ڪي ٽي اين جي نياز پنهور جي مشهور پروگرام عوام آڏو جون تصويرون۔

'مختلف موضوع' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏18 جون 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ڪي ٽي اين جي مشهور پروگرام عوام آڏو ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي آستاني (درگاهه شريف) جو سجاده نشين قبلا سائين نثار حسين ناز لطيفي شريڪ ٿيو۔​


    پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو گُذريل ڏينهن ڪي ٽي اين تان نياز پنهور جي سرواڻي ۾ هڪڙو پروگرام عوام آڏو پيش ڪيو ويو، ان پروگرام ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو سجاده نشين محترم قبلا سائين نثار حُسين ناز لطيفي صاحب جن خاص مهمان جي حيثيت سان شريڪ ٿيا، ان پروگرام ۾ حيدرآباد ۽ ڀر پاسي جا ڪافي ڏاها اديب ، جن ۾ محترم حميد سنڌي، محترم تاج جويو، محترم نصير مرزا، ۽ ٻيا کوڙ ساريون فنون لطيفه سان تعلق رکندڙ شخصيتون شريڪ ٿيون۔ ان پروگرام ۾ شرڪت جي دعوت باقائده محترم نياز پنهنور طرفان موبائل ايس ايم ذريعي مونکي ۽ ادا عبدالغفور سمون کي ڏني وئي هُئي پر ڪجهه اڻ ٽر مجبورين سبب مان ان ۾ شرڪت ڪري نه سگهيس۔ ان هوندي به سنڌ سلامت جي ڪئميرا مين ادا عبدالغفور سمون کي هدايتون ڏنيم ته سنڌ سلامت جي نمائندي جي حيثيت سان هو ان پروگرام ۾ شرڪت ڪري ۽ ان بهترين پروگرام جو اکين ڏٺو احوال تصويري صورت ۾ حاصل ڪري۔ جيئن ته اهو پروگرام ڏهه ڏينهن پهرين ٿيو هو، ادا عبدالغفور سمون وٽ سنڌ سلامت جا ٻيا به کوڙ سارا پروگرام تصويري ۽ وڊيو جي صورت ۾‌ موجود هُئا اهي ان پروگرام جي رڪارڊنگ جو تصويرون ٻي ڏينهن ئي مونکي ڏئي ويو هو پر منهنجي معمولي اک چُڪ جي ڪري اهي تصويرون پروگرام جي ريليز ٿيڻ کان اڳ ۾ سنڌ سلامت جي اڱڻ تان ساري دنيا جي سنڌين سان وقت سر ونڊي نه سگهيس، جنهن جو مونکي ڪافي ڏک رهندو، ٻه ڏينهن پهرين اهو پروگرام ڪي ٽي اين تان نشر ٿيو پي ته ادا عبدالغفور سمون موبائل فون ذريعي چيو ته سائين نياز پنهنور جو پروگرام عوام آڏو هلي پيو توهان ڏسو ڇا توهان ان پروگرام جون تصويرون سنڌ سلامت تي لڳائي ڇڏيون آهن، اڙي غفور نه ! ير غلطي ٿي وئي۔ اڃان تائين نه لڳايون اٿم۔ چيائين ته سائين نياز پنهنور سنڌ سلامت تي انهن تصويرن کي شدت سان ڳولي پيو! خير جڏهن ان پروگرام کي ڪي ٽي اين تان ڏٺم ته اهو پروگرام ايترو ته شاندار لڳو جو دل ۾ حسرت رهجي وئي ان پروگرام ۾ نه شرڪت ڪرڻ جي۔ ٻيا ته شاهه سائين جي شاعري ۽ شاهه سائين جي درگاهه جي انتظامي امورن بابت اديبن ۽ ڏاهن جي سوالن جا جواب شاهه سائين جي درگاهه جي سجاده نشين محترم سائين قبلا نثار حسين ناز لطيفي انتهائي شفقت ۽ پيار سان ڏنا ۽ تشريح ڪري ٻُڌايا پر سڀ کان بهترين سوال هڪڙي اديب طرفان اهو ڪيو ويو ته شاهه سائين جو آستانو اصل روحاني مسڪن آهي، اتي ماڻهو عقيدت وچان پنهنجون مرادون ماڻڻ اچن ٿا پر الاهي سارا ماڻهو، اچي نشو واپرائن ٿا، چرس ڀنگ جو واهپو عام جام ٿئي ٿو جنهن سان لطيف سائين جي درگاهه جي بي حرمتي ٿئي ٿي۔ خبر اٿو ته سائين نثار حسين ناز لطيفي ڪهڙو جواب ڏنو ، ان چيو ته ڌوٻي گهاٽ ۾ جيڪي به ڪپڙا ايندا آهن اهي تمام تر ميرا ۽گندا هوندا آهن ڌوٻي گهاٽ کان ئي ڪپڙا ڌوٻجي صاف سٿرا ٿي واپس ويندا آهن انهن موالي يا ڏيهه جي ستايل ماڻهن جو مثال به انهن ميرن ڪپڙن جهڙو آهي، ۽ لطيف سائين جي آستاني جو مثال ڌوٻي گهاٽ جيان آهي پو ڪي ميرا ماڻهو فوري طور تي پاڪ صاف ٿي هتان هليا ٿا وڃن ته ڪن ۾ دير لڳيو وڃي۔ خير هاڻي پيش خدمت آهن ڪي ٽي اين جي خوبصورت ترين پروگرام عوام آڏو جون چند تصويرون۔ هي تصويرن خالص ادا عبدالغفور سمون جون محنتون آهن۔
    [​IMG]

    [​IMG]
    محترم نياز پنهنور سائين نثار حسين ناز لطيفي کان سوال جواب ڪري رهيو آهي ​

    [​IMG]
    ادا عبدالغفور سمون سائين نثار حسين ناز لطيفي کي اسٽيج طرف وٺي وڃي رهيو آهي
    [​IMG]

    [​IMG]


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    هي ڪجهه وڌيڪ تصويرون هيون ڪي ٽي اين جي خوبصورت ترين پروگرام عوام آڏو جون​
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڪي ٽي اين جي نياز پنهور جي مشهور پروگرام عوام آڏو جون تصويرون۔

    مهرباني سائين نثار صاحب ۔۔۔۔
    پروگرام پوري طرح ٻڌي نه سگهيس جو منهنجي ليپ ٽاپ جا سپيڪر اچانڪ آواز ڏيڻ ڇڏي ويا۔۔۔ باقي جلد ئي پروگرام ٻڌي ٻيهر رايا ڏبا۔۔۔۔ تيسيتائين سنگت کي اهو پروگرام ڏسڻ جي دعوت آهي۔۔۔ هيٺين لنڪ تي اچي پارٽ 2 ۽ 3 کي پلي ڪريو ۔۔۔ اميد ته ڪي ٽي اين جو هي پروگرام توهان کي پسند ايندو۔۔۔۔۔

    http://ktntv.tv/PROGRAM/KAWISH AWAM ADO/
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪي ٽي اين جي نياز پنهور جي مشهور پروگرام عوام آڏو جون تصويرون۔

    سائين مون کي به ڪي ٽي اين تي پروگرام آن ايئر ٿيڻ واري ڏينهن ادي عبدالغفور ميسج ڪري ٻڌايو هو پر ڪنهن خاص مجبوري جي ڪري مان پروگرام نه ڏسي سگهيس۔۔۔ هاڻي ادا عبدالغفور، اوهان جي ۽ سائين رشيد جي مهربانيءَ سان هن پروگرام کي ٻيهر ڏسي سگهندس
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڪي ٽي اين جي نياز پنهور جي مشهور پروگرام عوام آڏو جون تصويرون۔

    پروگرام ڀاء پسند آيو، پروگرام ۾ مشهور ڪالم نويسٽ امر سنڌو تمام سٺا سوال ڪيا آهن، ۽ اهڙن پروگرامن کي سنڌ سلامت ۾ پهرين صف ۾ هجڻ گهرجي۔ ادا رشيد صاحب توهان آهيو ڪاٿي، نّظر ئي ڪو نه ٿا اچو، سنڌ سلامت ۾ دل گهٽجي ويو آهي يا ڪم وڌي ويو آهي،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو