هوُ ڏس سنڌ مرڪي پئي....!!

'ڪالم' فورم ۾ غلام مصطفي جمالي کڏهرو طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2017۔

  1. غلام مصطفي جمالي کڏهرو

    غلام مصطفي جمالي کڏهرو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2017
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    سنڌ جو نالو وٺندي روح رڪس ڪرڻ لڳندو آهي.ايڪتا جي ڏينهن جڏهن سنڌ کي مرڪندي ڏسندو آهيان ته ائين محسوس ٿيندو آهي ته سنڌ معصوم ٻار جي مرڪ مهل ڳلن ۾ پوندڙ خوبصورت چُڳن جيان مرڪي پئي هجي.هر سارو من انهي مرڪندڙ سنڌ کي ڏسي رڪس ڪرڻ لڳندو آهي اڄ جي من اڳيان ڪنهن ٻيجل پنهمجا سرُ وکريا هجن.هي ڊسمبر جون هلڪيون سرديون ۽ اجرڪ ٽوپي وارن جي رنگا رنگ ايڪتا ڏسي هر شهر ۽ هر گهٽي گام تي سنڌيت جا اهڃاڻ چٽا ۽ نروار نظر اچن پيا. ايڪتا جا سڏ سنڌ جي سمورن شهرن ۾ توهان ورنايا هوندا پر اسان هن ڀيري ايڪتا جي حوالي سان هڪ مچ ڪچهري کڏهري جي صاحب جي ڀرسان هڪ پراڻي اميربخش جمالي ۾ ملهائي، جتي سگهڙن پنهنجي هنر سان ڳجهارتون ۽ بيت ٻڌايا، ته وري ڪجهه نوجوانن ڀٽائيءَ جي ڪجھه باغي ڪردارن کي يادڪيو. محفل ۾ اصلوڪن سنڌين جي رواداريءَ تحت سڀ ماڻهو بنا ڪنهن طبقاتي تفريق جي هڪ ئي مچ جي چوڌاريءَ پٽ تي ويٺا رهيا. اها رواداري عمر جي لحاظ کان به هئي ته هر عمر جا ماڻهو، ننڍا توڙي وڏا، ان محفل جا سڀ شريڪ هڪ جهڙي حيثيت سان ويٺل هئا. ان وقت مونکي بلبل کورواهيءَ جون سِٽون ذهن تي اچي ويون، جيڪي ٻيجل سنڌيءَ ڏاڍي سهڻي ڌن ۾ ڳايون آهن ته.. ”سنڌمرڪي پئي ....سنڌ مرڪي پئي...“سنڌ ڊسمبر جي سردين ۾ به مرڪندي ۽ ايڪتا ملهائيندي رهي. ڪيترائي ڪوتاهه قد ۽ فطري حاسد ماڻهو اهو چوندي ٻڌا ويا ته اهو ايڪتا جو ڊرامو ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ اهو ڏينهن ملهائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ اسان سنڌي ته روزانو اجرڪ ٽوپي پائيندا آهيون، پوءِ پنهنجي ثقافت سان پيار جي اظهاار لاءِ هڪ ڏينهن ڇو مخصوص ڪجي؟ ..... انهن کي شايد خبر ئي نه پئي ته سنڌ جو اجتماعي شعور پنهنجي ان ايڪتا ذريعي دشمناڻا ۽ حاسداڻا خيال رکندڙن کي ان ايڪتا ذريعي هڪ تنبيهه به ڪري ٿو ته، ”اڃان رڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي، متان ائين سمجهين مئا مور سارا“. اصل ۾ اهڙا خيال اهي ماڻهو ظاهر ڪري رهيا هئا، جن کي سنڌيت ۽ سنڌين جي ايڪتا، رواداري ۽ پنهنجي ٻوليءَ توڙي ثقافت سان بي انتها محبت جي خبر ئي نه هئي. سنڌي سڀ ڪجھه ڇڏي سگهي ٿو پر پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت نٿو ڇڏي سگهي. سنڌي انهن ٻين وانگر ناهن، جيڪي ڄمندي ئي پنهنجن ٻارڙن کان مادري ٻوليءَ جو حق کسي ٿا وٺن؟سنڌين جي اها ايڪتا ۽ رواداري ڪا اڄڪلھه جي ڳالھه ته آهي ڪانه، جنهن کي هي سڌڙيا زير ڪري يا مات ڏئي سگهن. سنڌ جي مٽيءَ ۾ ۽ سنڌين جي خمير ۾ اها ايڪتا ۽ رواداري ائين شامل آهي، جيئن جسم اندر روح. هي ته ان جو نئون جنم يا تجديد آهي.سنڌ ۾ هن وقت هر ڪُنڊ ڪرڇ ۾ ايڪتا جي حوالي سان مختلف پروگرام ڪيا پيا وڃن.ڪٿي مچ ڪچهريون ڪيو پيو وڃن ته ڪٿي شاهه جي بيتن جا مشاعره.ڪٿي سنڌ جي ثقافت سان تعلق رکندڙ جهڙوڪ سنڌي.رلي.سنڌي ٽوپي.سنڌي اجرڪ.سنڌي چوٽيون سڳيون.اڳٺَ.سنڌي پٽڪا.سنڌي ڳج.۽ ٻين شين جي نمائش ٿي رهي آهي.ته ڪٿي سنڌ جي ڏاندن جي ڊوڙ جا مقابلا ته ڪٿي ملهه ۽ سنڌ جي ٻين راندين جا سنڌ کي سنگاريو پيو وڃي.ايڪتا جي حوالي سان اها ڳالهج به واضع ڪندو هلان ته سنڌ سموري ثقافت سان ڀري پئي آهي.جنهن ثقافت جي شايد اڳ جي نوجوان طبقي کي به خبر نه هئي ته اسان جي ثقافت ڪهڙي آهي.پر جڏهن کان سنڌ اندر ايڪتا جو ڏينهن ملهايو ويو آهي ان ڏينهن کان وٺي سنڌ جي نواجون کي پنهنجي ثقافت جي خبر پئي آهي.انجو هڪ ننڍڙو مثال ٻڌائيندو هلان ته شايد ايڪتا کان پهرين اڄ جي نوجوان کي اها به خبر نه هئي ته رلي ڇا کي چئبو آهي يا سڳيون يا چوٽيون ڇا آهن پٽڪو ڇا آهي ۽ سندس اهميت ڪهڙي آهي.پر جڏهن کان سنڌ اندر ايڪتا جو ڏينهن ملهايو ويو آهي ان کان وٺي اهي نالا سنڌ جي نوجوانن لاء نوان ناهن.مان سمجهان ٿو ته هي ڏهاڙو سنڌ نه پر پوري دنيا اندر ملهايو ويندو آهي.پاڪستان جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ جڏهن ايڪتا ڏينهن ملهايو ويندو آهي ته سنڌ کان اعلا هر پاڪستاني سنڌي ٽوپي پائي جهومڻ شروع ٿي ويندو آهي.اها به حقيقت آهي ته سنڌ جي ٽوپي اجرڪ هڪ اهڙي ثقافت آهي جنهن کي پائڻ سان انسان جي شخصيت ۾ هڪ اهڙو نخار پيدا ٿيندو آهي جيڪو هر طبقي جي انسان جي پنهنجي طرف مائل ڪري ڇڏيندو آهي.پر هاڻ ته سنڌ جي ٽوپي ۽ اجرڪ هر طرف مشهور ٿي وئي آهي.پاڪستان اداڪارن توڙي دنيا جي ٻين ملڪن جي اداڪارن سنڌي پوٽي ۽ اجرڪ کان متاثر انهي اجرڪ ۽ ٽوپي کي پائڻ شروع ڪري ڏنو آهي.جنهن مان اها ڳالهه وڏي اهميت رکندڙ آهي ته سنڌ جي ثقافت جيتري پراڻي آهي اوتري شهڪار آهي.انڪري اسان کي پنهنجي ثقافت سان پيار ڪرڻ گهرجي ۽ سندس اهميت کي سمجهڻ گهرجي.انهي ڪري پنهنجي ڌرتي سان پيار ۽ ايڪتا ۽ هن .اهڙي سنڌ ۾ ايڪتا جا هي رنگ ڏسي ڊاڪٽر خان محمد جت عرف بلبل کورواهيءَ جون هي سِٽون ياد ڪيئن نه اچن، جنهن سنڌ سان عشق ۾ لکيو ته،تنهنجي هيرن ۽ موتين جي ڇولي ڏسي،سنڌي ٻوليءَ جي لبڙن تي لولي ڏسي،گردشِ وقت جي هيءَ پرولي ڏسي،سرزمينِ وطن پيار پرکي پئي....سنڌ مرڪي پئي، سنڌ مرڪي پئي...

    غلام مصطفي جمالي.کڏهرو موري ضلع بدين03333737575
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو