ٻن مختلف ميون جو هڪ ئي نالو (منهنجي رهنمائي ڪندا)

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ شاهجهان سُميل طرفان آندل موضوعَ ‏18 نومبر 2016۔

  1. شاهجهان سُميل

    شاهجهان سُميل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جولائي 2011
    تحريرون:
    96
    ورتل پسنديدگيون:
    306
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    بدين، سنڌ
    اُميد ته دوست خيريت سان هوندا.

    هن موضوع کي شايد مون ڪجهه دوستن سان پهرين به ونڊ ڪيو هو پر ٻيهر اوهان دوستن جي رهنمائي گهربل آهي. مان ٻولي جو هڪ طالبِ علم آهيان ۽ غير سنڌي معاشري ۾ عمر جو گهڻو حصو گذارڻ ڪري مون وٽ ٻولي جو اهو ذخيرو ناهي جنهن تي ڪڏهن ڪڏهن مونکي پشيماني پڻ ٿيندي آهي. انهي ڪري مون کي ٻن مختلف ميون جو هڪ سنڌي نالو به پريشان ٿو ڪري جيڪو شايد ائين نه هجي پر اسان ننڍي هوندي انهن کي هڪ ئي نالي سان سڏيندا ٿا اچون.

    زيتون جنهن کي اردو ۾ به "زيتون" سڏيو ويندو آهي ۽ انگريزي ۾ Olive
    پر هڪ ٻيو ميوو جنهن کي اردو ۾ "امرود" ۽ انگريزي ۾ Guava سڏيندا آهن ان کي به اسان ننڍي هوندي کان زيتون ئي سڏيندا اچون ٿا.

    ڇا Guava جي ڪو سنڌي نالو آهي جيڪو مون شايد ٻڌو اڻ ٻڌو ڪيو هُجي يا کيس زيتون ئي سڏيو ويندو آهي.. دوست رهنمائي ڪن.
     
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا اسان به ننڍپڻ کان زيتون ئي سڏيندا آهيون ، ۽ نج سنڌي معاشري ۾ ننڍپڻ کان تربيت حاصل ڪئي آ وڌيڪ ٻولي جا ماهر ئي صحيح رهنمائي ڪري سگهن ٿا
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اهو سوال مون به ڪجهه دوستن اڳيان رکيو هو ....
    جواب مان خوش ڪونه هيس .....
     
  4. سائين بخش چانڊيو

    سائين بخش چانڊيو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2016
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    گورنمينٽ جاب
    ماڳ:
    قاضي احمد
  5. Bakhsh Jogi

    Bakhsh Jogi
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2016
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    سنڌيلا جي ڊڪشنري موجب Guava يا زيتون جو ٻيو نالو جام آهي.:)

    [​IMG]
     
  6. شاهجهان سُميل

    شاهجهان سُميل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جولائي 2011
    تحريرون:
    96
    ورتل پسنديدگيون:
    306
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    بدين، سنڌ
    قرب ادا سائين بخش ۽ بخش جوڳي.... مون کي ڪنهن دوست ڄام ڦل سندس نالو ٻڌايو هو پر مون ڪنهن جي واتان ڄام ناهي ٻڌو اڃ تائين. اوهان حوالن سان واضح ڪيو، قرب.
     
    سائين بخش چانڊيو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو