غزل فياض منصور هرڪو وتي ٿو رلندو سيني کنيون ته هن کي، رتبو اهو اسانجي قرآن کي مليو آ مرڪي نهاريو تو مونڏي کڻِي جو اکڙيون، ڄڻ ساه ٿي لڳو ڪنهن بي جان کي مليو آ ڳڻتيون هزار صدما دوکا فريب ڪيئي، پوء ڀي چون ٿا هت ڇا انسان کي مليو آ تنهنجون فياض ڳالهيون محفل ۾ هي هلن پيون، شاعر جو شرف هڪڙي نادان کي مليو آ
جواب: منهنجي شاعري يار فياض منصور، هن نظم ۾ اوهان ڪجهه ڀٽڪيل ڀٽڪيل ٿا لڳو ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته انتها جا ضد بيان ڪيا اٿوَ هڪ ئي نظم ۾ قرآن جو موضوع ، محبوب جي مرڪ، انسان جي حالت ۽ شاعر نادان جو ذڪر ۔۔۔ مطلب ته ڪيڏانهن جي جهار ڪيڏانهن جي جهرڪي ۔۔۔ هر ماڻهون نه ته قرآن سيني تي رکي رلي پيو ۽ نه سيني ۾ سانڍي سگهيو آهي ۽ جي واقعي هر انسان قرآن کي پنهنجي سيني ۾ سانڍي وٺي ها ته هوند هي ڏسڻ ۾ ايندڙ شيطاني عمل ختم ٿي وڃن ها ۽ جهان جنت ٿي پوي ها ۔۔۔ شاعري ۽ ادب جو هڪ سماجي ڪارج هوندو آهي، اوهان جڏهن پنهنجي ڪنهن خيال کي لفظن جي صورت ڏيو ته اهو خيال ضرور ڪندا ڪريو ته اوهانجي ان پيغام سان ڪنهن کي ڪهڙو سبق ملندو، ايئن ڪرڻ سان اوهانجا خيال قيمتي ۽ ڪارائتا ٿي پوندا ۔۔۔ جيئن اوهان هنن سٽن ۾ ڪيتري سهڻي ڳالهه ڪئي آهي ۔۔۔
جواب: منهنجي شاعري سائين هي نظم ناهي غزل آهي ء غزل ۾ اسلام هجي يا سائنس،سماجي حالتون يا معاشي حالتون سڀ روا آهن
جواب: منهنجي شاعري تنهنجون فياض ڳالهيون محفل ۾ هي هلن پيون، شاعر جو شرف هڪڙي نادان کي مليو آهه۔۔۔ سائين بس دنگ ٿي ويو انهن لفظن تي ۔۔
جواب: منهنجي شاعري بلڪل جديد غزل جي هر بند ۾ نت نئون ۽ نڪور خيال ئي اُن غزل جي ڪاميابيءَ جو سڀ کان وڏي۾ وڏو اُهڃاڻ آهي، هن غزل ۾ جيڪڏهن هم ڪافيه مطلعو رکيو وڃي ها ته پرفيڪٽ غزل جي زمري ۾ اچي وڃي ها، اسان وٽ بنا هم قافيه مطلعي واري غزل کي هزل ڪري ليکيو ويندو آهي، ادا فياض منصور، ڪڏهن ڪڏهن عروض کي برقرار رکڻ لاءِ کوڙ سارن خوبصورت لفظن جي قرباني ڏيڻي پوندي آهي، مونسان به اها صورتحال ٿي پوندي آهي، ڇو ته علم عروض کان سواءِ ڪو به غزل بلڪل اڌورو هوندو آهي، يا ائين چيو وڃي ته نه هُئڻ جهڙو هوندو آهي، بهرحال تنهنجو هي غزل يا هزل انهن سارن لوازماتن تي پورو لهي پيو، آخر ته سنڌ جي هڪڙي تمام بهترين شاعر جو فرزند آهين، الله تنهنجي فڪر ۽ فن کي اڃان به گهڻي ترقين تي پهچائي۔
جواب: منهنجي شاعري اسان جون دُعائون ته هردم توهان سان شامل حال آهن، پر وڏي ڳالهه اها آهي ته هن هزل وارو وزن مفعول فاعلاتن ڪافي ڏينهن کان پو نظر مان گُذريو آهي، اهو وزن ڪو ڪو شاعر هاڻي پنهنجي شاعري ۾ اوتيندو آهي توهان صرف ٻه مفعول فاعلاتن هن ۾ رکيا آهن جيڪڏهن چئين ساڳئي وزنن تي بند مڪمل هُجن ها ته پورو بحر هزج مثمن سالم جُڙي پئي ها پو به لک لائق ادا تنهنجا