ائين جهٽ سان تون اچين ٿي اڳيان ...

'سنڌي شاعري' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏26 جنوري 2017۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ائين جهٽ سان تون اچين ٿي اڳيان
    _______________________

    ائين جهٽ سان تون اچين ٿي اڳيان
    ائين مچ بره جو مچين ٿي اڳيان
    تون سراپاه سونهن افلاڪ جي
    جنهن ۾ ستارا سٽين ٿي اڳيان
    شفق جهڙي صورت اونداهيون مٽائين
    چٽي جاءِ هرهنڌ چمڪين ٿي اڳيان
    سيءَ جهڙي ٿڌي اس ٿي پووڻين
    ڀاڪرن ۾ ڀري ڇڏين ٿي اڳيان
    سڄو آسمان ۽ ڌرتي سونهن ساري
    چاهت ڪري چاه ڏسين ٿي اڳيان
    تون سڀ آن حسن تون فخر حسن
    دلبريون دادلي بکين ٿي اڳيان
    جو سرڪو آوازجو وڻي ساه کي
    هميشه وندر ۾ وڄين ٿي اڳيان
    خوابن مان هاڻي نڪري آءُ ٻاهر
    ڏسان تو کي ڀرپور سرين ٿي اڳيان


    لبستم دائودپوٽه
     
    شبير ساگر هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو