوالفقار علي قادريءَ آگسٽ 2007ع ۾ ’زلف اياز‘ جي نالي سان شايع ڪرائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ حمد، نعت، سلام، غزل، نظم، دوها، بيت ۽ وايون شامل آهن. مجموعي ۾ شامل ڪافي غزل مختلف طرحن تي چيل آهن، جيڪي ان دور جي مشاعرن ۾ پيش ڪيا ويا. بنيادي طور تي اياز حسين قادري غزل جو شاعر هو، پر پاڻ نظمن جو به بادشاهه هو. سندس شاعريءَ جي مجموعي ۾ 23 نظم ڏنل آهن. سندس هڪ ڊگهو نظم ’”دل چوي ٿي“، جنهن جا ڪجهه بند هيٺ ڏجن ٿا.

    دل چوي ٿي هتان مان اڏامي وڃان،
    ويس ڪارا ڪري بادلن سان رهان،
    ميگهه ملهار ٿي مان گهمان ۽ ڦران،
    ۽ هوا جي پرن جي مٿان مان اڏان،
    آءٌ وڌندو وڃان آسمان آسمان،
    چنڊ تارن کي پنهنجي هٿن سان ڇهان
    سونهن تن جي وڃي آءُ ويجهي پسان،
    سج جي منهن جي مٿان هلڪو پردو وجهان،
    انکي جهولي ۾ پنهنجي ڇپائي ڇڏيان،
    انڊلٺ سان هجان، ڪهڪشان سان رهان،
    مان کنوڻ ساڻ کلندو ۽ ٽلندو وتان.

    مٿين غزل جي رواني، تسلسل، خيالن جي گهرائي، لفظن جي چونڊ ۽ خواهش جي اظهار جي سادگي، پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن کي پاڻ ڏانهن نه فقط ڇڪي ٿي بلڪ انهن ۾ اهڙين خواهشن لاءِ اتساهه پيدا ڪري ٿي.
    اياز قادري صاحب جو هڪ ٻيو نظم ”آرزو“ آهي. مٿين نظم وانگر هن نظم ۾ به خواهش جو اظهار ٿيل آهي، پر نظم جو گهاڙيٽو پهرئين نظم کان بنهه مختلف ۽ نرالو آهي.

    مان چاهيان ٿو توساڻ مان گڏ هجان،
    جيئن چنڊ سان آهه چانڊاڻ گڏ،
    جيئن آ شفق ساڻ لالاڻ گڏ،
    مان چاهيان ٿو توساڻ مان گڏ هُجان.

    اياز قادريءَ جا تخليق ڪيل نظم، سٺ، ستر ۽ اسي جي ڏهاڪن جا آهن، جيڪي ان دور جي سنڌي سماج، سياسي ۽ معاشي حالتن جي پسمنظر ۾ چيل آهن. مثال طور ”انڌي جي فرياد“، ”آيو بهار“، ”سنڌڙي منهنجو وطن“، ”خطاب به غداران وطن“، شاگردن سان خطاب ”عهد“، ون يونٽ ٽٽڻ تي ”شاگرد“، ”قومي ٻولي پنهنجي ٻولي.“

    مٿيان سڀئي اهڙا موضوع آهن، جيڪي ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ سنڌ واسين، سنڌي سماج ۽ شاگرد تحريڪن جي حوالي سان آهن. پاڻ جيئن ته بنيادي طور هڪ پيشه ور استاد هئا ۽ پيشو هڪ پرائمري ماستر کان شروع ڪري يونيورسٽيءَ جي مٿانهين سطح تي پروفيسر جي حيثيت ماڻايائون. پاڻ هڪ نهايت ئي شفيق، خليق ۽ خليل استاد هئا، پنهنجن شاگردن کي تمام گهڻو ڀائيندا هئا، انهن سان دوستن جهڙو سلوڪ ڪندا هئا، ادبي ذوق رکندڙ شاگردن جي رهبري ۽ سرپرستي ڪندا هئا ۽ سندن تخليقي عمل ۾ انهن جي رهنمائي ۽ مدد ڪندا هئا. برک شاعر تاج بلوچ ۽ برک افسانه نگار نسيم کرل سندن ئي رهنمائيءَ ۾ ادبي ميدان ۾ نڪري نروار ٿيا. شاگردن سان پيار جو نتيجو آهي جو پاڻ ”شاگرد“ ۽ شاگردن سان خطاب جهڙا ڊگها نظم لکي نه فقط کين همٿائي ٿو بلڪ سندن ڪارنامن تي کين خراج به پيش ڪري ٿو. فرمائي ٿو:

    اوهان سان ئي آهي سنڌ جي زندگي،
    اوهان جوت ان جي اوهين روشني،
    اوهان ساڻ غم انجو، انجي خوشي،
    اوهان سنڌ جا سورهيه، اوهين سورما،
    اوهان جو وهيل رت اجايو نه ويندو.

    سندن شاعريءَ جي مجموعي ’زلف اياز‘ ۾ هڪ منظوم ناٽڪ به ڏنل آهي، جنهن جو عنوان آهي ’مومل راڻو‘، جيڪو ٻن منظرن تي ٻڌل ڊرامو آهي. سنڌي شاعرن جن شاعرن منظوم ناٽڪ لکيا آهن، تن ۾ شيخ اياز به شامل آهي. منظوم ناٽڪ لکڻ ڪو سوکو ڪم ڪونهي، توهان کي قصي يا ڪهاڻيءَ سان نڀائڻو به آهي ته لئه، وزن، بحر، قافيي ۽ رديف جو خيال به رکڻو آهي. اياز حسين قادريءَ ان ڏکئي ڪم ۾ به خوب نڀايو آهي.

    اياز حسين قادري پنجاهه جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ افسانن ڏانهن لاڙو رکيو. سندس افسانن جو پهريون مجموعو ’بلو دادا‘ جون 1957ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جا پوءِ ڪيترائي ڇاپا آيا آهن. ان مجموعي ۾ اياز حسين قادري جا تيرنهن افسانا شامل آهن. ڪتاب جي مهاڳ ۾ سندس هڪ دوست عبدالحليم جوش لکيو آهي:
    ”اياز سان منهنجي واقفيت 1949 ۾ ٿي. ان وقت مون کي به شعر و شاعريءَ جو تمام گهڻو شوق هو ۽ اياز ته ادبي حلقن ۾ اڳ ئي متعارف هو تنهن ڪري اسان جي گفتگو ادب، شعر ۽ تنقيد جي مختلف پهلوئن تي ٿيندي هئي. ڪراچي جي علمي مجلس ۽ مشاعرن ۾ نهايت گرمجوشي سان شريڪ ٿيندا هئاسين. مون کي اياز ۾ پنهنجي دور جو هڪ عظيم شاعر نظر آيو جنهن جي ڪلام ۾ زندگيءَ جي جهلڪ نه پر خود زندگي جلوه فرما هئي. مون هن جي شخصيت جي آئيني ۾ حسن اخلاق جو عڪس ڏٺو آهي. مون کي اياز ۾ هڪ اهڙو حساس انسان نظر آيو جنهن جي طبع سماجي بي انصافين کان مضطرب ٿي ويندي هجي، جنهن جي دل ۾ مظلوم جي لاءِ همدردي هجي، جنهن جو دماغ تعميري ڳالهيون سوچيندو هجي ۽ جنهن جون نگاهون وقت ۽ ماحول جا اشارا سمجهنديون هجن. هن جڏهن افسانا لکڻ شروع ڪيا ته مون کيس افسانن ڏانهن مائل ٿيڻ کان جهليو. مون سمجهيو ٿي ته جيڪڏهن اياز افسانن ڏانهن رخ رکيو ته اسان جو شعري ادب هڪ باڪمال شاعر جي زندگي بخش ڪلام کان محروم رهجي ويندو. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، مون کي اياز جي افسانن ۾ فن ۽ زندگي جو امتزاج نظر اچڻ لڳو. مون هن جي افسانن جو مطالعو هن جي شخصيت جي پس منظر ۾ ڪيو آهي ۽ انهن کان هن ڪري به متاثر آهيان جو مون کي اياز جي قول ۽ فعل ۾، شخصي ڪردار ۽ ادبي حيثيت ۾ هڪ صحتمند يگانگت نظر آئي آهي. مون کي نه هن جي زندگي ۾ ڪڏهن تصنع ۽ بيجا تڪلف نظر آيو آهي ۽ نه هن جي افسانن ۾ انساني همدردي جو مصنوعي جذبو نظر آيو آهي.“
    اها ته راءِ آهي حليم جوش صاحب جي، پر حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته ورهاڱي کان پوءِ جڏهن هندو اديب، شاعر، عالم ۽ ڏاها سنڌ مان لڏي ويا ته هتي وري هڪ وڏو خال پيدا ٿي پيو. ان خال کي ڀرڻ ۾ اياز حسين قادريءَ به پنهنجي وسان ڪين گهٽايو. ’بلو دادا‘ جهڙيون شاهڪار ڪهاڻيون لکي، هن سنڌي ادب ۾ رجحان ساز افساني نگار واري حيثيت ماڻي.
    ’بلو دادا‘ جو ڪردار هڪ سچو پچو حقيقي ڪردار هو، جنهن ”ماستر“ يعني اياز قادريءَ کي ايترو متاثر ڪيو جو هن ان ڪردار لاءِ هڪ ڪهاڻي تخليق ڪئي.
    برک افساني نگار جمال ابڙو، جنهن کي جديد ڪهاڻيءَ جو ابو ڪوٺجي ٿو، تنهن پڻ هڪ هنڌ اهڙو اظهار ڪيو آهي ته، ”مون ’بلو دادا‘ کان متاثر ٿي ’پشو پاشا‘ افسانو لکيو. پشو پاشا افساني کي سنڌي ادب ۾ شاهڪار افساني جي حيثيت حاصل ٿي ۽ ان دور ۾ ٻين افساني نگارن به ڪرداري افسانا لکيا، جن ۾ غلام رباني آگري جو ”شيدو ڌاڙيل“ ۽ ع.ق. شيخ جو ”مڪو مست“ ذڪر جوڳا آهن. انهن افسانن مان پهريان ٽي افسانا ڏٺا وڃن ته انهن جي سورمن جي شخصي حيثيت ناڪاري ڏيکاري ويئي آهي، جيئن بلو يا بلاول هڪ داداگير آهي يا شيدو هڪ ڌاڙيل آهي، پر ناڪاري ڪردار هوندي به انهن جو عمل هاڪاري آهي، هُو پنهنجي اوڙي پاڙي ۽ سماج سان محبت ڪندڙ آهن ۽ ان سان سچا به آهن. اهڙن ڪرداري افسانن ٻين ليکڪن ۾ به اتساهه پيدا ڪيو.
    اياز قادريءَ جو هڪ ٻيو افسانو ”مان انسان آهيان“، ورهاڱي جي غيرانساني فسادن بابت آهي، جنهن ۾ انسانيت سوز ظلم ٿيا. اهڙي ئي هڪ ظلم جو داستان هن افساني ۾ ڏنل آهي، ورهاڱي جي دکدائڪ موضوع تي اردو سنڌي ۽ ننڍي کنڊ جي ٻين ڪيترين ئي ٻولين ۾ دل ڏاريندڙ افسانا لکيا ويا آهن، پر سنڌي ادب ۾ اياز حسين قادريءَ جو هي افسانو هڪ بهترين شاهڪار افسانو آهي. افسانو بنيادي طور تي ان جي مرڪزي ڪردار هڪ فقير جي چوگرد گهمي ٿو، جيڪو مذهب ۽ تعصب ۽ ويڇن کان بي نياز انسانيت ۽ انساني عظمت جو قائل آهي.
    افساني جي شروعات نهايت دلچسپ اثرائتي ۽ سواليه نشانن سان ڪئي آهي. ان کي فن ۽ لکت جي خوبي چئجي يا فن جي نزاڪت جو پڙهندڙ ان مرڪزي ڪردار جي عظمت کان افسانو پورو پڙهڻ کان اڳ ۾ ئي قائل ٿيو وڃي. ساڳي ريت افساني جي پڄاڻي به هڪ نهايت دردناڪ انداز ۾ ٿئي ٿي. فقير جو موت حقيقت ۾ انسانيت جو موت آهي. فقير جي وصيت، ڪٽرپڻي مذهبي تفرقي تي هڪ چماٽ آهي.
    بلو دادا مجموعي کان پوءِ اياز قادريءَ جي لکڻين ۾ هڪ وڏي وٿي اچي ٿي وڃي، جنهن کان پوءِ اسي جي ڏهاڪي ۾ اياز قادري ٻيهر ڪهاڻين لکڻ جو سلسلو شروع ڪيو، جن مان ڪجهه ڪهاڻيون ان دور جي رسالن ”مهراڻ“، ”سهڻي“ ۽ ”نئين زندگي“ ۾ شايع ٿينديون رهيون، جڏهن ته ڪجهه اڻ ڇپيل آهن، جن کي قادري قلم قبيلي فيبروري 2008ع ۾ ’ڪهاڻي هر دور جي‘ جي نالي سان شايع ڪرايو آهي، جنهن ۾ بلو دادا جي مجموعي جي تيرهن ڪهاڻين سان گڏ پنڌرهن نيون ڪهاڻيون شامل ڪيون ويون آهن.
    اياز قادريءَ جون نيون لکيل اهي ڪهاڻيون موضوع، مواد ۽ پيشڪش جي حوالي کان بنهه مختلف ۽ نراليون آهن. ظاهر آهي زندگيءَ جي تجربي قادري صاحب جي سوچ ۽ فڪر ۾ به تبديلي آندي هوندي، جنهن جو اظهار سندس انهن نين ڪهاڻين مان جهلڪندو نظر اچي ٿو. هونءَ به سٺ جي ڏهاڪي کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ فڪري حوالي سان هڪ وک اڳتي وڌائي ۽ اها وڌيل وک اياز قادريءَ جي افسانن ۾ به نظر اچي ٿي، اهوئي سبب آهي جو اياز قادريءَ جون ڪهاڻيون فقط هن دور نه بلڪ هر دور جون ڪهاڻيون آهن، جن جا عنوان ۽ موضُوع اڄ به تازه ۽ توانا نظر اچن ٿا. هن معاشري جي اڍنگي هلت تان پردو کنيو آهي ۽ سماجي برائين ۽ بڇڙائين کي کولي بيان ڪيو آهي.
    غلام نبي مغل ’ڪهاڻي هر دور جي‘ جي مهاڳ ۽ اياز قادريءَ جي ڪهاڻين تي نهايت ئي مختصر تبصرو ڪندي لکيو آهي ته،”سائين اياز جي باري ۾ اسين چئون ته انقلابي ليکڪ نه هو ته به ترقي پسند ضرور هو ۽ پنهنجي زماني جي واقعن، ڪردارن ۽ مسئلن متعلق تمام سٺو لکيائين.“
    حقيقت ۾ اياز حسين قادريءَ جي فڪري لاڙِي بابت ڪنهن دور ۾ آڱريون اٿنديون رهيون ته هو ساڄي ڌر جي سوچ سان سلهاڙِيل آهي، ڪن کيس جماعت اسلامي يا شيخ ابراهيم خليل جي لڏي سان ڳنڍيو، پر مون سائين اياز قادريءَ سان نهايت ويجهي تعلق ۾ ايڪٽيهه سال گذاريا، مون کيس ترقي پسند، جدت پسند ۽ انقلابين کان وڌيڪ انقلاب پسند محسوس ڪيو، بس هڪ ڳالهه هئي ته پاڻ خودپسند ڪونه هو، پاڻ وڻائڻ ۽ پڏرائڻ وارن مان ڪونه هو، فقير هو ۽ فقيريءَ کي ئي معراج سمجهندو هو، جنهن جي نتيجي ۾ کيس اهڙن القابن سان نوازڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
    سائين جي نظمن کي ڏسجي ته هو نه فقط ترقي پسند بلڪ انقلابي شاعر محسوس ٿئي ٿو. اهوئي احساس سندس افسانن کي پڙهڻ سان به ٿئي ٿو. هو سرمائيداري سرشتي جي خلاف هو، جنهن جو اظهار هن ’بلو دادا‘ افساني ۾ به ڪيو آهي. روسي اديب مئڪسم گورڪي جي ناول ”ماءُ“ جو ترجمو ڪندڙ جيڪڏهن انقلابي ۽ ترقي پسند ناهي ته پوءِ اسان کي ترقي پسندي ۽ انقلابيت جي وصف کي بدلائڻو پوندو.(هلندڙ)

    عوامي آواز ميگ 20 ڊسمبر 2015
     
  5. سارنگ ساگر

    سارنگ ساگر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏30 جولائي 2017
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51

    درستگي(اياز قادري ماءَ ناول جو نه پر ميڪسم گورڪي جي آتم ڪٿا جو ترجمو ڪيو آهي)
     
  6. شاهنواز ٽالپر

    شاهنواز ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    114
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    ڊسٽرڪٽ فيلڊ آفيسر
    ماڳ:
    بدين
    سنڌ سلامت ڪتاب گھر لاءِ ڪتاب ڪمپوزنگ جي مرحلي ۾ آھي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو