دنيا جون ٻوليون ۽ سنڌي ٻولي ..... رکيل مورائي

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏24 فيبروري 2016۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    دنيا جون ٻوليون ۽ سنڌي ٻولي
    مادري ٻولين جي ڏينهن تي سنڌي ٻولي اٿارٽي جا آندل ڪتاب
    رکيل مورائي
    [​IMG]

    مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن، اڄ سموري دنيا ۾ ملهايو ويندو، انهن ٻولين جو به جيڪي دنيا جي تختي تي حاڪمن جون ٻوليون رهيون ۽ انهن جو به جيڪي گهڻو عرصو محڪوم رهيون، ٻنهي ذمرن ۾ ايندڙ دنيا جون ڪيتريون ئي، ٻوليون اڄ غائب آهن ۽ ڪيتريون ئي ٻوليون آهن، جيڪي نيون ڄاتيون وڃن ٿيون،

    سنڌي ٻوليءَ کي اهو اعزاز حاصل رهيو آهي ته اها دنيا جي نهايت قديم ٻولين مان هڪ آهي، جيتوڻيڪ سندس همعصر ۽ همعمر ڪيتريون ئي ٻوليون اڃ دنيا ۾ ڪٿي به ڳالهايون نه ٿيون وڃن، پر سنڌي اڃ به اها ساڳي وهندڙ درياهه وانگر آهي، جيڪو سدائين تازو توانو هوندو آهي، ايئن به نه آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي تاريخ جي مختلف دورن مان ڏکين حالتن مان نه گذرڻو پيو آهي، سنڌ تي جڏهن جڏهن ڌاريا حڪمران آيا تڏهن تڏهن اهي پنهنجون ٻوليون کڻي آيا ۽ انهن کي سرڪاري ٻوليون بڻايائون، پر سنڌي سدائين، سنڌي ماڻهن جي ٻولي رهي ۽ اڄ به جيتوڻيڪ اها سرڪاري ٻولي نه آهي، پوءِ به اها سنڌي ماڻهن جي ٻولي آهي، جيڪا سموري دنيا جي انهن هنڌن تي ڳالهائي ۽ پڙهي وڃي ٿي، جتي سنڌي رهن ٿا.

    خاص طور ورهاکي کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ کي واڌ ويجهه جا سرڪاري وجهه گهٽ مليا آهن، ان هوندي به سنڌي ٻوليءَ جا اهي سڀ عالم، اديب ۽ شاعر، گهڻو گهڻو احترام لهڻن جن پنهنجو رت ۽ ست ڏئي، سنڌي ٻوليءَ کي نه صرف بچايو آهي، پر ان کي اڄ جي جديد دور سان گڏ آڻي بيهاريو آهي، جڏهن اها ڪميپيوٽر جي ٻولي به آهي ته موبائيل جي ٻولي به آهي، اسان اڄ اي ميل به سنڌي ۾ ڪري سگهون ٿا ۽ ميسيج به سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪري سگهون ٿا، اهو معجزو آهي.

    اسان سنڌي جيئن سنڌ ۽ ٻوليءَ سان پيار ڪريون ٿا ائين دنيا جا سڀ رهندڙ جيئرا جاڳندا ماڻهو پنهنجين ٻولين سان پيار ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته اها انهن جي مائرن جي ٻولي آهي، ماءُ پنهنجي ٻار جي اها ٻولي به سمجهندي آهي، جيڪا هو ڳالهائي نه سگهندو آهي، ۽ نه سمجهي سگهندو، اها هو اشارن سان ڳالهائيندو آهي ۽ اشارن سان سمجهندو آهي، جڏهن اشارا سمجهڻ لڳندو آهي ته ڄڻ هو ٻولي سمجهڻ لڳندو آهي، ان ڪري عالمي پڌرنامي ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته، هر اها ٻولي جيڪا ٻار زبان سان ڳالهائي نه سگهڻ باوجود سمجهندو آهي، اها گهٽ ۾ گهٽ پنجين درجي تائين پڙهڻ انهيءَ جو بنيادي حق آهي، ٻيون ٻوليون سڀ پوءِ اچن ٿيون

    اڄ اسان جو اهو حڪمران ٽولو، جيڪو سنڌي هوندي به، نه رڳو پاڻ سنڌي نٿو ڳالهائي ، پنهنجي ٻارڙن کي سنڌي نٿو پڙهائي ۽ ساڳئي وقت اسڪولن ۽ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ سنڌي لاڳو نٿو ڪري، انهن لاءِ مها ڪوي اياز جو هي شعر ئي آئينو آهي.

    پنهنجي ٻوليءَ ۾ ميان، جڏهن چونڊين ماءُ،

    توکي اهڙو ساءُ، ڏيندي ٻي ٻولي ڪٿي

    اسان جي عالمن اديبن ۽ سنڌ جي گهڻ گهرن پنهنجي لڳاتار ڪوششن سان سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو (سنڌي لينگيويج اٿارٽي) ٺهرائي پنهنجي ٻوليءَ سان اٿاهه پيار جو ثبوت ڏنو، ان اداري اسان کي پهرئين انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ڏني، جنهن جو نائون جلد تازو، سنڌ جي حوالي سان نڪتو آهي. جنهن لاءِ اداري کي ساراهڻ گهرجي.

    اڄ جڏهن سموري دنيا ۾ ٻولين جو ڏينهن ملهايو ويندو، گڏو گڏ اسان به پنهنجي ٻوليءَ جو ڏينهن ملهائينداسين جنهن سلسلي ۾ ” سنڌي ٻولي اٿارٽي “ پاران ٻن ڏينهن جو ٻولي سيمينار سنڌ جي راڄدانيءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ رکي، سموري عالم سان ۽ گڏ سنڌي ٻوليءَ سان پيار جو اظهار ڪيو آهي، اڄ کان شروع ٿيندڙ ٻولي ڪا ڪانفرنس جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي عالم اديب ۽ شاعر ٻوليءَ جي الڳ الڳ موضوعن تي پنهنجا پيپر پڙهندا، ساڳئي وقت ادارو پنهنجا نوان آندل ڪتاب به نماءَ لاءِ رکندو، چن جي مهورت پڻ ڪرائي ويندي، ايئن ٻولي اختياري ادارو پنهنجي موجود هجڻ ۽ سرگرم هجڻ جو مناسب اظهار ڪندو ۽ اسان کي اهو احساس ڏياريندو ته سنڌ ۽ سنڌي عالم اديب، هر ممڪن طرح پنهنجي ٻوليءَ لاءِ سوچي ۽ لوچي رهيو آهي، ٻن ڏينهن جي ٿيندڙ هن سيمينار ۾ چڪ ۾ پڪ آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي جديد دور جي نون مرحلن سان منهن ڏيڻ لاءِ ڪي اپاءَ به ورتا ويندا، ۽ اڄ لاءِ ڪي نيون رٿائون جوڙيون وينديون، ته جيئن سنڌي ٻولي اڄ جي تيزي واري ڊوڙ ۾ دنيا جي جديد دنيا جي ٻولين سان گڏ هلي سگهي.

    اسان اهو به چاهيون ٿا ته هيءُ رياست ملڪ جي چيئن ئي اهم ٻولين کي برابري جاحق ڏيڻ جي رٿا جوڙي چيئني ٻولين کي ملڪ جون قومي ٻوليون قبول ڪري انهن جي واڌ ويجهه لاءِ ممڪن ۽ هڪ جهڙا اپاءَ ڪري ۽ انهن ٻولين جي مدار تي ئي هئي، ملڪ چڙيل آهي، جڏهن اهي ٻوليون نه بچايون وينديون ڇو ته انهن جي واڌ ويجهه لاءِ ممڪن ۽ هڪ جهڙا اپاءُ نه ورتا ويندا ته پوءِ احساس محرومي جنم ُو ٺندي ۽ ان محروميءَ جي شدت اسان لڳ الڳ خطن کان وٺي هن ملڪ ۾ به ڏسي ۽ ڀوگي چڪا آهيون.انڪري اڄوڪي ڏينهن تي اخلاقي، مذهبي توڻي قانوني طور قبول ڪيل،مادري ٻولين جي ڏينهن تي هن ملڪ ۾ ڳالهايون ۽ لکيون ويندڙ سڀني ٻولين جي سلامتي لاءِ دعاگو هوندي، گهر ڪريون ٿا ته سنڌي ٻولي، جيڪا اسان جي امڙ جي ٻولي آهي، ان سان رياست ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ نه ڪري، رياست هن ٻولي کي به پنهنجي ٻولي سمجهي ۽ بس!

    عوامي آواز(ممگزين) 23 فيبروري 2016
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو