آدرش نوٽ بڪ جا ورق - گهگهراڻي گهٽي -4

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 فيبروري 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    نوٽ بڪ جا ورق - گهگهراڻي گهٽي -4


    آدرش
    سياري جو سج لهندي دير ئي نه ڪندو آهي. ڏينهن ائين ڀڄندو ويندو آهي، جيئن ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي اسٽال تي چانهن پيئندي ڪو مسافر، ريل ڇٽندي ڏسي، اڌ ۾ چانهن ڇڏي ريل ڏانهن ڀڄندو وڃي.
    سانجهيءَ ويلي مان گهران نڪري لکي در آيم. سيءُ هجي. مون ڪوٽ بدران هلڪو سوئيٽر پاتو جو جواني هئي. جوانيءَ ۾ ڪنهن به موسم جي لَکا ئي نه پوندي آهي. جواني به ڪهڙي! حضرت يوسف جي ڦاٽل قميص جهڙي.
    مان انڊس هوٽل تي آيم. سائين نعمت الله ڀٽو ۽ اياز ابڙو ويٺا هيا. چانهن چڪو پي، ڪلاڪ ڏيڍ ڪچهري ڪري اُٿياسون. هر ڪو گهر هليو ويو. مان به گهر آيم. چانور ۽ تريل پٽاٽا هيا. پٽاٽن مزو نه ڏنو ته امڙ سڳوريءَ تبت پائوڊر جي دٻي ۾ رکيل مٺائي ۽ دُنر وٽي ۾ کير آڻي ڏنو. کاڌم ته مزو اچي ويو.
    گهران نڪري، گهٽيءَ جي ڪنڊ ۾ اچي، چوريءَ سگريٽ پيتم. سگريٽ پي، اڳيان آيم ته نصرت صاحب جي اوطاق جو دروازو ٻيڪڙيل هو. در کي ڪنُ ڏنم ته آواز ٻڌڻ ۾ آيا. سمجهي ويم ته اندر منڊلي متل آهي. آهستي آهستي دروازو کولي، ليئو پاتم ته مچ متل هو. چوڌاري دلبر ڪامورا ويٺا هيا. رٽائرڊ ۽ لٿل سڳورا. نصرت صاحب ڏٺو ته چوڻ لڳو : ” اچ.. اچ ارشاد! اچ“ مان اندر اچي، نصرت صاحب جي ڀرسان رلهيءَ تي ويهي رهيم. رٽائرڊ ڪامورو اوڪاش صاحب ڳالهين ۾ لڳو پيو. هن ڳالهه پوري ڪئي ته نصرت صاحب شڪيل صاحب کان سوال پڇيو:” دادا! توهان لاڙڪاڻي ۾ ايس.ڊي.ايم گهڻو وقت رهيئو؟“
    ”مان ڏيڍ سال پورو رهيم.“
    ”اتي لاڙڪاڻي جا شيخ ڀٽي صاحب سان ڇا تي نه ٺهيا؟“
    ”نصرت ميان! ڳالهه اها آهي ته لاڙڪاڻِي جا شيخ هڪ ته وچولي طبقي (Middle class) جا ٻيو ڌنڌوڙي ۽ نوڪريءَ وارا. ٽيون صوم صلات جا پابند ته پيرن جي دروازن تي پير ڀريندڙ. پنهنجي ڪرت ۾ لڳل. نه ڪنهن جي تيريءَ ۾ نه ميريءَ ۾. مڇي ماني وارا. پنهنجن گهرن ۾ ٻچڙن سان خوش گذارڻ وارا. ڀٽو عوام…عوام ڪندو هو. پر اهو رڳو نعرو هوندو هيس. اندر ۾ هو ٺپ هڪ وڏيرو هو. ڀٽو چاهي پيو ته شيخ منهنجي ڪمداري ڪن. شيخن کي ڪهڙي غرض پئي جو هن جا سلامي ٿين. هن جي ڪاڻ ئي نه ڪڍيائون. هن کي هڪ به ووٽ نه ڏنا.ئون ته ڀٽو صاحب هنن لاءِ تتل تنُور بڻجي ويو. خير سان وزيراعظم ٿيو. ڀٽو پنهنجي پر ۾ وڏو انتقامي هو. مخالف کي اک ۾ رکندو هو. قسم کڻي، پڃيل جمعدار کي ايس.پي بنائي، لاڙڪاڻي ۾ رکيائين. ڀُٽي صاحب جي اک ۾ لاڙڪاڻي جا شيخ ڪنڊو ته هيا ني! سو پڃيل هٿان جيڪي هنن عقوبتون ڪرايائين. ڇا ٻڌايانءِ؟“
    ”پوءِ به شڪيل صاحب؟“
    ”ادا! پڃيل چڱو ماڻهو نه هو. ڀُٽي صاحب جي چوڻ هن شيخن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا. ويچارن کي اگهاڙو ڪري ڪُٽيائين. زائفن سان به ويل ڪيائين. الله! خدا جي مار پوندس. منهنجو وس پڄي ها ته هاڻي ئي وڃي ڳڀا ڳڀا ڪيانس ته به هانءُ نه ٺرندو.“
    ”نيٺ به ڇا ڪيو هيائين؟“
    ”سائين اوڪاش ! هن ڇا ڪيو جو هڪ شيخ صاحب هو. حاجي سڳورو هو. نيڪ نمازي. بزرگ ماڻهو. ان کي هڪ ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري. سندس جوان جماڻ پٽ سان اگهاڙو ڪري سمهاري….“
    ”ائي لي ڙي! بس ڪر شڪيل!“
    ”ٻئي پيءُ پٽ چريا ٿي پيا.“
    ان ڳالهه تي ائين لڳو ڄڻ سڄي اوطاق کي، مچ مان باهه لڳي وئي. اوطاق ۾ ويٺل سڀ صدمي ۾ سڙي ويا هجن.

    ***

    نصرت صاحب جي گهران، سندس نوڪر الله بچايو چانهن جو ٿرماس ۽ ڪوپ کڻي آيو. هڪ وڏي ٿالهيءَ ۾ مڱيرا به هيا. بوهي مُڱ کائي، چانهن پيتي سين ته ڄڻ مشين گرم ٿي وئي. اوڪاش صاحب انڊين ايس(S) ٻيڙي دکائي. سوٽو هڻي چوڻ لڳو: ” باقي يارَ! ضياءَ الحق ڏنڊو سٺو ڏنو آهي. نه؟“
    ”برابر. پر هاڻي ڏنڊي کي تيل لائي ٿورو نرم ڪيو اٿائين.“
    ”اهو ڪيئن؟“
    ”هي اليڪشن جو ڪرايائين.“
    ”ها.ها. وزيراعظم به ته لاش کي ڪيو اٿائين.“
    ”محمد خان جوڻيجو ني!“
    ”ها مولائيءَ کي نه منهن نه مهانڊو.“
    ”الائي ڪاٿان اهو هٿ آيس.“
    ”سنڌڙيءَ مان.“
    ”اڇا! ميرپورخاص جا انب ڏاڍا عاليشان آهن، باقي ماڻهو سڀ جوڻيجي جهڙا جو کين ڏسندي مزو نه اچي.“
    ”اڙي جائي! اهو پاڻ وارو موُر الاهي بخش سومرو به ته وزير ڪري کنيو اٿائين نه“
    ”هائو. ڇڙو الاهي بخش؟“
    ”سائين اوڪاش! پنهنجن سومرن جي ته ديڳ پڪي آهي. الائي هاڻي اخبارون نه ٿا پڙهو، الائي ٽي وي نه ٿا ڏسو؟ سائين منهنجا! الاهي بخش، رحيم بخش مٿي قومي اسيمبليءَ ۾ آيا آهن ته وري هيٺ پنهنجي اسيمبلي جا ميمبر، احمد ميان سومرو، افتخار سومرو ۽ جنيد سومرو ٿيا آهن.“
    ”واھ، پئون ٻارنهن.“
    ” نه ته ڇا! اڇا مولا بخش سومري صاحب جو وڏو پٽ وفاق ۾ صنعت جو وزير ته ننڍو پٽ، الاهي بخش وارو ننڍو ڀاءُ افتخار سومرو سنڌ جو صنعت جو وزير.“
    ”ٺهي پيا.“
    ”پنج ئي آڱريون گيهه ۾.“
    ”پنج؟ او سائين! ڏھ ئي، اڃا به ويهه آڱريون سمجهو گيهه ۾.“
    ”مان صدقو وڃانِ.“
    ”اهو جنيد ڪيئن ڊڪٽيٽر ڏانهن ويو؟ هونئن ته جيئي سنڌ جي ڪهاڙي ڪلهي تي کڻي گهندو آهي.“
    ”سرڪار! اها ڳالهه ئي نه ڪيو. جڏهن ضياءَ الحق ٿيو ”شريف النفس“ ته جنيد تي ڪهڙي ميارَ!“
    ”جيئي سنڌ جو نعرو حيدر بخش جتوئي صاحب جو آهي.“
    ”حيدر بخش ارڏو مڙس هو ته سچو به هو.“
    ”بالڪل جي ايم سيد بنگلاديش جي نعري جي ڪاپي ڪري سنڌوديش جا نعرا هنيا.“
    ” اڙي ارشاد! تون ته جيئي سنڌ ۾ ناهين نه؟“
    ” نه سائين نه. الله پناھ ڏيندو.“
    ”باقي پليجي سان آهين ڇا؟“
    ”ڇو ڀلا سائين! پٽيو ڇو ٿا؟“
    ”ادا! تون به شاعر اديب آهين نه سو ڪنهن ڌر سان ته لاڳايپل هوندين ني!“
    ”مان سائين! هر غريب، محتاج ۽ مظلوم سان لاڳاپيل آهيان. وجودي ليکڪن سارتر ۽ البر ڪامو کان متاثر آهيان. آمريڪين هپي (Hippy) وڻندا اٿم.“
    ”اُهي جيڪي چرس جا سوٽا هڻي، وڻ هيٺان ئي، ڪنهن شاھراھ تي سُٿڻان لاهي غم کي مٽائين، ائين ني؟“
    ”هائو.“
    ”اهي وري به اسان وارن کان لک ڀيرا سٺا. ڪوڙا وعدا ڪري ڦرن ته ڪونه ٿا.“
    ”هاڻي ته شيخ اياز به سيد سان گڏ ناهي.“
    ”اياز جيلن کان ڊڄڻ وارو نه هو. ڊڄڻو برابر آهي. هتي پاڙي ۾ نه بيهندو هو. ڪتاب کڻي شاهي باغ هليو ويندو هو. هن کي ڀٽي سوڙهو ڪيو. ڀٽو شاطر ته هيوني. اياز کي هن جي وير جي ڄاڻ هئي. لاڙڪاڻي جي شيخن سان ڀُٽي جا ڪيل ظلم اکين اڳيان هيس. ٻي ڀٽي اياز کي پٽي کي جيئرو نه ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏني هئي پوءِ اياز اولاد جي ڪري ڦسي پيو ۽ وڃي وي.سي ٿيو.“
    ”جي ايم سيد ان هن جو ناراضپو ان ڪري ٿيو جو اياز هن کي ڪنهن ڪم لاءِ غفار خان ڏانهن ڪا چٺي لکڻ لاءِ چيو هو ته هو لنوائي ويس. ان کان پوءِ اياز جي دل تان ڪري پيو. توکي خبر آهي ته اسان شيخن جي دل تان جيڪو ڪريو سو ڄڻ جبل تان ڪريو. پوءِ اياز سوچيو هوندو ته جنهن لاءِ مان مران ٿو سو خسيس چٺي نٿو لکي ڏي تنهن مان وري ٻيو ڪهڙو لاڀ ملندو.“
    ”هاڻي ته سڀني نظرين تان ئي هٿ کڻي ويو آهي.“
    ”ڳالهه ڇا هي ته ماڻهو هڪ دفعو ٿيڙ کائي ٿو نه ته پوءِ لاٽون وانگر ڦرندو ويندو. اياز تمام وڏو پڙهيل ڳڙهيل آهي. تمام وڏو، هو ڀلي قرآن جا تفسير پڙهي يا مودوديءَ جا ڪتاب پڙهي پر نماز ڪڏهن به نه پڙهندو ڇو ته ٻالڪ پڻي کان هن مطالعو شروع ڪيو آهي. ۽ هن جي مغز ۾ شڪ جو ٻج ڇٽيل آهي جيڪو وري مرنديءَ گهڙيءَ تائين نه نرڪندو آهي.“

    ***

    باھ جي مچ ۾ ڪاٺيون وجهي، اوڪاش صاحب هڪ ننڍڙي ڪاٺي کڻي، ٻيڙي دکائيندي، شڪيل صاحب کي چوڻ لڳو :” منَ! الاهي بخش سومرو وزير به بڻيو آهي. ضياء الحق جي ويجهو به آهي. ڀُٽي جي عتاب جو شڪار ٿيل آن. سو جاچ لهيس. اچي ته وڃي، پنهنجي لاءِ چويس من ڪو رستو نڪري پُئي.“
    ”واھ چاچا واھ! ڪهڙي ڳالهه ڪئي ٿي! اسان شيخن جو ڪو پکي به انهن جي در تي ويو آ جو مان وڃان؟ ڀلا ڪهڙي لوڙَ پئي اٿم جو وڃي الاهي بخش اڳيان ويچارو ٿي بيهان؟ چاچا! سوال آ لک جو. جواب ڏئي وجهي ته پوءِ؟ شڪر الحمدلله! سٺو دڪان هلي پيو. امير آهيان.“
    ”هائو. اها لک جي ڳالهه ڪئي اٿئي.“
    ”چاچا! ٻيو عرض ڪيانوَ ته اهي سومرا ڪنهن جي ڪم آيا آهن؟ شهر لاءِ ڪجهه ڪيو اٿائون. رڳو پاڻ لاءِ آهن. ملڻ ڪري جا ڏاڍا سٺا آهن پر ڪم ڪو نه ڪندا آهن. اهي ميز مٺائيءَ سان ڀري رکندا آهن. مٺاي ڏيکاري چوندا هي گهوٽڪيءَ جا مٺا پيڙا، هي رتي ديري جو ائو، هي ديوان جا ڄمون، سڱر جو مائو، سائو مائو، اڇو مائو، هي لڏون به اٿي. ميز جي چوڌاري گهمائيندا ويندا پر کارائيندا ڪونه. هٿ وڌائيندئو ته ڀڃي ڇڏيندا.“

    ***

    ”اوڪاش صاحب! الاهي بخش صاحب، ڀٽي صاحب جو گهاٽو سنڱتي هوندي؟“
    ”ڳالهه ٿو ڪرين! هڪ ناليءَ تي ويهڻ وارا هيا. اهو مائي نصرت سان ڪنهن پرڻايُس؟ الاهي بخش ئي ته هيو. مولويءَ کي ئي الاهي بخش وٺي آيو هو. اڇا! نصرت وارا شيعا هيا. ايرانڻ آهي نه. هن جي ماءُ پڪي شيعي زائفان. الاهي بخش به سني ملان وٺي آيو سو نصرت جي ماءُ چيس ته اهو ملان نه کپي سو پوءِ الاهي بخش وري شيعو مولوي وٺي آيو ته نڪاح ٿيو.“
    ”الاهي بخش صاحب جي گهر واري به ته هندو آهي نه؟“
    ”ها. لڌي مل جي ڌيءَ. ان جي عشق ۾ اٽڪيو. ڪوئيٽا کنيون ويس. اُتي وڃي چشمي واري بزرگ وٽ ڪلمو ڀرائي مسلمان ڪري، نڪاح ڪيائينس.“
    ”نبيءَ جي امت ۾ اضافو ڪيائين.“
    ”ڀٽي صاحب به ته الاهي بخش کي نوازيو هو يا نه؟“
    ”ها ها الاهي بخش انجنيئرنگ ڪاليج ۾، ڪراچيءَ ۾ پڙهائيندو هو سو ماستريءَ مان مٿي کڻي، ڪي ڊي اي جو ڊائريڪٽر جنرل بڻائي ڇڏيائينس.“
    ”اهو هو ڀٽو صاحب.“
    ”ها سائين! ڀٽو ڪو نه سڏائي! هو ماستر مان ڊائريڪٽر ٿي ويو. تو کي وري ايس ڊي ايم مان هٽ وارو بڻائي ڇڏيائين ته وڃ پُٽ! وڃي بسڪوٽ، کٽ مٺڙا ۽ نيرا لفافا وڪڻ.“

    ***

    ”شڪيل صاحب! ڀٽي جي پهرئين گهر واري مائي شيرين بيگم ڪاٿي رهي؟“
    ”اها سائين! گهڻو ڪراچي ٿي رهي.“
    ”ڏاڍي نيڪ خاتون آهي. ڀٽي جي سڳي سئوٽ هئي پر…….“
    ”يارَ! سچي ڳالهه ٻڌايانءِ. سؤٽ وارو رشتو جٽاءَ وارو ناهي هوندو. سؤٽ خبر ناهي ڇو ويري هوندا آهن. سمجهه کان ٻاهر آهي. هاڻي ڏسُ منهنجا پٽ ۽ مون وارا ڀائٽيا پاڻ ۾ ٺهن ئي ڪونه. هڪ ٻئي جي شڪ ئي ڪو نه وڻين.“
    ”هونئن به سؤٽ سان شادي ڪامياب نه ويندي آهي. هاڻي هي ڏسُ! پنهنجو سهيل صاحب. اهو انڪم ٽئڪس آفيسر، سئوٽ سان شادي ٿيل اٿس. سڄو ڏينهن گهر ۾ ٽمجهڻ متل هوندو اٿس. منهنجي گهر جي ته ڀت ڀت ۾ اٿس ني! ڏينهن رات ڪروڌ هوندو اٿن. ڪڏي پاڻُ نه ماري وجهي.“
    ”شاديءَ ۾ ڀائي بند ڏاڍا ڀلا آهن. سئوٽ، ماسات ۽ ماروٽ وارا رشتا هنن لاءِ ڀيڻ وارا ڏئي ايندو. ڇوڪري وري بدين پرڻائيندا. ان ڪري ئي خوش گذاريندا آهن.“
    ”سائين! ماسات، ماروٽ ۽ پڦاٽ سان شادي به ڪامياب رهي ٿي. نه؟“
    ” ها انهن ۾ وري به نڀاءُ ٿي وڃي ٿو. باقي سئوٽ منهنجي توبهن.“

    ***

    ”اوڪاش صاحب! اوهان به جهوني جڳ جا آهيو. سياڻا آهيو. اهو سومرا صاحبان پي پي پي ۾ ڇو نه آيا؟ هنن جا ڀُٽي سان گهرو رستا به هيا. جيستائين مون کي سُڌ آهي ته ڀُٽو مرحوم، هڪ حاجي مولا بخش سومري ۽ ٻيو جي ايم سيد کي ”چاچا“ ڪري سڏيندو هو.“
    ”تنهنجي ڳالهه سورهن آنا سچي آهي. اصل ۾ ڇا هو ته حاجي مولا بخش ديرينو ۽ ڳڻ ڳوٽ وارو سُلجهيل سياستدان هو. ڀُٽي جيڪو اسلامي سوشلزم جو کوکلو ۽ جڙتو نعرو هنيو. اهو ائين هو زم زم ۽ وُڊڪا. ٺهي ئي ڪونه. اهو نعرو حاجي صاحب کي نه آئڙيو سو ويجهو ئي نه آيس. جڏهن ته هو آزاد اميدوار طور ڀُٽي جي طوفان ۾ کٽي ويو. هو هاڻي ڏس ڀلا! پري نه وڃ. سڀ ئي وڃي. اسلام جي نام نهاد علمبردار ضياء الحق جي ڪڇ ۾ وڃي ويٺا هن نه.“
    ”بالڪل . باقي حاجي صاحب آغا غلام نبيءَ کي به اهڙي شڪست ڏني جو آغا جا وائيسر ڦري ويا هيس.“
    ”ڳالهه ٿو ڪرين.“
    ”اصل ۾ آغا غلام نبي ته شيخ مجيب جي عوامي ليگ ۾ هو نه.“
    ”اڇا!“
    ”نه ته ڇا!“
    ”پو ڀُٽي ڏي ڪيئن آيو؟“
    ”ها. ڇا هو ته شيخ مجيب صاحب ذهين سياستدان هو. شيخ ته وري ڪانوَ کان وڌيڪ سياڻو. هن ڀُٽيءَ جي ايوب خلاف هلايل جلسن جلوسن کي ڏٺو. ڪتن کي ڏٺو. جن تي ”ايوب ڪتو“ لکيل هو. مجيب عوام جي سمنڊ کي ڏٺو، جيڪي ڀُٽي جي ڪڍ هيا، سو هو ڀانپي ويو ته ٻيلي! عوامي ليگ جي اوڀر پاڪستان ۾ دال نه ڳرندي.“
    اوڪاش صاحب وساڻلَ ٻيڙيءَ کي، تيليءَ جو ماچيس تي گهڪو ڏئي دکايو. وات ۽ نيڪ جي ناسن مئون دونهون ڪڍيائين، جيڪو مچ جو دونهين سان گڏجي، نانگ وانگر وڪڙ کائيندو، ڇت ڏانهن ويو.
    ”سائينءَ منهنجي کي چوان! سو مجيب صاحب خيال رکڻ وارو وفادار ماڻهو هو. هن آغا غلام نبيءَ کي اوندھ ۾ رکڻ نه پئي چاهيو. هن آغا غلام نبيءَ جو گهڻگهرو ٿي، کيس نويڪلائيءَ ۾ ڀٽڪو ڪندي چيو ته ڀٽي ڏي وڃ. ان ۾ ڀلائي ٿيندي.“
    ”اڇا!“
    ”آغا به ڪوٽ سلطان جو پٺاڻ. وقت جي نبض سڃاڻي ويو. مجيب صاحب واري صلاحَ دل ۾ سانڍي، چروٽ جا ڪش هڻندو، ڀٽي ڏانهن ويو. آغا صاحب ڳالهين جو ڳهير به، ته هوشيار به سو ڀُٽي صاحب سان مليو. ڳالهه ٻولهه ٿي ته ڀُٽي جي جيءَ ۾ جايون ڏسن. آئي اليڪشن، ته ٽڪيٽ به حاصل ڪري وتائين، پر هارائي ويو.“
    ”ان جو سبب، چاچا؟“
    ” سببُ؟ هاڻي ٻڌُ! سڀ کان وڏي ڳالهه ته شڪارپور جا شهري پڙهيل لکيل پنهنجي ڪرت ۾ رڌل ته بالا عملدار. اهي نه پيا چاهن ته شڪارپور شهر ۾ ڪو ڌاريو ماڻهو اچي حڪم هلائي. سلطان ڪوٽ جا پٺاڻ پنهنجي ڪل جا. اسان جا شهر جا اسان شيخ، ميمڻ، سومرا ۽ دائود پوٽا وغيره پٺاڻن کي داداگير سمجهون ۽ هنن کان لوڻا هڻون، سو ڪنهن به شهريءَ هن کي ووٽ نه ڏنو. سڀ ووٽ حاجي صاحب جي بيلٽ باڪس ۾ پيا. ٻيو آغا غلام نبيءَ سان ڳڙهي ياسين جي آغا صدر الدين ۽ جاڳڻ جي وڏيري ڪوڙا خان ڀئي به واف نه ڪئي. دوکو ڏئي ويس. راتو واھ ڦري ويس.“
    ”۽ پوءِ اسان جي حڪيم حاذق کٽي آيو خير سان.“
    ”هائوس ائين! کٽي آيو خير سان. هاڻي هلئون ادا! ٻارهن پيا ٿين. ننڊ پئي اچي.
    ”صبحاڻي جا ڀاڳ صبحاڻي سان.“

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 28 فيبروري 2016ع

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو