شبير ڪنڀار سنڌي ٻوليءَ کي عالمي مقام ڏياريندڙ سَٿَ جو سپاهي ۽ شهسوار

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 مئي 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    شبير ڪنڀارسنڌي ٻوليءَ کي عالمي مقام ڏياريندڙ سَٿَ جو سپاهي ۽ شهسوار

    ليکڪ: نظام الدين ڪاڪا

    سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي کيتر ۾ ڪيترائي تمام وڏا، وڏا ۽ چڱا، چوکا نالا آهن جن پنهنجي مادري ٻوليءَ کي اڳتي وڌائڻ ۾ پاڻ موکيو ۽ ملهايو آهي تـ چڱي خاصي مڃتا بـ ماڻي آهي. ڪي ماڻهو پريس وارن کي ويجهو هجڻ جي ڪري پيا ڇپبا ۽ ڳائبا آهن تـ ڪي سٺا تخليقار هجڻ جي باجود ايتري مڃتا نـ ماڻي سگهيا آهن يا انهن کي نالي ڪڍرائڻ جو شوق نـ آهي، انهن کي صرف ۽ صرف پنهنجي ٻوليءَ جي واٽ، ويجهـ جو اونو ۽ فڪر رهندو آهي اهڙن املهـ انسانن مان سائين “شبير ڪنڀار” بـ آهي.
    1972ع جي جنوري مهيني جي پهرين تاريخ تي ڳوٺ سيراچون ڪاڪا تعلقـ نيو سعيدآباد ضلعي مٽياريءَ ۾ چاچا ڀليڏنو ڪنڀار جي گهر جنم وٺندڙ سائين شبير سنڌ جي ڳوهيل چيڪي مٽيءَ مان پيدا ٿيو ۽ ننڍي هوندي کان ئي اڄ ڏينهن تائين پنهنجي اجرن احساسن سان پنهنجي ڪنڀارڪي ڪرت بـ ڪندو اچي ۽ ان سان گڏ پنهنجي تعليم بـ جاري رکيو اچي. پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول سيراچون ڪاڪا مان حاصل ڪيائين ۽ ان کانپوءِ سندس والد چاچا ڀليڏنو ڪنڀار پنهنجي ذاتي ڪاروبار ۽ اولاد جي پڙهائيءَ جي ڪري اتان هجرت ڪري اچي هالا کي پنهنجو مسڪن بڻايائين انڪري سائين شبير سيڪينڊري تعليم هالا جي مشهور درسگاهـ مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ انٽر وري 1988ع ۾ سروري اسلاميـ ڪاليج هالا ۾ پڙهيو. گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1989ع ۾ ڪيائين جڏهن تـ 1995ع ۾ سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪيائين. سائين شبير ڪنڀار 2000ع ۾ پنهنجي تعليم پوري ڪري ۽ پنهنجي ذاتي ڪاروبار کي ڇڏي اچي انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليءَ کي متعارف ڪرائڻ لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري “سنڌي فونٽ” جي ڊجيٽل بنيادي ۽ معياري عمارتسازيءَ جو ڪم شروع ڪيو. سنڌي ٻوليءَ کي کڻي اچي گوگل تي رکيائين دنيا جي وڏي ۾ وڏي شاعر شاهـ عبدالطيف ڀٽائي جي مادري ٻوليءَ کي دنيا جي شاهوڪار ٻولين جي قطار ۾ شامل ڪرائڻ ۾ سائين شبير جي دوستن جي گڏيل گروپ جي سرواڻي سائين ماجد ڀرڳڙيءَ جي نگرانيءَ ۾ جي سنڌي ٻوليءَ جي فونٽس ٺاهڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيائين. سندس گروپ جي دوستن جن ۾امر فياض ٻرڙو، عبدالستار زرگر، عرفان شڪارپوري، احمد سومرو، عُبيد ٿهيم، علي حسن ملاح ۽ عباس ڪوريجي جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. جڏهن تـ سائين سليمان وساڻ بـ سندن سٿ جو سهڪاري رهيو آهي. سائين شبير ڪنڀار شاهـ عبدالطيف ڀٽائي جي رسالي کي ڊجيٽل سپورٽ ڏئي گوگل جي دنيا ۾ متعارف ڪرايو آهي جيڪو هر وقت انٽرنيٽ تي موجود آهي. الفابيٽ وائيز هر شعر توهان آسانيءَ سان ڳولي پڙهي سگهو ٿا ان کان علاوه ممتاز مرزا واري گنج تي بـ “سنڌي فونٽ” ٺاهي زبرون، زيريون ڏئي انٽرنيٽ تي آڻڻ لاءِ پنهنجون ڪوششو جاري رکيو اچي. انشاءَالله ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي خواب کي ساڀيان جي شڪل ڏئي سنڌي ٻوليءَ کي عروج تائين پهچائيندو ۽ انشاءَالله تمام جلد شاهـ جو گنج توهان زبرن ۽ زيرن سان آسانيءَ سان انٽرنيٽ تي پڙهي سگهندا. جڏهن تـ سائين شبير شاهـ عبدالطيف جي بيتن جو پارکو، سائين طالب الموليٰ جي غزلن ۽ ڪافين کي برزبان ياد پڙهي ٿو ۽ لاڙ جي لعل مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعريءَ جو بـ مداح آهي. موبائيل تي سنڌي لکڻ جو سسٽم جو بنياد بـ سائين شبير جو ڪارنامو آهي. شبير ڪنڀار ڏيک، ويک، ٺٺ ٺانگر ۽ جُڙتو پاڻپڻي کان پاسيرو ٿي سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ اوسر لاء رات ڏينهن ڪم ڪري رهيو آهي سدائين مصروف زندگي گذاريندڙ شبير ڪنڀار تعليم کاتي ۾ استاد بـ آهي تـ پنهنجي ذاتي ڪاشيءَ جي ڪارخاني جي نگراني بـ ڪري ٿو ۽ هالا تعلقي جو هڪ ننڍڙو زميندار آبادگار بـ آهي. ٻوليءَ جي حوالي سان پنهنجي اڀرن ڪلهن تي رکيل ڪم کي بـ خوش اصلوبيءَ سان نڀائيندو ۽ اڳتي وڌندو ٿو رهي. ڪي ماڻهو هُلُ پکيڙي ماٺ ٽوڙيندا آهن تـ ڪي وري ماٺ کي ماٺ ۾ مات ڏيندا آهن.
    صوفي لا ڪوفي ڪو نـ ڀائين ڪير،
    منجهان ئي، منجهـ وڙهي پڌر ناهي پير،
    جن هي ساڻس وير، ٿئي تنين جو واهرو.

    شبير فڪري طرح هڪ محبِ وطن سنڌي، انسان دوست شخص، مزاج ۽ شخصيت ۾ ڳنڀير، سُلجهيل، سچار، لاطمع، بي نياز سونهن ۽ سنگيت جو ڪوڏيو، شڪل صورت ۾ گلاب جي گل جيان ٻهڪندڙ، ٺاهوڪي وظع قطع جو ڌڻي، من ۾ پيار پائڻ جي ازلي اڃ، عزيزن ۽ قريبن ۽ دوستن لاءِ نيڻ وڇائيندڙ هي شخص پنهنجي محبوب ٻن پٽن پرين ۽ سپرينءَ جو پيءُ بـ آهي. اسان سنڌ واسين جي ساهن پساهن ۾ سمايل سائين شبير ڪنڀار کي شل ڪڏهن ڪوسو واءُ نـ لڳي ۽ هو پنهنجي ٻولي سنڌي ادب، سنڌي شاعري ۽ سنڌي ثقافت کي پنهنجي آڱرين جي ڇهاءَ سان ڪاشيءَ جي ڪرت ۽ انٽرنيٽ جي گوگل جي دنيا ۾ پنهنجي ٻوليءَ کي ٻهڪائيندو ۽ جرڪائيندو رهي.

    جلي جي ٻين کي سُهائي ڏين ٿا،
    لکين گهور تن تان پتنگا ٿين ٿا.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شبير ڪنڀار جون ٻوليءَ لاءِ ڪاوشون ڪنهن تعارف جون محتاج ناهن. سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽلائيشن ۾ پهرين صف ۾ بيٺل شبير سدائين ڪجهه ڪندي نظر آيو آهي. مونکي پنهنجي دوست شبير ڪنڀار تي ناز آهي ته هو سهڻا فونٽ، خوبصورت وڊيو ٽيوٽرل سان گڏ سدائين ٻوليءَ لاءِ وڙهندي نظر آيو آهي.
    هن دوست کي اوهان سهڻي ڀيٽا پيش ڪئي آهي. سندس لاءِ نيڪ خواهشون.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    شال سدا سلامت هجي ، مرڪندو رهي
     
  4. احمدخان

    احمدخان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 جولائي 2009
    تحريرون:
    110
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ماڳ:
    سنڌ
    شبير ڪنڀرجو سنڌي فونٽ ڊولپرتحت سندس ڪم واکاڻ جوڳو
     
    آخري ترميم: ‏13 جنوري 2017

هن صفحي کي مشهور ڪريو