آدرش نوٽ بڪ جا ورق - گهگهراڻي گهٽي -5

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 مارچ 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    نوٽ بڪ جا ورق - گهگهراڻي گهٽي -5


    آدرش

    رات گرم، وهاڻو نرم، ننڊ رکيو:زندگي جي ڏکن جو ڀرم. مولا ڪيو ڪرم. سياري جي سيءَ جي رات ۾، سيهڙ جهڙي نرم وهاڻي تي مٿو رکي، سوڙ پائي، ننڊ جي جهنگ ۾ هليو ويم. جهنگ به ڪنهن دوشيزه جي وارن جهڙو گهاٽو.
    جهنگ ۾ هڪ وڻ هيٺان ويهي بئنسري وڄائڻ شروع ڪيم ته منهنجي اڳيان مور،هرڻ، سيهڙ ۽ نوريئڙا نچڻ لڳا. ڪاٺير جي سهڻي ڌيءُ به مٿي تي ڪاٺين جي ڀري کڻي آئي. ڪاٺين جي ڀريءَ کي اڇلائي، ان تي ٽيڪ ڏئي، پلٿي ماري ويٺي. ٻنهي ڳاڙهن ڳٽن تي پنهنجا هٿ رکي مون ڏي نهاريندي، بئنسري ٻڌڻ لڳي. بئنسري جي سُرن جي ڇِڪَ تي نيري آسمان تي ڀورا ناسي بادل، هڪ ٻئي پويان اُٺن جي قطار وانگر اچڻ لڳا. صبح ٿيو، ڇو ٿيو”؟ اک کلي، دل جلي. مان زندگي جي رڻ ۾ اهو ئي اڪيلو. مان مور وانگر ڳوڙها ڳاڙي اُهي پنهنجن پيرن ۾ ئي ڪيري ڇڏيا.
    تڙ ٻڙ ڪري، ماني ٻاني کائي، ٺهي سنبري، بادشاهه جهڙي پوشاڪ پائي، گهران نڪتم. ڪم نه ڪار. واندو به اهڙو تهڙو! صفا نکمڻو. رن نه روڳڙي. نه هٽُ نه نوڪري. پرائي گهر ڇوڪري. ان جي هٿن ۾ گلن جي ٽوڪري. پري ٿي پئي ڏوڪري ته مان وري شيخن جي پاڙي ۾ سائين جي اوتاري ۾ آيم.
    بزرگ جي مزار تي قل پڙهي، مٽ مان کمري ۾ پاڻي ڍڪ ڀري، پي ڪري، نم جي ڇانو مان ٽپي، وشال ميدان ۾ آيم. اس جي تڙڪي تي صاف سٿري تڏي تي ويهي فقير جمن پنهنجا ڊگها زلف سنواري رهيو هو. وار سنواري پنهنجي ڀنڀي سونهاري کي ڦڻي ڏيندي هو مون کي بائيبل مان نڪتل حضرت عيسيٰ جو ڪو حَواري لڳو.
    مان هن سان سلام دعا ڪري تڏي جي ڪنڊ وٽئون ويٺم. منهنجي نظر هڪ ڪِوِلِ تي پئي جيڪا کنڊ داڻو کڻي ڏاند گاڏي وانگر آهستي آهستي وڃي رهي هئي.
    فقير جمن ڦڻي ڏئي گول ننڍڙي آئيني ۾ پنهنجي مرشد بدران پنهنجو درشن ڪري ڦڻي آئينو تڏي جي ڪنڊ وٽان رکي، پڇڻ لڳو”ارشاد! ٽاٽ آن ني؟“
    ”جي سرڪار!“
    ”ٻيا ڪهڙا حال آهن؟“
    ”رب جا لک شڪر آهن.“
    ”نوڪريءَ جو ڇا ٿيو؟“
    ”ملي ويندي، حالي ته ٻه ٽي انٽرويو ڏئي آيو آهيان. الله ڀلي ڪندو.“
    ”ها بابا ها، آهي به الله، جيڪو ڏئي نه پچاري. انسان بي وس آهي، ارشاد! سڀ ڪجهه ان جي هٿ آهي. اهو ئي لک آهي، اسان ته ڪک آهيون. من!“
    ”بيشڪ“
    فقير جمن پنهنجي گيڙو ويس مئون عزيز فرمائش ٻيڙين جي پڙي ۽ پڙو ڪڍي، مون ڏي وڌائيندي چوڻ لڳو“ هان هي وٺ ٻيڙي پيءُ“
    ”نه فقير سائين! مون هاڻي سگريٽ ڦٽي ڪيو آهي. ضرورت ٿي ته پوءِ پيئندم“
    ”چڱو بابا! جيئن تنهنجي مرضي“
    هن پوءِ هڪ ٻيڙي ڪڍي، اڳيان کيس ڦوڪ ڏئي، ڏندن ۾ اٽڪائي پُڙي مئون تيلي ڪڍي، گهڪو ڏئي ٻاري ته ان مان ڀڙڪو ڏئي شعلو ايئن نڪتو، جيئن ڪا جوان ڇوڪري ڪرڙي ڪرندي ڏسي ڇرڪ ڀري. هٿن جو ٻڪ ٺاهي هن ٻيڙي دکائي. تيلي کي ڦوڪ ڏئي وسائي اڇلائي. وساميل تيلي تڏي ڀرسان اڏامي آيل اخبار جي ٽڪري مٿان ڪري، جنهن تي حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر سليم ميمڻ جو فوٽو ڇپيل هو.
    مان ۽ فقير جمن ڪا جهٽ پنهنجي ٻي عجيب دنيا) ( Other FunnyLand ۾ هليا وياسون. مان تڏي مٿان آڱر سان خيالي ليڪا پائڻ لڳم. ليڪن ۾ ڀاڳ هو، ڀاڳ تڏي جي وٿين ۾ ئي رهجي ويو.
    مزار جا مَٽَ ڀريندڙُ ۽ ڇنڊ ڦوڪ ڪندڙ ڇوڪرو ڪاڪَلُ آيو ته اسان جاڳَ به جهڙي ننڊ مان جاڳي پياسون.
    ”ڪاڪل پٽ!“ فقير جمن چيس.
    ”حڪم سائين!“ ڪاڪل ويجهو اچي هٿ ٻڌي چيس.
    ”پٽ! اهو چانهه جو ته ڪو بلو ڪر. کير اندر جاري ۾ ڪرمنڊل ۾ رکيو اٿي. پتي به آهي، الائي نه. مان سمجهان ٿو هڪ بچي هئي. پئي هوندئي. اهو پٽ! وڃي جود ۾ ٺاهي اچ. چانهه اسر مهل ٻه ڍڪ پيتي آهي ته وري ڪونه ڏٺي اٿم.“
    ڪاڪل هلي ويو ته جهونو پيپلو آغا علي ياسر آيو. هن سان ملياسون. هن ويهڻ سان ئي پنهنجي ڪوٽ جي کيسي مان ووڊ بائين سگريٽ جو پاڪيٽ ۽ چرس جو ٽڪرو ڪڍيو. سگريٽ مان تماڪ ڪڍي هٿ تري تي رکيائين. فقير جمن چرس ٽڪرو تيليءَ ۾ اٽڪائي، ٻي تيلي ٻاري، هلڪو گرم ڪري، آغا صاحب جي هٿ تري تي تماڪ وچ ۾ رکيو. آغا صاحب ٻنهي کي گڏائي، سگريٽ جي پني ۾ وجهي دکايو ته فقير جمن چيو ”لڳي ڌم“ آغا وراڻيو ”مٽي غم“
    سگريٽ پورو ٿين. هلڪو خمار ٿين ته ٻئي مستو مست مدام ٿي ويا. آغا صاحب مون ڏانهن منهن ڪري پڇيو. ارشاد! اهو فلاڻي اي ڊي ايم صاحب جي ڌيءَ ڪيئن ڀڄي وئي“
    فقير جمن چيس، اڙي آغل! پکي هو اُڃايل، اڏامي ويو“
    ”سائين ! لڳيءَ کي لعنت آ، نه ته ڪاڏي اسان جو صاحب، ڪاڏي هو ڄٽ“
    ”آغا ڳالهه ٻڌ! تون پنهنجي جاءِ تي صحيح آهين، هاڻي اهو ڄٽ جو پٽ چڱو ڀلو ڊاڪٽر آهي. پهريون هنن عزت سان سڱابندي لاءِ نياپو موڪليس، نه مڃيائين. وري ڪمشنر الله بخش کان چورايائونس، هن کي ڪنڌ ۾ ڪِلي سو صاحب جي اها ڪِلي ڌيڻس ڀڃي وئي“
    ڪاڪل پيالن ۾ چانهه کڻي آيو. ان کان پوءِ ڪاڪل ماني ڀورا کڻي، ڀت ڀرسان پيل بنڊ تي رکيل پاٽڙي ۾ وڌا ته هڪ دم ڪانوَ به مڙي آيا. ڪانءُ اهو پکي آهي، جيڪو انگريز وانگر ٽائيم جو پابند هوندو آهي.
    آغا صاحب سگريٽ دکائي مون کان پڇيو ”ارشاد ! جي ايم سيد آيل آهي ڇا؟“
    ”الائي؟ مون کي خبر ناهي، آيل آهي ڇا؟“
    ”ڪالهه مان تو واري پاڙيسري نبُوحجم جي سئلون تي وار ٺهرائڻ ويو هيم“
    ”چاچا نبي بخش وٽئون؟ نيشنل بئنڪ واري ادا ارباب جي پيءُ جي سئلون تئون؟“
    ”ها. اهوئي. ٻيو ڪهڙو وري لکيدر تي نبُو حجم آهي. وارن ۾ قئنچي ڦيرائيندي پنهنجي ڄڀ ڦيرائڻ لڳو.“
    ”ابا! جنهن منگي جو نه وات هليو، نه خوشامدي کودڙو بڻيو، سو حجم ته ڇا، ان جي منگي هجڻ ۾ به شڪ“ فقير جمن به ڏاهو هو سو ڏاهپ جي ڳالهه ڪيائين“ الله پاڪ اها ذات اهڙي خلقي آهي جو توهان رڳو کيس ويهڻ جي جاءِ ڏيوس، جهٽ پٽ ۾ گهر ٺاهي ويندو. چاپلوسي به اهڙي ڪندو جو سٿڻ ۾ اندر هلي ويندو“
    ”نبو ٻڌائي پيو ته سومرن جو منشي دادو منگي سئرب ٺهرائڻ آيو هو، سو ٻڌائي پيو ته حاجي مولا بخش جي گهر واري جو عذر ڪرڻ آيوهو. شام جو رحيم بخش سومري سان الله بخش جي مزار تي به هليو، مان به گڏ هيو مان“
    اهو داد محمد گڏ ڪيئن نه هوندن، سُڃو هو. اسٽوئرئٽ گنج ۾ تڏي تي ويهي حجامڪو ڪم ڪندو هو. هاڻي ٺهي پيو آهي. ڪوئي دادو ته چئيس، اصل کاکاڙيون ڪڍي ڇڏيس ها. آغا پوءِ؟“
    ”پوءِ سائينءَ منهنجي کي چوان! جي ايم سيد تربت تي دُعا گهري ۽ وڏي آواز ۾ چوڻ لڳو. ”الله بخش! تون صحيح هئين. مان غلطي تي هيم، مان توکان پنهنجي غلطي ۽ گناهه جي معافي وٺڻ آيو آهيان“
    ”واهه سيد بادشاهه واهه، جي ايم سيد جا به انڊلٺ جهڙا ست رنگ آهن. باهه به پاڻ ٻاري. وري پاڻ ئي باهه مٿان پاڻي هاري وسائي، جڏهن سڄو گهر سڙي رک ٿي وڃي“ مون آسمان ڏانهن نهاريو. آسمان اهڙو نيرو هو، ڄڻ نيري مس هاريل هجيس، هڪ هِل اڏامندي وڃي رهي هئي. وڻ مان ٻه ٽي ڪبوتر ڀڙڪو ڏئي اڏامندا ويا ڄڻ هِل کي پاسو ڏيڻ لاءِ ويندا هجن.
    ڳالهيون ايئن شروع ٿي ويون، جيئن بصر جي کلَ تان کلَ مٿان لهندي ويندي آهي. مون ولس نيوي ڪٽ پاڪيٽ گيدي مان ڪڍي، سگريٽ دکائي فقير جمن کان پڇيو. ”فقير سائين! اوهان به جُڳ جا ماڻهو آهيو. الله بخش مرحوم کي اوهان ڏٺو؟ ڪيئن هو؟“
    فقير سائين ٻيڙي ڪڍي دکائي. سُوٽو هڻي چوڻ لڳو ”پٽ! بالڪل، مون ڏٺو پر رڳو بگيءَ ۾، اهو جهُلڻ ۽ ڦلپوٽو وڏيرا ساڻ هوندا هيس. شام جو مان اتئون ٻاهران سڙڪ تي کٽ تي ويٺو هجان ته هنن جي بگي لنگهي، سو مون ايئن ڏٺو“
    ”ڪڏهن بنگلي تي ڪونه ويئوس؟“
    ”چريا! فقير بادشاهن ڏي ويندا آهن!“
    آغا صاحب تيلي سان ڏند کوٽيندي، فقير سائين کان پڇيو“ ادا جمن! سياستدان ڪيئن هو؟“
    فقير جمن پوري ٿيل ٻيڙي ڦٽي ڪندي، چوڻ لڳو، من! ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پڇين! مئي کان پوءِ ڍَڪ ڍَڪجي ٿا وڃن. کوٽڻ مان ڇا هٿ ايندو!“
    مون چيومانس ” فقير سائين ! توهان سچا ۽ کرا ماڻهو آهيو. اسان کي خبر پئجي ويندي. تاريخ ته هونئن به بادشاهن جي ساراهه ۾ ڀريل هوندي آهي. ڀل کڻي ان لکين ماڻهو مارايا هجن.
    ”بروبر. الله بخش صاحب به جمهوري ڪونه هو. انگريزن کڻي کيس تاج پارايس ته دير ئي نه ڪيائين. اصل ۾ ڇا هو ته ان مهل سنڌ پيپلزپارٽي هئي. ان جو صدر ڀٽي صاحب جو پيءُ سر شاهنواز ڀٽو هو. سنڌ ۾ ان پارٽي اڪثريت سان کٽيو پر پارٽي جي صدر ويچاري هارايو. سر شاهنواز هارايو ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي صاحب کٽي ويو“
    ”اڇا! پوءِ سائين؟“
    ”پوءِ سائين! انگريز نه پئي چاهيو ته شيخ صاحب وارن مان ڪو سنڌ جي واڳ سنڀالي. انگريز چالاڪ ۽ چالباز ته هياني! هنن چيو ته جيئن ته پارٽي جي ليڊر هارايو آهي، سو اقتدار اسان ان کي ڏيون ها پر هاڻي ايئن نه ٿيندو. گهڻو ئي گوڙ ٿيو پر انگريز پنهنجي ڳالهه تي ڳت ڏئي بيهي رهيا. ايئن الله بخش کي آندائون. هن به دير ئي نه ڪئي ۽ انگريزن سان وڃي ويهي رهيو. هن کي هن جي سٺي وفاداري تي گهڻو ئي نوازيائون. کيس پوءِ خان بهادر جو لقب به ڏنائون.
    ”جيڪو هن وري واپس ڪيو.“
    فقير جمن ان ڳالهه تي کليو ۽ چوڻ لڳو ” واپس ڪيو؟. اڙي ادا! انگريز ته سياڻا هئا. اهڙا جو ڪانوَ به نه پُڄن. ٻه ڀيرا هن کي لاٿائون. اٽڪلي ته هياني ! الله بخش به ڪو گهٽ هو ڇا؟ هو به ته سياڻو هو نه، ڪو ايئن هو ڇا؟ سو هن دال ڳرندي نه ڏٺي ته خان بهادري جو لقب واپس ڪيائين. هونئن به لقب هيوني ! ڪهڙي ٻني هئي. اهڙا لقب ته انگريز لکنئو جي خسيس نوابن کي به ڏنا ته درٻاري شاعرن کي به ڏنا“
    آغا صاحب پڇيس ”فقير سائين! معنيٰ ته ڀٽي صاحب پاڪستان پيپلزپارٽي جو نالو پنهنجي والد صاحب جي پارٽي تان ڪاپي ڪيو نه“
    ”آغا واهه جي ڳوٽ ڀڳي اٿئي. ڀٽي سنڌ ڪٽي پاڪستان ٽنبيو پر پيءُ ابتڙ هو ڪوهن تي کٽي ويو“.
    ڇوڪرو ڪاڪل چانهه جا خالي ٿيل پيالا کڻڻ آيو ته آغا صاحب کيس پئسا ڏيندي زيتون ۽ ڳاڙهيون گجران وٺي اچڻ لاءِ چيو.
    آغا سائين! جي ايم سيد ته نظر بند آهي. آيو ڪيئن؟“
    ”يار ! تون ڪالهوڪو ٻار، جوان ته ٿيو آن پرمان سمجهان ٿو اڃا عقل-هوڙ ڪونه ڄائي اٿئي. جي ايم سيد جي ڀٽي سان دشمني هئي. وس پڄيس ها ته ڦاسيءَ تي صحي ئي جي ايم سيد ڪري ها. نظر بند آهي ته ڇا ٿي پيو. اهو ته اسان جي نظر ۾ آ. ان آمر ڪاڻي ضياءَ الحق کي شريف النفس جا تاج ٿو پارائي سو شڪارپور اچڻ کان جهليندس.“
    ”آغا سائين! شڪارپور ۾ پيپلزپارٽي ٺاهڻ وارن ۾ اوهان کان سواءِ ٻيا ڪير هيا؟“
    ڪاڪل زيتون ۽ گجران وڍي، ٺاهي، جست جي هڪ پليٽ ۾ کڻي اچي وچ تي رکائين. آغا صاحب هڪ گجر کڻي چڪ هڻي ٻڌائڻ لڳو. ”مان هيم، ادي منهنجي کي چوان! اوستو ضيا الدين هو. اوستي صاحب جي بنگلي تي ئي ڀٽو صاحب آيو هو. ايئن سمجهه اتي ئي بنياد پيو هو. استاد نبي بخش ڀٽو، خير محمد سيٺار، لالو لياقت پٺاڻ ۽ اهو پاڻ وارو غلام نبي بلوچ“
    ”آفتاب شعبان ميراڻي؟“
    ”نه بابا ! اهو ۽ غوث بخش مهر گهڻو پوءِ آيا. اهي ڪٽي جا مجنون گهڻو گهڻو پوءِ آيا. ها جائي! قاضي عبدالقادر، ماستر شيدو خان پٺاڻ ۽ خانپور وارو سيد سڳورو سائين غلام حسين شاهه به بنياد وجهندڙ هيا“
    فقير جمن ٻه ٽي زيتون جون ڦاران کائي، پنهنجي مٿن وٽ رکيل وهاڻي تي آهلجندي، آغا صاحب کي چوڻ لڳو ته ”آغل ! باقي اهي ٻئي استاد محترم اٿي ڀٽي جا سچا عاشق، هان .نه ؟“
    ”فقير سائين.‎! ڳالهه ٿا ڪريو. هن جي موت تي جيڪو اهي ٻئي رنا هيا نه، گهر ڀاتي به نه رنا هوندس. ٻنهي ڄڻن پنهنجين اوطاقن ۾ ٽي ڏينهن تڏو به وڌو هو. ڪنهن چين سائين! اوهان سرڪاري ملازم آهيو. اهو ڇا ٿا ڪيو؟ چيائونس ابا ! ڀٽي تان سر به قربان آهي. ماستري ڇاهي ؟ وئي به ته آڱوٺي تي چڙهي.
    ”واهه واهه“
    ”باقي اٿي ٻئي مولائي مڙس“
    ”چرسي آهن ڇا اسان وانگر؟“
    ”نه، ٻئي ڀنگئي آهن. نيراني ڪونڊو منهن تي چاڙهيندا آهن“
    ”سائين! مزيدار ڳالهه ياد آئي. ڀٽي صاحب کين اسلام آباد گهرايو، تنهن وقت ڀٽو صاحب وزيراعظم هو. الله حياتي ڏئين. ٻئي پاڻ ۾ يار به جُهٽ. جهاز ۾ ويا. ٺٺ ٿي وين. مولائي استاد سڳورا سڄي عمر جهاز آسمان ۾ اڏامندي ڏٺائون. جهاز ۾ چڙهيا ته خوشيءَ ۾ نه پيا ماپن. گادي جي شهر پڳا. ڀٽي صاحب سندن خدمت چاڪري ۾ وسئون نه گهٽاين. پرستان ۾ ڄڻ هنن جا پير هيا. ڪوهه مري گهميائون. الائي ڪهڙا ڪهڙا سفر ڪيائون. سوات ويا. هفتو ڏيڍ گهميا ڦريا ته وطن جي واجهه ٿين. ڀٽي صاحب وٽ اچي هٿ ٻڌي ڳوٺ واپسي لاءِ عرض ڪيائون. ڀٽي صاحب چين ڇو سائين! ايڏي تڪڙ؟ ٿڪجي پيئو ايتري ۾؟“ ”سائين ٻچڙن جي سڪ لڳي آهي.” انهن کي هتي گهرايون. نه سرڪار! اوهان جا لک قرب، ڀٽي صاحب وري پڇين ”ڀلا ٻيو ڇا کپي؟“ هن جو مقصد هو ته ڪنهن سڻڀي نوڪري لاءِ چوَن يا کڻي پنهنجي اولاد لاءِ ئي ڪا نوڪري جي گهر ڪن. هي ٻئي سادا ۽ ڀٽي صاحب جا عاشق جيئڙا، کين نه ڪو لوڀ نه ڪا لالچ. سو هٿ ٻڌي چوڻ لڳس. ”واهه سائين واهه! هيڏا ٺٺ ڪرايئه، ست رشي طعام کارايئه. بخملن تي محلن ۾ سمهاري سڪون جون ننڊون ڪرائيه. ٻيو اڃا ڇا کپي؟ تنهنجي سر بخت جو خير هجي. بس! هاڻي کلي ڀاڪر پائي اجازت ڏي ته وڏا وڙ ٿيندا.“
    ”واهه آغا واهه“
    ”نه ته ڇا؟“
    ”هاڻي به اهي ئي سچا عاشق اٿس“
    ”بالڪل ضيا آيو ته سڀ ڪوئن وانگر ٻرن ۾ لڪي پيا آهن. ڪي ته لنڊن ڀڄي ويا آهن“
    ”ضياءَ جي اسلامي انقلاب جي نعري کين ڀڄائي ڇڏيو.“
    ”آغا ! هڪڙي ڳالهه ٻڌايانءَ، فقير جمن وهاڻي تان اتي پلٿي ماري، وهاڻو ڪڇ ۾ رکي چوڻ لڳو: ضياالحق ته جک ٿو ماري. باقي اسلامي ڪم جيڪي تو واري ڀٽي ڪيا ني ٻئي جي ماءُ کي به طاقت ناهي. هن جا سوشلزم ۽ روٽي ڪپڙا اور مڪان وارا کوکلا نعرا هيا. هو اندر ۾ هڪ جابر ڊڪٽيٽر هو. ياد رکي ڇڏ! ڪيڏو به وڏو ڊڪٽيٽر ڇو نه هجي هو اندر ۾ ڊڄڻو هوندو آهي. ڪانئر هوندو آهي.“
    فقير جمن تڏي جي ڪنڊ وٽئون ٻيڙي جي پُڙي کڻي ٻيڙي دکائي وري شروع ٿي ويو.”ڀٽو ملن کان ڊڄي ويو. هو هنن کان گهڻو ڊنل هو. قوم پرستن کي ته ڪچلي پيو جو اهي سنڌي سٻاجهڙا هيا. ملان سڀ پنجابي، پٺاڻ ۽ مودودي جهڙا مهاجر هيا. هو انهن کان ڊڄندو هو. سو اسلامي ڪم سڀ تو واري ڀٽي ڪيا. اسلامي سربراهه ڪانفرنس ڪوٺايائين. قاديانين کي ڪافر قرار ڏنائين. شراب کي حرام ڪري، بندش وڌائين. ڳاڙهي بازار بند ڪيائين ته گهٽي گهٽي ۾ ڳاڙهي بازار کلي وئي. جمعو موڪل ڪيائين. هر اسلامي ڪم هن ڪيو. ضياءُ ته ڌوڙ ٿو پائي. اڇا ! ڦاهي ڦندو به پنهنجي لاءِ پاڻ ئي ٺاهيائين“.
    ”اهو ڪيئن؟“ ايئن چئي آغا صاحب سگريٽ ۽ چرس ٽڪرو ڪڍي وزم ٺاهڻ لڳو.
    ”هن اسلامي ايٽم بم جو شوشو ڇڏيو. هينري ڪسنجر جهڙو ڏاهو ۽ شودو ماڻهو آمريڪي پرڏيهي وزير هجي. سي آءِ اي جهڙي خطرناڪ ايجنسي جو رابرٽ پائول جهڙوکڙپيل ڊائريڪٽر جنرل هجي. ٻنهي ڀٽي کي ڏاڍو سمجهايو. گهڻو ئي مٿي تي هٿ گهمايائونس. هن کي ته وري وڏي مڳ هئي. اسلامي سربراهه ڪانفرنس جو گهمنڊ هيس ته سڀ بادشاهه منهنجا آهن. ڪسنجر ڇاڪندو. ضياءُالحق به منهنجو ٻچو آهي. جو ٻن ٽن ڄڻن کي باءِ پاس ڪري ضياءُ الحق کي مٿي آندو هيائين. اها کيس سُڌ ئي نه ته ڪسنجر ڪينسر آهي. سي آءِ اي ڪوريئڙي جو هڪ ڄار آهي. جنهن ۾ تون مڇر آهين. ضياءُ الحق…تلوارالحق بڻجي ويو. دير ئي نه لڳي اڳ ڇنڀ ۾ ٽيٽڪ تي چاڙهيائونس“
    آغا صاحب سگريٽ ٺاهيو. ٻنهي ڄڻن سرور ورتو. اوتاري جي دروازي مان هڪ جوان آيو. هٿن ۾ بلبل هيس. ڌاڳي ۾ ٻڌل هيس. ٻچڪر ڪندي، هر هن هٿ ۾ پيو اڏاري ته ڪڏهن هُن هٿ ۾. اسان ڀرسان لنگهي ويو. پنهنجي بلبل جي اڏام جي دنيا ۾ گم هو. سو اسان ڏانهن نهاريائين ئي ڪونه.
    ”آغا سائين!“ مون آغا صاحب کان پڇيو“ پليجي جي سنڌي عوامي تحريڪ جو بنياد ڪنهن وڌو؟“
    ”مظهر راهي، ارشاد! اهو مظهر اڄڻ پليجي جو عاشق اٿئي. گهر ٻاري ڏياري ڪرڻ وارو اٿي يار! ها سائين ها مڃڻ مراد آهي. سٺو ڄاڻو ۽ پڙهيل ڳڙهيل آهي. بحث جو ڪوڏيو“ ”جيئي سنڌ جو وري بنياد قيوم منگي وڌو“
    ”نه بابا. اهو ڪلهوڪو ڇوڪرو. جيئي سنڌ جا بنياد رکندڙ زاهد سنڌو، پير محمد پروانو، آصف قاضي ۽ قاضي غضنفر هيا. قيوم جو ته فارم ئي زاهد ڀريو هو. هاڻي ليڊر آهي. زاهد ۽ پير محمد سٺا پڙهيل ۽ نظرياتي ماڻهو هيا. قيوم ته جي ايم سيد جو عاشق آهي. مطالعو ڪونه اٿس. اخلاق وارو اوطاقي جوان آهي. سيد جي عشق ۾ انڌو آهي. باقي ”آغل! اهو زاهد ۽ آغا پير محمد ٽيلي ويزن ۾ نيوز پروڊيوسر آهي“
    ”آغل ! تون به ته سياست کان پري ٿي ويو آهين نه؟“
    ”فقير ! اهي ڳالهيون ئي نه پڇ. گهڻيون ئي قربانيون ڏنم. يڪو جيل ۾ هيم ته ڪو لڙي به نه آيو. بس! ڀٽي صاحب جو سرُ هو ته اسان جو به هن لاءِ سرُ حاضر هو. هاڻي مائي بينظير آهي سا به ٻاهر. هتي هاڻي ميراڻي جهڙا دل جي غار جهڙا سوڙها ماڻهو معتبر بنيل آهن. سو هاڻي دور باش خوش باش“
    ”ارشاد تون ڇا ۾ آن؟“
    ”سائين ! حالي ته الله پناهه ۾ رکيو آهي.“
    ”ڇو ڀلا؟“
    ”سائين! سياست مزاج سان نه ٿي ٺهڪي. هونئن به ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته ”مان ان ڪري سٺو ماڻهو آهيان جو سياسي ماڻهو ناهيان“
    سج وچ اڀ تي آيو. فقير سائين ۽ آغا صاحب وزم ۾ مخمور ٿي تڏي تي آهلي پيا. مان اوتاري مان اٿي دروازي وٽ پهتم ته مَٽَ تي ويٺل جهرڪي چون…چون ڪري الوداع ڪيو.

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 6 مارچ 2016ع
     
  2. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    سٺو لکيو ٿو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو