زيب سنڌي ايڌي صاحب سان ملو!

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 جولائي 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    دل جي ڳالهه
    ايڌي صاحب سان ملو!
    زيب سنڌي

    ”آٰءٌ پنهنجي ميٺادر آفيس ٻاهران فٽ پاٿ تي ويٺس. ساڳئي جاءِ تي، جت چاليهه سال اڳ پنهنجي ماءُ جي لاڏاڻي کان پوءِ پنهنجي سامان جي هَڙَ رکي ويٺو هئس... هاڻ وانگر تڏهن به مسجد جي مينارن مان الله اڪبر، الله اڪبر واري پڪار چوڌاري پکڙي هئي ۽ ان کان پوءِ زندگيءَ جا رنگ جاڳڻ لڳا هئا ۽ ڏينهن ظاهر ٿيڻ لڳو هو.“ دل اهي عبدالستار ايڌي صاحب جي آتم ڪهاڻيءَ جي يارهين باب جون ابتدائي سٽون آهن. ايڌي صاحب ڪروڙين ماڻهن کي ته اداس ڪري ويو آهي، پر اها فوٽ پاٿ ۽ اهي سمورا رستا به اداس آهن، جن تي ويهي هو غريبن، نادارن ۽ معصومن لاءِ جهولي ڦهلائي خيرات گهرڻ ۾ به هٻڪ محسوس نه ڪندو هو.
    هن دنيا ۾ هر ماڻهو فقط هڪڙو ئي ڀيرو اچي ٿو، ڪنهن کي به ست جنم ڪونه ٿا ملن. جيڪي ماڻهو فقط پنهنجي لاءِ جيئن ٿا، اهي مرڻ کان پوءِ وسري وڃن ٿا. جيڪي ماڻهو ٻين لاءِ جيئن ٿا، اهي ياد رکيا وڃن ٿا. دنيا ۾ اهڙا ٿورا ماڻهو هوندا آهن، جيڪي مرڻ کان پوءِ نه فقط ياد رکيا وڃن ٿا، پر اهي دلين ۾ زندهه به رهن ٿا. بظاهر ته ايڌي صاحب جي زندگيءَ جو باب پڄاڻيءَ تي پهتو، پر ڪير چوندو ته ايڌي صاحب مري ويو آهي؟ جيسين ايڌي صاحب جون نيڪيون زندهه آهن، تيسين هو مري نٿو سگهي ۽ هن جون نيڪيون ته ڳڻپ کان ئي ٻاهر آهن، سو اهو انسان ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿو مري سگهي!
    اسان انهن لکين غريبن، مسڪينن، نادارن ۽ يتيمن جي صورت ۾ به ايڌي صاحب سان ملي سگهون ٿا، جن سڀني جو هو سڀ ڪجهه هو ته ساڳئي وقت ايڌي صاحب سان سندس آتم ڪٿا ۾ به ملي سگهون ٿا. بيشڪ ته اها آتم ڪٿا هن پنهنجي هٿ سان ويهي ڪونه لکي هئي، جو انسانيت جي هن حقيقي خدمتگار وٽ ايترو وقت ئي نه هو، جو هو ويهي پنهنجي لاءِ سوچي ۽ ڪجهه لکي. سندس اها آتم ڪٿا Edhi: A Mirror To The Blind ايئن لکي وئي ته محترمه تهمينا درانيءَ مختلف وقتن تي ايڌي صاحب جي زندگيءَ جو احوال رڪارڊ ڪيو ۽ پوءِ چاليهن ڪلاڪن جي رڪارڊنگ کي هن ڪاغذ تي اتاريو ۽ ڪتابي صورت ڏني. انهيءَ آتم ڪٿا جو اسلم خواجا سنڌيءَ ۾ پڻ ترجمو ڪيو هو. اها آتم ڪٿا پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته ايڌي صاحب جي اندر ۾ هڪ رحمدل ۽ باغي انسان موجود هو، جنهن پنهنجي وقت ۾ سيٺين جي رائج ڪيل سسٽم کي چئلينج به ڪيو هو. انهيءَ حوالي سان ايڌي صاحب پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ٻڌائي ٿو، ”1948ع ۾ هڪ اخباري اشتهار وسيلي ميٺا در ۾ هڪ خيراتي اداري قائم ٿيڻ جي خبر پئي. پنهنجي لاءِ پهريون ڀيرو ڪو ڍنگ جو ڪم محسوس ڪندي جوش وچان و ڃي اتي رضاڪار ٿيس. جڏهن چڱن مڙسن رجسٽريشن لاءِ اَٺن ماڻهن جي منظوري ڏني ته مان انهن ماڻهن ۾ سڀ کان ننڍو هئس، وڏي ڄمار وارن ماڻهن کي رڳو ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ ۾ شرڪت ڪرڻي هئي. جڏهن برادريءَ وارن بابا کان پڇيو ته انهيءَ ڪم لاءِ تون ڇاٿو ڏئين ته بابا مون ڏانهن اشارو ڪري چيو، مون انهيءَ ڪم لاءِ رقم کان به وڌيڪ توهان کي هڪ انسان ڏنو آهي، توهان هن جو ڪم ڏسجو!“
    انهيءَ ڊسپينسريءَ ۾ فقط ايڌي صاحب جي ذات ڀائي بانٽوا ميمڻڻ کي ته مفت علاج جون سهولتون ڏنيون ويون، پر ٻين ذاتين سان تعلق رکندڙ غريب ماڻهن کي مفت علاج لاءِ انتهائي پريشان ڪندڙ ڊگهن مرحلن منجهان گذرڻو ٿي پيو، جيڪا ڳالهه دل ۾ انسانيت جو درد رکندڙ نوجوان عبدالستار ايڌيءَ کي پسند نه هئي. ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي ته نوجوان ايڌي خاموش نه رهي سگهيو ۽ هن چئي ڏنو، ”هن گڏجاڻيءَ جي ڪهڙي ضرورت آهي، ڇوته ڪم عمل سان ٿيندو آهي، ڳالهين سان ڪجهه ناهي ٿيندو!“ ڪميٽيءَ جي ٻين ميمبرن نوجوان ايڌيءَ کي دٻائڻ ۽ هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهو نوجوان ايڌي انسانيت جي درد سبب خاموش ڪيئن ٿي رهي سگهيو. اهو ئي سبب آهي ته جڏهن ڊسپينسريءَ جي مالي مدد ڪندڙ سيٺين هڪ خيراتي پروگرام ڪرايو ته نوجوان ايڌي اتي پهچي ويو. ايڌي صاحب پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ٻڌائي ٿو ته ، ” با اثر ماڻهن جي تقريرن ۽ هڪ ٻئي کي ساراهڻ واري مشق پوري ٿيڻ ۽ زندهه باد جي نعرن کان پوءِ مان حاضرين منجهان پنهنجي جاءِ تان اٿي بيٺس ۽ ڪجهه ڳالهائڻ لاءِ اجازت گهريم. مان هڪ گمنام شخص هئس. غير اهم هوندي به شاهوڪارن ۽ با اثر ماڻهن اڳيان ڳالهائڻ لاءِ زور ڀرڻ جي ردعمل طور هجوم ۾ بيچيني پکڙجي وئي. وڏن صاحبن جا ايجنٽ پنهنجي جاين تان اٿي رڙيون ڪرڻ لڳا ته تون پاڻ کي سمجهين ڇاٿو، ويهي رهه، نه ته توکي ٽنگو ٽالي ڪري ٻاهر اڇلي اينداسين. اتي موجود ماڻهن منجهان ڪنهن رڙ ڪري چيو ته ڳالهائڻ ڏيوس، ٻڌو ته چوي ڇاٿو! ڪجهه ماڻهن ٽهڪ ڏنا ته ڪجهه ماڻهن مون کي دڙڪا ڏنا. منهنجي اڳيان اهي ماڻهو ويٺل هئا، جن کي قائد اعظم محمد علي جناح پاڪستان جي معاشي ترقيءَ لاءِ اهم سڏيو هو. ٿڌو ساهه کڻي کين خيراتي ڪمن بابت پنهنجا خيال ٻڌائي، سندن طريقي کي رد ڪندي چيم ته توهان بيواهن ۽ يتيمن آڏو ڪجهه سِڪا اڇلائي کين سدائين لاءِ اپاهج ٿا بڻايو، پر سندن مستقل بحاليءَ لاءِ ڪجهه به نٿا ڪيو. توهان چاهيو ٿا ته حالتن جا ماريل اهي ماڻهو هر مهيني توهان جي اڳيان گيسيون ڪندا رهن. توهان پنهنجي امداد عيوض سندن اکين ۾ احسانمنديءَ جا تِرورا ڏسڻ جا بکيا آهيو. سلائي مشينون ۽ پراڻا ڪپڙا ڏيڻ وارن پروگرامن تي وڏا خرچ ڪري شهرت حاصل ڪرڻ ٿا چاهيو. وري پئسا خرچ ڪري اهي خبرون ۽ تقريرون اخبارن ۾ ٿا ڇپرايو ته جيئن، جن ماڻهن توهان جا ٺٺ ٺانگر پروگرامن ۾ ناهن ڏٺا، انهن کي اخبارن وسيلي خبر پئجي سگهي. انهيءَ طريقي سان عزت نٿي ماڻي سگهجي. اهو عوامي ڀلائيءَ وارو ڪم ناهي. اهو نه خدا واسطي آهي نه ان جي مخلوق لاءِ. اهو عمل فقط پنهنجي شهرت وڌائڻ جو ذريعو آهي.“ اهو چوڻ کان پوءِ ايڌي صاحب ٻڌائي ٿو ته، ”جوتن، ڪرسين ۽ لٺين جو وسڪارو شروع ٿي ويو... هو منهنجي توهين ڪري رهيا هئا، منهنجي اسٽيج تان لهڻ لاءِ رڙيون ڪري رهيا هئا. اسٽيج تان لهي مون پنهنجي بانٽوا جي نوجوان دوستن ڏانهن حمايت لاءِ نهاريو پر هنن نظرون ڦيرائي ڇڏيون... جيئن ته مان سيٺين جي ڪم جو نه هئس، ان ڪري مون کي اتان هليو وڃڻ ۽ وري ڪڏهن به دسپينسريءَ تي نه اچڻ جو حڪم ڏنو ويو.“
    نوجوان ايڌي شهرت جي بکين سيٺين جي محفل مان ته هليو ويو، پر هو انهن سيٺين لاءِ بغاوت جو عملي نمونو ۽ هڪ وڏو چئلينج بڻجي ويو. اهو چئلينج اڳتي هلي هڪ مشن بڻجي ويو. اهڙو مشن، جيڪو انسانيت جي درد جو درمان ٿي پيو. انسانيت جي خدمت جي نالي تي اخبارن ۾ فوٽو ڇپرائڻ جهڙي سستي شهريت جا بکيا اهي سيٺيون ته مري کپي ويا ۽ اڄ انهن جو نالو وٺڻ وارو ڪير به ناهي، پر اهو غريب شخص عبدالستار ايڌي، جنهن پان جي مانڊڻي هلائڻ کان وٺي ڪپڙي جي دڪان تي نوڪري ڪرڻ، ۽ کير کپائڻ کان وٺي اخباري هاڪر وارا پورهيا به ڪيا هئا، انهيءَ جو نه فقط نالو سدا سلامت رهندو، پر هو لکين انسانن جي دلين ۾ به سدائين زندهه رهندو. هن جي ياد گلاب جي گلن جيان سدائين مهڪندي رهندي، ڇوته نه فقط فڪر پر انسانيت جو موت به ڪڏهن نٿو ٿئي. توهان اڄ به ايڌي صاحب سان ملڻ چاهيو ته ڪنهن اهڙي نادار انسان جي دل ۾ جهاتي پائي ڏسو، جنهن جون اذيتون ايڌي صاحب جي وسيلي ختم ٿيون هجن. ڪنهن اهڙي پوڙهي عورت جي چهري جي گـُهنجن ۾ به ايڌي صاحب نظر اچي ويندو، جنهن کي سندس پُٽَ ۽ نُنهن ايڌي سينٽر ۾ اڇلائي ويا هجن. ڪنهن اهڙي انسان جي زخمن جي نشانن ۾ به ايڌي نظر اچي ويندو، جنهن کي هن رستي تان کڻي سندس زخمن تي پها رکيا هوندا. ايڌي صاحب جو نوراني چهرو توهان کي انهيءَ معصوم ٻار جي مُرڪ ۾ به نظر ايندو، جنهن کي سندس ماءُ بدناميءَ جي خوف سبب ايڌي سينٽر ٻاهران رکيل جُهولي ۾ وجهي وجهي وئي هوندي... ۽ ها، جيڪڏهن توهان وٽ درد وندي دل موجود آهي ۽ توهان ڪنهن مسڪين جي مدد ڪري سگهو ٿا ته، ايڌي صاحب جو عڪس توهان کي انهيءَ مسڪين جي اکين ۾ به نظر اچي ويندو، ڀل ته انهيءَ مسڪين جي اکين ۾ ايڌي صاحب جو اهو عڪس توهان جي شڪل صورت جهڙو ئي ڇونه هجي!

    zaibsindhi@hotmail.com
    روزانه ڪاوش 12 جولاءِ 2015ع
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو