چاهت ءِ چرپڻ جون البيليون صدائون

'ڪالم' فورم ۾ غلام مصطفي جمالي کڏهرو طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2017۔

  1. غلام مصطفي جمالي کڏهرو

    غلام مصطفي جمالي کڏهرو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2017
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    چاهت ءِ چرپڻ جون البيليون صدائون

    غلام مصطفيٰ جمالي.کڏهرو موري

    الائي ڪيترا سال روين جي اڏين ئي تي گذريدي ويا. البرٽ ڪاsميو جي لفظن ۾ ته مونکي ماڻهن جا نالا ءِ ذاتيون وسري ويندا آهن پر ماڻهن جا رويا ناهن وسرندا انهن روين جي هن رڻ ۾ڪو به اهڙو هٿ نه مليو جيڪو ڪنهن منزل جي حاصلات تائين ئي نه سهي پر کن پل جي ساٿ جي ٿڦڪي بڻجي. ڪو اهڙو ڪنڌ نه هو جنهن تي ڪي پيار جون مالهائون لٽڪانجن.مون ته گهڻو ئي چاهيو هو ته گل جهڙن پيارن جي مند ٻارن جهڙي بڻجي پوي.ڪچنارن جي ڪچين جهڙا چپ چپن سان اگهجن.اکيون پيار جي ساهمي بڻجي پون. ٽشوپيپرن ۾ پيل ڪڙڪ ڊائرين جي ڇاتين جا سينگار بڻجي پون يا ڊائرين ۾ ستل چپ چمجن.ڪاش ائين ٿي پوي ها.پرائين نه ٿيو سکين سانوري ساڻ هوندي به پري هئي انهي اوپرائپ ءِ اجنبيت جو سبب هي هو ته شوشل ڊپريشن سماجهي مجبورين جون چورون چهٽل هيون وک وک تي بي حسي جا ٽامي جهڙا لڙڪ هئا ءِ زندگي بوج بڻجي وئي هئي آئون اڪيلائين جي آسمانن تي انهن پکين جيان اڏندوئي رهيس جنهن لاءِ خليفي نبي بخش قاسم هي سون ورنيون سٽون ارپيون آهن ته

    پک چنڊيندي اڏاڻي_ڪنهن ٽاڻي ڪونجهڙي

    آيس اڃاڻي _رات پنهنجي روح ۾

    ها وقت جي وڌانن سان انهن پکين جيان ئي ٿيو ءِ منهنجي من جي ڪيفيت انهي وڇڙيل ڪونج جهڙي ٿي وئي عذابن جو شامون ذلتن جا صبح نه کلڻ نه خوشي .حاصلات جيڪا ڪوهين ڏور ڪجي ته ڇا ڪجي؟

    بيروزگاري جو چريو راڪاس ته هاڻي مونکي ڳڙڪائڻ لاءِ وات کوليو ويٺو آهي .

    زندگي انهي آٿت دلاسي جهڙي به نه هئي جيڪا ڪنهن دوست سماجهي اين جي اوز ۾ نوڪري وٺجرائي ڏيڻ لاءِ چئي هئي.اوڌيون منجون وڙهيل ورچيل تقديرون وک وک تي ڪهرام متل... هي هل حشرزندگي جو شور منهنجي ڪهڙي ڪم جو.?کڏهرو موري جي صا حبه محل تي لهندڙ سج انهي حسينا جي چهڙي تي ختم ٿئي ٿو جنهن کي اياز جي چاهت ءِ چرپڻ جون البيليون صدائون تشبيهه ڏئي سگهجي ٿي. ها رڻ ۾ ٽڙندڙ رات اها خوبصورت پرچپڙن جي ڀر ۾ چمي جي نشان جهڙي زندگي آخر وڃين ته ڪيڏا وڃين پئي.

    اهو سوال پنهنجو پاڻ ڪندي نوڪري جو دلاسو ذهن جي پرس ۾ رکي واپسي ٿئي ٿي واپسي جيڪا نا اميدن جيان پاڇي ۾ رهي آهي پيار جا سوال انڌا ته ٿيندا آهن پوءِ گونگن جوانن جون ٽاڻو ڇو شروع ٿيو آهي

    دل شڪستو نه ٿجي هو ته ڏاها ئي چون ٿا ڏاها جيڪي بکن مرندي مون پيهنجن گهناگارن اکين سان ڏٺا آهن ءِ پوءِ ڪيفيت هن نظم جهڙي ٿئي پوي ٿي

    ته منهنجي سامهون مايوسين جو اٿاهه سمونڊ آهي. ڪٿي آئون ٻڏي نه پوان دل ته چاهيو هو ته پيار جا پر ڇنڊيندي اڄ آئون اڏي پوان آئون روز پچان ءِ پڄران ٿو مايوس ٿي ڇوڳوٺ وران ٿو منهنجي اکڙين کي تنهنجي اچڻ جي آڪنڊ آ منهنجي سامهون مايوسين جو اٿاهه سمنڊ آهي

    منهجي ڊائرين جا سمورا پنا جن ۾ گهڻو ڪجهه آهي ڪاش هي ديس آزاد هجي ڪا به اک سوالي نه هجي ڪنهن به چهري تي ڪا به مايوسي نه هجي ءِ مايوسي جي ڪابه ريکا نه هجي زندگي املتاس تي ڪيل ان ڪوڪ جهڙي ٿي پوي جنهن کان پوءِ سانوڻيون سانگ ڪن

    ءِ بادل وري وري وسن ءِ آئون ان گهراين جو منظر آهيان زندگي ۾ جن لمحن جو انتظار مون کان سواءِ انهن نوجوانن کي نه آهي جيڪي سنڌ جا سرفروش نوجوان آهن جيڪي غم عاشقي کان سواءِ غم روزگار ۾ پڻ تڙپي رهيا آهن. ڪاش منهنجا سڀ سپنا ساڀيان ٿي دڳن ۾ هجن ٰءَ منزل جن کي چمين جا تحفا ڏي ڪاش ائين ٿي پوي. ڪاش ائين ٿي پوي


    غلام مصطفيٰ جمالي

    03333737575
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو