ڪهاڻي

'ڪهاڻيون' فورم ۾ bewas ali hassan طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2016۔

  1. bewas ali hassan

    bewas ali hassan
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 مئي 2014
    تحريرون:
    174
    ورتل پسنديدگيون:
    337
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    دڪان
    ماڳ:
    ميرپور ماٿيلو
    هي ڪاري آهي

    مارچري جو در کوليندي هڪ جھٽڪو لڳو مونکي
    هڪ حسين ڇوڪري جنهن جي عمر اڃان 16 سال مس هئي
    بي جان پر اکيون کليل ڄڻ مونکي پنهنجي درد جي داستان ٻڌائي پئي خاموش زبان اداس چهرو موت کانپوءِ به خوف ۾ ورتل
    جسم ڀورو سينو ڀريل ڄڻ ڪنهن محقق جي داستان هئي
    مونکي ڪنهن دوست ٻڌايو ته اڄ اسپتال ۾ هڪ ڇوڪري ڪاري ڪري ماري آيا آهن مون سوچيو ڪا اڌڙوٽ عمر جي هوندي پر مان ڏسي دنگ رهجي ويس هو اڃان جوان مس ٿي هئي اڃان ته هن ويچاري سپنا ڏسڻ شروع ئي هاڻي ڪيا هوندا
    هن جون نظرون کليل هڪ ڪتاب وانگر هيو مان هن جي درد جي داستان هن جي هن کليل اکين مان پڙهندو رهيس ڄڻ چوندي هجي ته مان ڪاري ناهيان
    ها اها مونکي پيار جي سزا ملي آهي
    مان ڪنهن سان نيهن لاتو آهي هن اکڙين جي پيچ تي منهنجي جسم مان روه ڪڍيو ويو آهي
    هي جسم هڪ ڏينهن فنا ٿيڻو آهي هنن کان پڇ اسان جي روهن جو ملن آهي اهي روه کي ختم ڪيئن ڪري سگھندا
    مونکي محسوس ايئن ٿي پيو ته ڄڻ هن سان ڪو منهنجو به رشتو آهي جو مونسان هي احوال ٿي ڪري
    مان جڏهن سوچن جي سمنڊ مان نڪتس ته سوچيم هي ته اجنبي آهي تنهنسان ڪهڙو رشتو بس خاڪ ٿوري دير ۾ خاڪ ۾ ملي ويندي
    مان ٻاهر نڪرندي هنن کان پڇيم ته هي اڃان معصوم هئي هنن وڏي فخر مان ڇيو ته جيڪڏهن هو غلط ڪم ڪندي ته هن جو حشر اهو ئي ٿيندو
    مان حيران ٿي ويس هو اهڙي طرح ڇئي رهيا هئا ڄڻ هنن ڪو وڏو نيڪ جو ڪم ڪيو هجي منهنجي دل مان هڪ آواز نڪتو ته
    اي سنڌ امڙ مون ڪاري ڏٺي
    جا گولين سان مون ماري ڏٺي
    .................................................................................................
    بيوس علي حسن چڍڙ
    ...........................................
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو