مون کي دنيا جو ڪڏهن به ڊپ نه رهيو آهي: نور الهديٰ شاهه

'پروگرام، ادبي ميڙاڪا ۽ دعوتون' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏5 فيبروري 2016۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    مون کي دنيا جو ڪڏهن به ڊپ نه رهيو آهي: نور الهديٰ شاهه
    ناليواري ناٽڪ نويس ۽ ڪهاڻيڪاره نور الهديٰ شاهه چيو آهي ته جنهن به ليکڪ مزاحمت نه ڪئي آهي، اهو سٺو لکي نه ٿو سگهي. آمريت ڪڏهن ڪڏهن ليکڪن کي پنهنجي لاءِ به استعمال ڪري ويندي آهي. بهرحال ليکڪ کي اها خبر هئڻ گهرجي ته هو زهر پي رهيو آهي يا امرت. سماج عورت کي لکڻ نه ٿو ڏئي، تنهن ڪري عورت سڄو سوچي ٿي ۽ اڌ لکي ٿي. جڏهن ته مرد اڌ سوچي ٿو ۽ سڄو لکي ٿو. مون کي جيڪا موٽ سنڌي پڙهندڙن ۽ ڏسندڙن ڏني آهي، ٻيا ليکڪ ان جو خواب ئي ڏسي سگهن ٿا. جلا وطن جون سموريون ڪهاڻيون ”جنگل“ ڊرامي ۾ ڏنل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”ڪراچي ادبي ميلي“ جي هڪ ويهڪ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته مون کي شهرت ناٽڪ نويس طور ملي آهي، پر منهنجي خواهش آهي ته مان پنهنجي افسانن وسيلي سڃاتي وڃان. هن چيو ته سٺا افسانه ان ڪري نه ٿا لکيا وڃن جو ليکڪن جا پير ڌرتي تي ناهن، هو ڌرتي تان ڪٽيل آهن. تنهن ڪري آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ خلا تي لکيل ادب اهڙو ئي هوندو آهي. هن چيو ته سيدياڻي هئڻ منهنجي لکت تي ڪو به اثر نه وڌو، جڏهن ته مان سٺو به سيدياڻي هئڻ سبب لکي سگهيس. مون سڀ ڪجهه پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ ان تي لکيو آهي. هن چيو ته مون کي پنهنجي سنڌي پڙهندڙن ۽ ڏسندڙن تمام گهڻي عزت ۽ پنهنجائپ ڏني. منهنجي ڪهاڻين جو مجموعو ”جلا وطن“ هڪ ڌماڪو هو. هن چيو ته مرد ايستائين سٺو لکي نه ٿا سگهن، جيستائين انهن جي اندر ۾ اڌ عورت نه هجي. هن چيو ته عورت کي مٽ مائٽ ۽ سماج لکڻ نه ٿو ڏئي. مان جڏهن طوائف تي لکندي آهيان، ته طوائف ٿي سوچي پوءِ لکندي آهيان. مون کي دنيا جو ڪڏهن به ڊپ نه رهيو آهي. شاهه هئڻ سان مون کي نقصان گهٽ فائدو وڌيڪ ٿيو. هن چيو ته مان اڃا ننڍي آهيان، حسرت اٿم ته وڏي ٿيان ۽ ناول لکان. اردو به مون لاءِ پنهنجي مادري ٻولي سنڌيءَ وانگر آهي. لاهور ۾ پڙهڻ ۽ پلجڻ جي ڪري مان سنڌي لکي، پڙهي ۽ ڳالهائي نه سگهندي هئس. امان ۽ بابا مون کي سنڌي سيکاري. جنگل ڊرامو لکڻ کانپوءِ سنڌ جي سيدن منهنجو سماجي بائيڪاٽ ڪيو هو. هن چيو ته مون ڊرامو لکڻ ڇڏي ڏنو آهي، جو مان اڄوڪو ڊرامو لکي نه ٿي سگهان. اڄوڪي ڊرامي ۾ لفظن جو احترام ناهي. هن چيو ته اديب ڪڏهن به هڪ هنڌ تي بيهي نه ٿو سگهي. هن چيو ته ضيا جي دؤر ۾ مون جنگل لکيو ته مون تي تنقيد ٿي، جو تڏهن ايم آر ڊي جي جدوجهد هلي رهي هئي. مون اهو ڊرامو ڪنهن جي چوڻ تي نه لکيو هو. هن چيو ته آمريت ليکڪن کي پنهنجي لاءِ ضرور استعمال ڪندي رهي آهي. جنگل تي مون کي ايوارڊ ڏيڻ جو مطلب سنڌين کي خوش ڪرڻ هو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو