احمد خان ”مدهوش“ ڪيئن ٿيو؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏28 جون 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    مدهوش جي مري وڃي، هوش کي سنڀال جو“ عوامي شاعر لاڏاڻو ڪري ويو​


    [​IMG]

    جوهي (رپورٽ: اسماعيل پيرزادو) سنڌ جو مشهور عوامي شاعر احمد خان مدهوش زندگي جي جنگ هارائي لاڏاڻو ڪري ويو آهي. سندس وڇوڙي تي سڄي سنڌ سوڳوار ٿي وئي آهي. احمد خان مدهوش ڪيتري وقت کان ڪئنسر جي بيماريءَ ۾ مبتلا هو ۽ ڪالهه ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ 79 سالن جي ڄمار ۾ سندس ساهه جي سڳو ٽٽي پيو. سندس موت تي سڄي سنڌ ۾ سوڳ جي لهر ڇائنجي وئي آهي. سوين اديب، شاعر ۽ مدهوش سان محبت ڪندڙ ماڻهو سندس تڏي تي پهچي ويا. مرحوم جو مڙهه ڪالهه ڪراچيءَ مان ايمبولينس ذريعي جوهي روانو ڪيو ويو جيڪو رات دير سان جوهي پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. جوهيءَ ۾ آيل ڪيترائي ماڻهو مدهوش جي وڇوڙي تي هنجون هاريندا رهيا. سنڌ جي هن لاڏلي شاعر کي آخري سلام پيش ڪري جوهيءَ جي اباڻي قبرستان ۾ لحد ۾ لاٿو ويو. هوڏانهن سنڌي ادبي سنگت، پيپلز پارٽي ڪلچرل ونگ دادو ۽ ٻين تنظيمن عوامي شاعر جي لاڏاڻي تي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.

    مدهوش 5 اپريل 1931ع تي ڏاند گاڏيءَ ۾ جنم ورتو​


    جوهي: عوامي شاعر احمد خان مدهوش 5 اپريل 1931ع ۾ خيرپورناٿن شاهه جي ڳوٺ سلطان احمد چانڊيي ۾ هڪ بيل گاڏيءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد حاجي فقير شغلي سندس جنم تي شاعري ڪئي هئي. احمد خان مدهوش، سنڌي ۽ سرائڪي زبان ۾ شاعري ڪئي. سندس 2 ڪتاب ”نظر ۾ نظر بند“ ۽ ”دل جون ڳالهيون“ ڇپجي پڌرا ٿيا. کيس عوامي شاعري سبب شاهه عبدالطيف ڀٽائي ، حضرت قلندر لال شهباز، حضرت سچل سرمست، سگهڙ جلال کٽي، حضرت شهيد مخدوم بلاول، استاد بخاري سميت 25 ايوارڊن سان نوازيو ويو. مرحوم مدهوش پونئيرن ۾ 2 پٽ خليل عارف سومرو، شڪيل احمد سومرو ۽ 5 نياڻين حسن بانو، جهان بانو، مهوش، ڪوثر پروين ۽ افشان سوڳوار ڇڏيا آهن. مدهوش تعلقي جوهي شهر جي سومرا محلي جو رهواسي هو. مدهوش سنڌ جي سدا حيات عوامي شاعر استاد بخاري جو همعصر ۽ سندس جيان پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيو. مدهوش ننڍ پڻ ۾ سُگهڙن جي سرتاج جلال کٽي جي خاندان سان تعلق هجڻ ڪري ادب سان سلهاڙيل رهيو، جڏهن ته ادب سان گڏوگڏ هن پرائمري استاد جي حيثيت ۾ درس ۽ تدريس واري شعبي جي پڻ وڏي خدمت ڪئي احمد خان مدهوش 50 سالن کان وڌيڪ عرصو شاعري ۽ ادب ۾ وڏو نالو ڪمايو.

    احمد خان ”مدهوش“ ڪيئن ٿيو؟​


    جوهي: شاعر احمد خان مدهوش جو تخلص ڪيئن پيو؟ احمد خان مدهوش حياتي دوران ٻڌايو هو ته هڪ ڏينهن هو پريشان ويٺو هو ته اوچتو سندس محبوب آيو ۽ کيس چيائين ته احمد خان اڄ صفا مدهوش لڳي ٿو ۽ پوءِ هن ان ڏينهن کان پاڻ کي مدهوش سڏائڻ شروع ڪيو.

    احمد خان مدهوش جي موت سان سندس خواهشن به خودڪشي ڪري ڇڏي​


    جوهي: ڪيتري وقت کان مختلف بيمارين ۾ مبتلا احمد خان مدهوش بيماريءَ جي بستري تي ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي پنهنجي آخري خواهش ٻڌائي هئي. هن کين ٻڌايو هو ته هو سنڌو درياهه جو گجگوڙ ٻڌڻ چاهي ٿو ۽ حياتي اندر گڏ ڪيل مواد جيڪو 5 ڪتابن کان مٿي آهي اهو ڇپائي مارڪيٽ ۾ آڻڻ بعد پاڻ ان کي پڙهڻ چاهي ٿو پر مدهوش جون آخري ٻئي خواهشون پوريون نه ٿي سگهيون ۽ هو هن دنيا مان هليو ويو. هو ڪافي پروگرامن ۽ دوستن جي محفلن ۾ چوندو هو ته ماڻهن کي منهنجي مرڻ کانپوءِ احمد خان مدهوش ۽ ان جي شاعري جو احساس ٿيندو. هن جو چوڻ هوندو هو ته جيڪڏهن زندگي ساٿ ڏنو ته مان سنڌي ڪاڇي واسين تي تحقيقي ڪتاب لکندس پر هر طرف موت نظر اچي رهيو آهي. هو شايد زندگي مان ايترو مايوس ٿي ويو هو جو ڪجهه وقت اڳ هڪ ٽي وي انٽرويوءَ ۾ هن چيو هو ته ”هي پکي هاڻي اڏرڻ چاهي ٿو“.

    مدهوش جهڙا عوامي شاعر صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن: سسئي پليجو​


    ڪراچي (نمائندن وٽان) ناليواري شاعر احمد خان مدهوش جي لاڏاڻي تي سڄي سنڌ ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي آهي. ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مدهوش تمام وڏو عوامي شاعر هو اهڙا شاعر صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن. هوڏانهن مدهوش جي لاڏاڻي جو اطلاع ملڻ تي ثقافت کاتي جي سيڪريٽري احمد بخش ناريجي، ڊائريڪٽر محمد علي مانجهي ۽ ٻيا آفيسر اسپتال پهتا جتان مدهوش جو مڙهه ڳوٺ پهچائڻ لاءِ ايمبولينس سميت سمورا انتظام ڪري ورتا ۽ مڙهه سان گڏجي روانا ٿي ويا. هوڏانهن ٻالڪ ادبي فورم جي مرڪزي اڳواڻن غلام محمد غازي، عبدالحئي ڀٽو، آچار عظيم کوسي، ملهار سنڌي ۽ ٻين مدهوش جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. نامياري سينيئر ليکڪ تاج بلوچ ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سٺو شاعر ۽ بهترين دوست موڪلائي ويو، ڪميونسٽ اڳواڻ نثار علي شاهه، ليکڪ شير مهراڻي چيو ته مدهوش جي لاڏاڻي سان عوامي شاعريءَ جو اهم باب بند ٿي ويو آهي. اسحاق راهي ۽ ادبي فورم جي صدر جبار تاثير سومري چيو ته مدهوش سنڌ جو ڀلوڙ شاعر هو، رياض چنجڻي، نديم سومري، سليم سومري ۽ ٻين پڻ ڏک جو اظهار ڪيو آهي. سنڌي ادبي سنگت موري شاخ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته نامياري شاعر راشد مورائي، اسد سولنگي، نجم سرهيو ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪيو آهي. شهدادڪوٽ ۾ پيرل قمبر ادبي سنگت تڏو وڇايو آهي. شاعر عبدالله شاهه اطهر، فضل حسين حيدري ۽ خادم ڀٽي هڪ هفتو سوڳ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، سنڌي ادبي سنگت جي عهديدارن ضمير کرل، غفار سحر، رشيد ناشاد مستوئي ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪيو آهي. ميهڙ ۾ پيپلز پارٽي ڪلچرل ونگ ۽ سرمد سنڌي ڪلچر فورم 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. رفيق زرداري، مختيار چانڊيي امتياز عادل سومري خادم سومري مرتضيٰ پنهور، بابو عبدالله ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪيو آهي. سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد شاخ جي سيڪريٽري اياز جاني، اصغر باغي، رزاق سهتي، اشفاق انصاري، غوث پيرزادي، عابد مظهر، نواز ڏاهري ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪندي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.ڪڍڻ جي صحافين ۽ اديبن پارس ڪنگا، ساگر غلام حيدر، غفور چانڊيي، ڪشور ڪمار، ارجن داس، موهن لال، خادم حسين، ولي محمد چانڊيي ۽ ٻين مدهوش جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. گجو پريس ڪلب ۾ هنگامي تعزيتي گڏجاڻي ٿي صدر اقبال ميمڻ، شڪور ميمڻ، نبي بخش ميمڻ، شيراز گل، حبيب ميمڻ، رشيد ميمڻ، شاهو ميمڻ، عباس ميمڻ، احمد ميمڻ، عرف ميربحر، حنيف ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مدهوش جي لاڏاڻي کي قومي نقصان قرار ڏنو ويو. خيرپور ۾ علامه حزب الله سومري، استاد شاهن سمنگ، امجد لاشاري، اعجاز احمد ۽ آزاد انصاري جي اڳواڻيءَ ۾ تعزيتي گڏجاڻي ٿي ۽ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو.


    بشڪريه عوامي آواز
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سعيد سنڌي

    سعيد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 جولائي 2013
    تحريرون:
    379
    ورتل پسنديدگيون:
    436
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدر آباد سنڌ
    واه ادا واه توهان جي وڏي مهرباني جو توهان ههڙي انمول ۽ وسري ويل شاعر کي ياد ڪيو۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو