مادري ٻولين بابت يونيسڪو جي تحقيق !

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 فيبروري 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مادري ٻولين بابت يونيسڪو جي تحقيق !

    ارشاد ڪاغذي

    مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان يونيسڪو جي تحقيق پڌري ٿي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي گھڻ ــ نسلي معاشري ۾ تعليم جي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ اردو زبان کي زوري مڙهيو ويو آهي ۽ اها حاوي ٿي وئي آهي، پر اهو ڏٺو ويو آهي ته اردو تعليم جي استعمال جي ڪري سماجي ۽ ثقافتي اڻ برابري جا سماج ۾ ناڪاري اثر ظاهر ٿيا آهن ۽ سياسي ڇڪتاڻ پيدا ٿي آهي. يونيسڪو صلاح ۽ سفارش ڪئي آهي ته ٻارن کي ان ٻولي ۾ تعليم ڏني وڃي جيڪا هو سولائي سان سمجهي ۽ سکي سگھن. ”مادري ٻولين جي عالمي ڏهاڙي“ جي موقعي تي يونيسڪو پاران پاليسي پيپر پڌرو ڪيو ويو، جنهن ۾ پاڪستان، بنگلاديش، نيپال ۽ گوئٽي مالا جي ڪثير نسلي معاشري لاءِ سفارش ڪئي وئي آهي ته اتي ان ڳالهه کي يقيني بنايو وڃي ته درسي تعليم مادري ٻولين ۾ ڏني وڃي. گڏيل قومن جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي تنظيم يونيسڪو جمعي ڏينهن پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ اردو ٻولي 8 سيڪڙو کان به گھٽ ڳالهائي ويندي آهي، ان جي باوجود پاڪستان ۾ اردو کي سرڪاري اسڪولن ۾ رائج ۽ جاري رکي ڪري ڪشمڪش ۽ تڪرار پيدا ڪيو ويو آهي. يونيسڪو تاريخ جي روشني ۾ ثابت ڪيو آهي ته ماضي ۾ اردو کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جي ڪري سياسي گھوٽالو پيدا ٿيو هو. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي آزادي بعد حڪومت اردو کي قومي ٻولي ۽ اسڪولن ۾ تدريسي زبان جو درجو ڏنو، ملڪ ۾ 6 اهم وڏيون ٻوليون ۽ 58 ٻيا ننڍا گروپ هئا پر سڀني کي پاسيرو رکي اردو کي اهميت، اوليت ڏني وئي، تنهن ڪري علحدگي ٿي. بنگالي ٻولي اڳوڻي اوڀر پاڪستان جي اڪثريت ڳالهائيندڙ بنگالين جي ٻولي هئي، جيڪي پاڪستان ۾ گھڻائي ۾ هئا، بنگالي کي قومي زبان تسليم نه ڪرڻ جي ڪري تڪرار شروع ٿيو ۽ ان سبب جي ڪري فساد شروع ٿيا. 1952ع ۾ شاگردن جي وڳوڙ جي ڪري بنگالي ٻولي تحريڪ وجود ورتو، ان ڪارڻ اوڀر پاڪستان جي جدائي ۽ بنگلاديش قائم ٿيو. يونيسڪو پنهنجي رپورٽ ۾ واضح ڪيو آهي ته ٻارن کي پنهنجي مادري ٻولي بجاءِ ٻين ٻولين ۾ تعليم ڏيڻ جي ڪري ٻارن جي درس تدريس تي ناڪاري اثر پئي ٿو. زبان جي ٻه ڌارِي ڪات جي استعمال سان ”نسلي گروه جو سماجي تعلق ۽ مضبوط احساس ۽ ڳانڍاپو وڌڻ بدران پسماندگي جي ڪن ۾ غرق ٿيو وڃي.“ يونيسڪو جي عالمي نگراني رپورٽ جي ڊائريڪٽر هارون بيناوٽ چواڻي ”ٿورائي ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولي ۽ ٻي زبان جيڪا هو سمجهندا هجن ان ۾ اسڪول کلڻ گھرجن، ان پٽاندڙسڀني لاءِ تعليمي پاليسي کي يقيني بڻايو وڃي.“
    مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي مادري ٻولين جي ترقي لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون آهن ۽ سموري دنيا ۾ ان بابت ڪانفرنسون، مذاڪرا ۽ بحث مباحثا ٿيندا آهن. هتي اسان جي ملڪ ۾ بدقسمتي سان اصلوڪي ٻولين سان ماٽيلي ماءُ جهڙو سلوڪ رکيو ويو آهي. گڏيل پاڪستان ۾ بنگالي ٻولي، سنڌي ٻولي ۽ ٻين زبانن سان ٻه اکيائي ڪئي وئي، جيڪا اڃا تائين جاري ۽ ساري آهي. ياد رهي ته 1952ع ۾ پاڪستان جي وزيراعظم خواجه ناظم الدين اردو کي قومي ٻولي جو درجو ڏيندي اعلان ڪيو ته اردو هڪ قوم جي زبان آهي، سڀني کي متحد رکي سگھي ٿي هن کان پهريان به ملڪ جي حڪمرانن جا اردو لاءِ اهڙا بيان هئا جن اول به بنگالين ۽ ٻين کي چيڙائي وڌو هو ۽ بنگالين احتجاج بلند ڪيو هو. پاڪستان جي آزاد ٿيڻ جي چند مهينن بعد وفاقي حڪومت اردو کي سرڪاري قومي ٻولي جو اعلان ڪيو هو، بنگالين به بنگالي زبان کي قومي ٻولي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. مارچ 1948ع ۾ بنگالي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جي تحريڪ شروع ٿي، هنگاما ٿيا. پاڪستان جي پهرين گورنر جنرل قائد اعظم محمد علي جناح وڳوڙ ۾ ٺاپر آڻڻ لاءِ مشرقي پاڪستان جو دورو ڪيو، جيڪو هن جو پهريون دورو هو. ڍاڪا جي ريس ڪورس ميدان، ڍاڪا يونيورسٽي، ريڊيو پاڪستان ڍاڪا ۽ ٻين هنڌن تي تقريرون ڪيون.
    21 فيبروري 1952ع ۾ ”بنگالي ڀاشا اندولن“ شروع ٿي، ڍاڪا يونيورسٽي جي شاگردن ۽ استادن هڪ زبردست جلوس ڪڍيو، پوليس سختي جو مظاهرو ڪندي گولي هلائي جنهن ۾ ڪيئي شاگرد مري ويا ۽ تحريڪ زور وٺي وئي. ڪيئي سالن جي ڇڪتاڻ بعد 1956ع ۾ بنگالي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو. اردو جي حمايتين باباءِ اردو مولوي عبدالحق جلوس ڪڍي سرڪار کي غدار ڪوٺيو ۽ رئيس امروهي جنگ اخبار ۾ ”اردو ڪا جنازه هي ذرا ڌوم سي نڪلي“ لکي ڪري اردو آبادي ۾ اشتعال وڌايو. ياد رهي ته 1972ع ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌي ٻولي جي ترقي، ترويج ۽ صوبائي لکپڙهه جي زبان جو هڪ بل سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو، اردو جي حمايتي سياسي اڳواڻن مخالفت ڪئي. ساڳئي جنگ اخبار ۾ رئيس امروهي اڳيون قطعو وري لکيو ۽ فساد ڦهلايو. اهڙي طرح هر دور ۾ اردو جي ناقابل انديش حمايتن جي ڪري اصلوڪي ماڻهن جي حقن کي پائمال ڪيو ويو، ائين جيئن بنگال ۾ ڪيو ويو، پر بنگال جو عوام متحد ۽ منظم ٿي پنهنجي حقن لاءِ وڙهيو ۽ پنهنجي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏياريو، بنگالين جي جدوجهد رنگ لاتو ۽ ڪجهه سالن ۾ بنگالي کي قومي ٻولي تسليم ڪيو ويو. ائين بنگال جي ٻولي کي مڃتا ملي وئي ۽ ايئن 1999ع کان يونيسڪو جي اعلانيل ۽ تسليم ٿيل مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي.
    پاڪستان گھڻ ــ لساني ۽ گھڻ ــ ثقافتي ملڪ آهي ۽ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پناهگير آبادي ڪيترن ڏهاڪن کان هتي رهن ٿا ۽ اهي هتي ئي جوان ٿيا آهن ۽ اڪثر هتان جا شهري ٿي ويا آهن ۽ اهي موٽي پنهنجي ملڪ نه ويندا، ڇو ته هو هتان جو شناختي ڪارڊ ۽ ٻيا ڪاغذ پٽ ٺهرائي ۽ هتي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهيا آهن ۽ انهن سمورن هتي سرڪاري نوڪريون حاصل ڪيون آهن، جائداد خريد ڪيون آهن ۽ ڪاروبار ڪري رهيا آهن.
    پاڪستان ۾ رهندڙ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ هتان جي حڪمرانن هڪ سازش جي تحت ويڇا وڌايا آهن، مان مٿي عرض ڪيو آهي ته جيئن ته پاڪستان گھڻ ــ لساني ۽ ثقافتي ملڪ آهي تنهن ڪري هتي مختلف زبانون ۽ ثقافتون آهن. اهم ۽ وڏن زبانن ۽ رهاڪن کان علاوه هتي 60 کان مٿي ٻيا لساني گروه رهن ٿا، جيڪي مختلف ٻوليون ڳالهائين ٿا، جيئن اسان جي سنڌ ۾ ڀيل باگڙي وغيره رهندا آهن، جيڪي لاڏائو قبيلا آهن، ڪڏهن هتي ڪڏهن هتي انهن جي ٻولي مختلف آهي پر ان کي سنڌي ۾ شمار ڪيو ويندو آهي؟ انهن جو تعداد تمام گھٽ آهي ۽ اهڙيءَ طرح ٻين جو تعداد به سون هزارن ۾ آهي ۽ اهي تنزلي جي طرف وڃي رهيا آهن ۽ ڪيترا ته تمام ٿوري تعداد ۾ آهن. هتي هميشه غلط انگن اکرن جي استعمال جي ڪري صحيح صورتحال جو اندازو مشڪل سان لڳايو ويندو آهي. هڪ ته هڪ شائونسٽ سوچ جي ڪري ۽ ٻين کي پنهنجي لٺ جي هيٺيان رکڻ لاءِ ڪوڙا انگ اکر پيش ڪيا ويندا آهن. تنهن ڪري پاڪستان هميشه نقصان ۾ رهيو آهي. بنگلاديش جي آزادي جو ڪارڻ به اهڙا اقدام آهن، جو ملڪ ٻه ٽڪر ٿيو. هتان جي پنجابي لابي مظلوم ۽ محڪوم قومن ۽ گروهن کي پنهنجي ذاتي ۽ گروهي مفادن جي ڪري هيسائي دٻائي، زور، ظلم ۽ زبردستي ڪري ڪوڙيون آدمشماريون ۽ انگ اکر ٺاهي پاڻ کي اڪثريت ۾ رکندا آيا آهن. جيئن هينئر آدمشماري ٿي رهي آهي ان ۾ سرڪار جي سنجيدگي جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته مختصر مدت ۾ آدمشماري رٿي وئي آهي، اها غيرسنجيدگي جي انتها آهي. ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ڌٻڙ دوس ڪئي ويندي؟ وفاقي سرڪار آدمشماري جو جيڪو شيڊول ڏنو آهي، تنهن تي سنڌ جي سمورن سياسي جماعتن ۽ سول سوسائٽي رد ڪيو آهي ۽ وقت وڌائڻ لاءِ چيو آهي. جيڪڏهن هن دفعي سنڌي قوم سان زيادتي ڪئي وئي ۽ آدمشماري ۾ به اليڪشن وانگر ڌانڌلي ڪئي وئي ۽ اها به بوگس ٿي ته ان جو نتيجو خطرناڪ نڪرندو. حڪمرانن کي ماضيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ گھرجي. بنگالين جي علحدگي جو مکيه سبب به اهو هو جو هنن جي اڪثريت کي تسليم ڪونه ڪيو ويو. تنهن ڪري ايندڙ آدمشماري ۾ جيڪڏهن ان قسم جي هيراڦيري ڪئي وئي ته اهو هن خطي لاءِ ڪنهن به صورت ۾ سٺو نه ٿيندو.

    روزانه عبرت 26 فيبروري 2016ع
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو