غزل ايوب کوسو ٽڙڻ ۽ ڇڻڻ جي گمانن ۾ گھاريو اسان وحشتن جي زمانن ۾ گھاريو ٻري جيئن ڪو ڏيئو اڪيلو مندر ۾ ائين ئي اسان قيد خانن ۾ گهاريو اُھي ڇا ته سمجھي عذابن کي سگھندا جنين وار ڇوڙي مڪانن ۾ گھاريو کڄيون آڱريون ۽ اکيون هن عجب مان اسان هر قدم تي نشانن ۾ گهاريو هجي ڪائي هڪڙي ڪهاڻي ٻڌايون اکين سوڳ جي آ جهانن ۾ گهاريو