ڪتابن جو مترجم ۽ 7 ڪتابن جو مصنف: الطاف ملڪاڻي: خدابخش جويو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ خدابخش جويو طرفان آندل موضوعَ ‏4 فيبروري 2016۔

  1. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    40 ڪتابن جو مترجم ۽ 7 ڪتابن جو مصنف:

    الطاف ملڪاڻي

    خدابخش جويو

    سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي ڪدار موجود آهن جن کي لکڻ پڙهڻ ڀلي خانداني طور ورثي ۾ ته مليو هجي پر انهن جو ننڍپڻ اهڙي ماحول م ضرور گذريو آهي، جنهن کين ادبي کيتر کان وٺي شعور جي آگاهي کان واقف ڪيو ۽ اهي عمر جي نسرجڻ سان گڏ پاڻ کي ادبي کيتر جي ڃاتل سڃاتل ماڻهن جي فهرست ۾ شامل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن. اهڙن ڪردارن مان الطاف ملڪاڻي به هڪ آهي. الطافملڪاڻي سنڌي لٽريچر تي دسترس رکي ٿو. ڇاڪاڻ ته سندس واسطو لٽريچر سان ننڍپڻ کان رهيو آهي . هو ٻالڪ پڻ کان ”لاٽ “ رسالو ڪڍندو هئو. جيڪي ماڻهو ”لاٽ “ جي ذريعي سٺا اديب ٿيا تن مان ڪي ته ٻاهر ملڪن ۾ به آهن ، انهن جا تذڪرا سامهون اچڻ گهرجن. انهن جي واضح نموني جيڪا انفرميشن الطاف رکي ٿو شايد اسان وٽ نه آهي.

    الطاف ملڪاڻي 19، اپريل 1967ع تي ضلعي دادو جي ڳوٺ درگاه ملڪاڻي شريف ۾جنم ورتو. شروعاتي تعليم وحدت ڪالوني حيدرآباد جي پرائمري اسڪول مان ۽ مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪيائين.. بعد ۾ ايگريڪلچر ڪاليج سڪرنڊ مان 1985ع ۾ ڊپلو ما ڪيائين. سندس سٺ کان مٿي ڪهاڻيون لکيل آهن. مختلف رسالن جو ايڊيٽر ۽ سب ايڊيٽر رهي چڪو آهي. سنڌي ۾ نڪرندڙ تقريبن هڪ ٻه اخبار کانسواءِ سڀني ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. ان کان علاوه ڪرزما رسالي جو چيف ايڊيتر عبرت مئگزين جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ هزار داستان جو اسسٽنٽ ايڊيٽر رهي چڪو آهي.سندس واسطو صوفي گهراڻي، درگاه ملڪاڻي شريف دادو سان آهي. تنهن ڪري سندس خيال صوفياڻا آهن. علم ۽ ادب سان چاه هن کي ورثي ۾ مليو آهي.

    الطاف ملڪاڻيڪميونزم کي شعور جي ارتقا جي مٿاهين چوٽي سمجهي ٿو. سندس چوڻ مطابق جڏهن ان چوٽي تان ماڻهو ڪرندو ته مذهبي ٿي ويندو. آهي جيئن ڪافي ڪميونسٽ ٿيا، هڪڙا تبليغي جماعت سان وڃي گڏيا، هڪڙا صوفين سان وڃي گڏيا، هڪڙا وڃي جانڻ چن جا وڃي مريد ٿيا. ڪن وڃي پنهنجي ڳچين ۾ توا وڌا.

    الطاف ملڪاڻي شروع ۾ ٻارڙن لاءِ ”لا ٽ“ رسالو ڪڍندو هئو. پوءِ نصير ميمڻ وارن ”لاٽ“ کان جدا ٿي ٻارڙن لاءِ ”پرڀات“ رسالو جاري ڪيو. ان کان اڳ هن ” وسڪارو“ جي نالي سان به رسالو شايع ڪرايو هو. ان وقت ٿر ۾ وڏو ڏڪار آيو هو. اصل ۾ هن ٻارڙن جو رسالو ڪڍڻ پئي چاهيو. ان سلسلي ۾ مهراڻ پبليڪيشن جو بنياد وڌائين. پر ان وقت ڪرنٽ صورتحال اها هئي جو ٿر ۾ وڏو ڏڪار پئجي ويو هو، ان ضرورت کي محسوس ڪندي ” وسڪارو” جي نالي سان رسالو ڪڍيائين . ان جي ٽائيٽل تي تصوير هن طرح جي هئي ته هڪ ٿري پوڙهي عورٽ، پنهنجا ڪمزور ٻار وٺي ٿر مان لڏ پلاڻ ڪري، ٿر مان نڪري ٿي. ان رسالي ڪڍڻ واري ٽيم ۾ ساڻس گڏ ذولفقار ڀٽي به شامل هو. ان کان پوءِ هنن ضرورت محسوس ڪئي ته ٻارڙن جي لاءِ ماهوار رسالو ڪڍڻ گهرجي. ”لاٽ “ جي نالي سان رسالي جو نالو ان بيت کي نظر ۾ رکندي رکيائون ته ” لاٽ ٻرندي رهي ساٿ هلندو رهي،“ سندس ان ٽيم ۾ نصير ميمڻ، مير جمالي، خرم کوکر، شامل هئا. اڳتي هلي ان جا سڄي سنڌ ۾ نمائيندا به مقرر ڪيائون . ان وقت ٻارڙن جي تنظيم لطف سنگت جي ساٿين کي به ڪاپيون ڏيندا هئا.. ڪن جاين تي الطاف ۽ ذولفقار ڀٽي پاڻ وڃي اسڪولن ۾ ٻارڙن سان ملي ڪاپيون وڪرو ڪندا هئا. جيئن حيدرآباد ۾ ماڊل اسڪول، جتي وڃي پهرين هيڊ ماستر سان ملندا هئا ۽ کيس پنهنجو مقصد ٻڌائيندا هئا. ان جي اجازت سان ڪلاسن ۾ وڃي ٻارڙن کي رسالي متعلق بڌائندا هئا ته جئن ٻار اهو رسالو خريد ڪن.. هڪ دفعي ماڊل اسڪول ۾ 80 ڪاپيون ۽ گورنمينٽ ڪاليج ۾ 35 ڪاپيون وڪرو ڪيائون جيڪا ان وقت سندن وڏي حاصلات هئي.، اهڙيءَ طرح هڪ دفعي مولابخش ڪاڪا جي ڳوٺ نيو سعيد آباد هاءِ اسڪول ۾ ويا ۽ هيڊ ماستر سان مليا. جڏهن لاٽ جي پرچي ۾ هيڊ ماستر ڀونگر ڪاڪا جو نالو پڙهيو ته چيائين هي ماڻهو ڌهريو آهي ۽ جيئي سنڌ جو آهي، ان ڪري اوهان کي رسالا پنهنجي اسڪول ۾ وڪڻڻ جي اجازت نه ڏيندس. هنن کيس ميڙ منٿ ڪئي ۽ چيو ته ڀوگر ڪاڪا جي نالي کي نه ڏسو ، اوهان مواد کي ڏسو. پر هن جي رويي کين ڏاڍو مايوس ڪيو جو اسڪول جي پارڪ ۾ رسيس مهل ڪتاب وڪرو ڪرڻ لاءِ رکيائون، جتان شاگردن ڪاپيون خريد ڪيون.

    الطاف جي ان ٽيم ”لاٽ“ جون ست ڪڙيون ڪڍيون. اهو ان جو پهريون دور هو. ان ۾ ذولفقار ڀٽي جي محنت وڏي هوندي هئي جو هو سڄو رسالو32 صفحا ڪتابت ڪندو هو. ذولفقار ڀٽي ٻارن لاءِ جاسوسي ناول لکيو هو سو به ڇپرايائون. ”لاٽ“ جي ذريعي جيڪي رائيٽر پيدا ٿيا يا جن جي همٿ افزائي ٿي تن ۾ طارق قريشي،آسي زميني، مسعود قريشي،(جاويد سحر قريشي) نصير ميمڻ ، مير جمالي، ذولفقار ڀٽي، لطيف جمال،خرم کوکر ۽ ٻيا ڪافي شامل آهن. ” لاٽ“ ۾ ٽوڙي ڦاتڪ جي اسيرن مان دودي مهيري، گل محمد جکراڻي، شاعرن ۾ استاد بخاري جا انٽرويو شايع ڪيائون. پوءِ سنڌي مهاجر جهڳڙن جي ڪري حالتون بدليون، سندن ٽيم مان ڪي ڪهڙي سياسي پارٽي ۾ ته ڪي ڪهڙي سياسي پارٽي ۾ هليا ويا. ان بعد نصير ميمڻ ۽ مير جمالي ”پرڀات“ جي نالي سان رسالو ڪڍيو.

    90 ع دوران هنن ”لاٽ“ جو ڊڪليريشن دادو ضلعي جي ڊي سي کان ورتو. اهو جاويد سحر جي نالي تي جاري ڪرايائون.، ڊڪليريشن وٺڻ بعد لاڳيتا چار پرچا ”لاٽ“ جا نڪتا.شروعاتي پرچو ڪميوٽرائيز ۽ رنگين شايع ٿيو.ان ۾ سنڌاسٽار بوڪ اسٽور ڄامشوري جي ائڊريس ڏنل هئي. جيڪو محمد يوسف جويو جو بڪ اسٽال هو.

    ان وقت ٻارڙن جي تنظيمن جو رجحان به هو. ۽ ٻارڙن جا رسالا ٻيون ٻارڙن جون تنظيمون به ڪڍنديون هنيون.سجاڳ ٻارتحريڪ (ڊي ايس ايف وارن جي)،سنڌي ٻارڙا سنگت (پليجي وارن جي) الطاف ملڪاڻي جي ٽيم جي لطيف سنگت هئي. ٻارن جي دنيا احمد خان شيخ هلائيندو هو. ٻارڙا سنگت (زوار نقوي جي) اسرار شام به ٻارن لاءِ رسالو ڪڍندو هو. ان وقت ٻارن تنظيمن جي ايتري اهميت ٿي جو جڏهن سنڌ قومي اتحاد ٺهيو جنهن ۾ سنڌ جو مختلف پارٽيون ۽ اڳواڻ شامل ٿيا. ان طرز تي سنڌي ٻارن جي تنظيمن جو به اتحاد” سنڌي ٻالڪ اتحاد“ جڙيو هو. جنهن ۾ سڀني ٻارن جي تنظيمن جا صدر ۽ جنرل سيڪريٽري شامل هئا. ان جو پهريون اجلاس سن ۾ ٿيو هو. جنهن جا پهريان اڳواڻ اظهار سومرو ۽ رياض چانڊيو ٿيا. لطيف سنگت جو پهريون مرڪزي آرگنائيزر خدابخش جويو ۽ پوءِ چونڊيل مرڪزي صدرسليم حيدري ٿيو هو.

    الطاف ملڪاڻي آفتاب اخبار مان اڀريو. اتي لائق سنڌي ۽ احمد خان شيخ نوجوانن کي ڏاڍو همٿائيندا هئا. احمد خان شيخ ٻارن جو صفحو ڪڍندو هو. اخباري ڪم به اتان کان سکيو. لکڻ پڙهڻ جو شونق به اتان کان ٿيس. احمد خان شيخ آفتاب اخبار ۾ ”ٻارن جي دنيا“ ۾ قلمي دوستي ۽ ٻارڙن جي سنگت جو سلسلو شروع ڪيو، جنهن جو پهرين چيف آرگنائزر مشتاق اڄڻ کي ڪيائين. ٻئي نمبر تي ان جو چيف آرگنائيزر الطاف ملڪاڻي کي ڪيائينان وقت ايڪسٽرا ڪريڪيولم ايڪٽويٽيز ٿينديون هنيون، اهي خود پڙهڻ ڏانهن راغب ڪنديون هنيون. ان کان علاوه ٻارن جون تنظيمون هونديون هنيون جيڪي پڻ اهڙيون ايڪٽوٽيز ڪنديون هنيون. مثال طور سائنسي ميلو لڳندو هو. ننڍڙو ڪتابي ميلو لڳندو هو. يا اسڪولن جا مئگزين نڪرندا هئا. تقريري مقابلا ٿيندا هئا. سٺي رائٽنگ جو مقابلو ٿيندو هو. هينئر اهي سڀ شيون مري ويون آهن! اهو ئي سبب آهي جو پڙهڻ جي عادت نه هجڻ ڪري ڪو ڏاهو ، پڙهيل لکيل ماڻهو، گذريل ويهن سالن ۾ پيدا ٿيو ئي ناهي.

    الطاف ملڪاڻي 1983 کان ٻاراڻي شاعري شروع ڪئي.۽ 85 ع ڌاري ڪجهه ڪهاڻيون به لکيائين. اهي هن جا ابتدائي خيال هئا. کيس پنهنجي شاعري ۾ ايتري موٽ نه ملي جيتري ڪهاڻين ۾ملي. 1994 ۾ سندس ڪهاڻين جو مجموعو”سانڀيائن کان رٺل سپنا“ ناز سنائي، سنڌي ساهت گهر طرفان ڪتابي صورت ۾ ڇپيو.

    الطاف ملڪاڻي 2001ع کان ڪتابن جو ترجمو به ڪرڻ شروع ڪيو. جن جو تعداد 40 کن ٿيندو. انهن مان گهڻا سنڌ بوڪ ڪلب نوابشاه طرفان ڪتاب احمد ضياءُ پبلشر ڇپيا آهن. پر مختلف اخبارن ۾ آرٽيڪل به لکندو رهيو آهي. ان کانسواءِ هاڻ روشني پبليڪيشن حيدرآباد ۽ گلشن پبليڪيشن حيدرآباد طرفان پڻ سندس ڪجهه ڪتاب منظر عام تي اچي چڪا آهن

    هن پهريو ڪتاب ”جو زردتشت ني ڪها“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. سو به ان مان چونڊ ڪري پاڪيٽ سائز ۾ ڇپايو ويو هو. اصل سمورو ڪتاب محمد ابراهيم جويي ترجمو ڪيو آهي. جيڪو ’سنڌي ادبي سهڪاري سنگت‘ طرفان تيار ٿيو پيو هو، هن وقت اهو ڪتاب روشني پبلڪشن ڇپيو آهي.

    الطاف ملڪاڻي جا پنهنجا ست ڪتاب لکيل آهن. جن ۾ سانڀائن کان رٺل سپنا(ڪهاڻين جو مجموعو)،درِ ناياب،(سوانح حيات)، داستانِ حلاج، لطيفي مينيفيسٽو، تصوف عشق ۽ سائين جي ايم سيد، پلئه پايون سچ ۽ ٻيا ڪتاب سامل آهن.۽ ڪيترائي ڪالم مختلف اخبارن ۾ لکيا اٿس..

    .
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو