گوگل نئي اينڊروئيڊ آپريٽنگ سسٽم جو اعلان ڪري ڇڏيو

'موبائيل جي دنيا' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏9 سيپٽمبر 2017۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)دنيا جي ٽيڪنالوجي ڪمپني گوگل پنهنجي نئي اينڊروئيڊ آپريٽنگ سسٽم اينڊروئيڊ 0“ جو آفيشنل نالو جاري ڪري ڇڏيو آهي.گوگل پاران جاري ڪيل بيان چيو ويو آهي ته ان جي نئي موبائل آپريٽنگ سسٽم جو نالو ”اينڊروئيڊ اوريو 8.0“ هوندو. اهڙي طرح گوگل نئي پنهنجي اينڊروئيڊ آپريٽنگ سسٽم کي ڪنهن مٺي شيءَ جو نالو ڏيڻ جي روايت برقرار رکي آهي. ان کان پهريان اينڊروئيڊ ورزن جا نالا نوگاٽ، مارش ميلو، لالي پاپ، ڪٽ ڪيٽ، جيلي بين وغيره رکي چڪو آهي. پر دلچسپ ڳالهه هئا آهي ته گوگل پنهنجي آپريٽنگ سسٽم کي سدائين مٺين شين جو نالو ڏيندو آهي. ڪپمني 3 سال پهريان پنهنجي بيان ۾سبب اهو بيان ڪيو هو ته ڇو ته اينڊروئيڊ پوري دنيا هڪ ارب کان وڌيڪ سمارٽ فونن ۽ ٽيبليٽن ۾ موجود آهي ۽ ان سبب صارفين جي زندگي ۾ خوشيون اينديون آهن اهو سبب آهي ته اسان آپريٽنگ سسٽم کي مٺين شئين جو نالوڏينداآهيو.گوگل جو نئو اينڊروئيڊ”اوريو“سسٽم ممڪن طور تي گوگل جي سمارٽ فونن پڪسل ۽ نيڪس ڊيوائسس ۾ پهريون ڀيرو متعارف ڪرايو ويندو. ۽ اينڊروئيڊ او ۾ ڪيترائي نوان فيچر به شامل ڪيا ويا آهن جنهن ۾ مختلف ايپس کي فون ۾ انسٽال کا سواءِ ئي استعمال ڪرڻ جي سهولت به شامل آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو