سونھاري سنڌ ۽ اسان جا افعال

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ احمد محمدي طرفان آندل موضوعَ ‏3 نومبر 2017۔

  1. احمد محمدي

    احمد محمدي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آڪٽوبر 2017
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماڳ:
    اتر سنڌ
    ڪجھ اڻ وڻندڙ ڳالھيون
    اسان سنڌ واسين جو به ھڪ عجيب طريقو آھي اسان ھميشه پنھنجي مٿان، پاڻ ڪا نه ڪا آفت آڻي پوءِ ئي سک جو ساھ کڻندا آھيون ڄڻڪ اسان سنڌين کي غلامي ورثي ۾ مليل آھي پوءِ اھا ڀلي ڪھڙي به طرح جي غلامي ڇونه ھجي اسان پاڻ کي ان ڳالھ لاءِ اھڙو ته آمده ڪري ڇڏيو آھي جيڪڏھن ايئن نه ڪيون ته مزو ئي ڪون اچي
    اسان کي ھرگز ايئن نه ڪرڻ گھرجي، اسان ايئن ڪندا رھياسين ته خود مختياري اسان جي نسلن مان ئي نڪري ويندي .
    اسان جي سنڌ ۾ نظر ڦيري ڏسندئو ته اوھان کي رنگ ئي نرالو نظر ايندو، ڪي ته ماڻھو خاص ڪري وڏيرا شاھي، ڀوتارن، وغيره جي پٺيان سڄو ڏينھن سندرو ٻڌيون بيٺا آھن ۽ انھن جا پير پڪڙڻ، سائين سائين، چوڻ ئي پنھنجي زندگيَ جي ڪاميابي سمجھيو ويٺا آھن، اھڙي قسم جا ماڻھون پاڻ کي به ھميشه آزار ۾ ڏيو ڇڏيندا آھن ۽ ٻين مسڪينن جو به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيندا آھن
    ان ڪريل حرڪتن جي ڪري پاڻ کي وري ٻين کان ڪجھ مٿڀرو به سمجھندا آھن جيڪا انھن جي سراسر ڀُل آھي
    ۽ اھڙي ڪردار واري ماڻھوءَ جي حقيقت ۾ اسان جي معاشري ۾ ڪجھ به عزت ڪونھي پوءِ ڀلي اھو ڪاٽن جا ڀلا جوڙا پائي ڇو نه گهمي
    اھي ماڻھون سڀ کان پھريان انھن ڀوتارن جا پاڻ طرحين طرحين جا عذاب برداشت ڪندا آھن جن کان خاص ڪري عام ماڻھو بيخبر ھوندا آھن
    جيڪڏھن اسان جي معاشري ۾ اھو سلسلو جاري رھيو ته اسان جي ساک کي وڏو ڌڪ رسندو جيڪو صدين تائين شايد مٽجي نه سگهي
    ان کان علاوه اسان جا اختيار به اسان جي وس ۾ ڪونھن جيڪڏھن ڪو به اھڙو موقعو ايندو آھي جيئن اليڪشن وغيره ته وري اسان کان اسان جي ووٽ جو به حق به کسيو ويندو آھي ۽ اسان جي ووٽ جو به سودو اسان جي ان مھربانن جي ھٿان ئي ٿيندو آھي اھي پاڻ ئي اسان جي ووٽ جو رخ پنھنجي مرضي ءَ مطابق بدلائيندا آھن ۽ پنھنجي پسند جي ماڻھن کي اڳڀرو آڻي انھن کي اقتدار تائين پھچائي پوء پاڻ ته ِ ويٺا مزا ماڻيندا آھن پر اسان ساڳيا ماڻھون جن پنھنجو ووٽ ڏنو بس ڄڻ ڪنھن فوڪڻي مان ھوا نڪري وئي وڃي ڪنڊ تي ڪري پيو ڪوئي ان کي کڻڻ وارو ئي ڪون ھوندو آھي.
    اھڙا واقعا اسان ھر ڀيري ھر اليڪشن ۾ ڏسندا ايندا آھيون پر پوءِ به اسان ۾ ڪو شعور پيدا ڪونه ٿو ٿئي اسان کي ان ڳالھين تي غور ڪرڻ لازمي آھي
    ڇا اسان جي ڪاميابي ايئن ڪرڻ ۾ آھي؟ نه نه ھرگز نه! دنيا ته وڃي چنڊ تي پھتي آھي اسان جا حال اڃان ان سطح تي بيٺل آھن جتي زندگي گذارڻ به مشڪل آھي
    الله تعاليٰ شال اسان سڀني کي سمجھ عطا فرمائي جيئن اسان اھڙن ماڻھن کي ڄاڻي سڃاڻي سگهون جيڪي عوام جا نه خير خواه آھن ۽ نه خير خواه ٿيندا
    اسان جي ان مشڪلاتن مان تڏھن جان ڇٽندي ۽ نئين راھ کلندي جڏھن اسان پاڻ کي اھڙن ڪريل عملن کان بچائي سگهنداسي جيڪي اسان سنڌ واسين لاءِ باعث داغ آھن .
    اسانکي پنھنجي مستقبل لاءِ پنھنجون اکيون کليل رکڻيون پونديون جيڪڏھن اسان ايئن نه ڪيو سي ته اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ به غلامي مقدر بڻجي ويندي ان لاءِ اسان سنڌين واسين کي سجھاڳ ٿيڻو پوندو
    اڄ جي دور ۾ اھڙا ماڻھون ته وري عام ٿي پيا آھن جيڪي قوميت وغيره جو نالو ڏئي ماڻھن ۾ نفرتن جي باھ ڀڙڪائي پنھنجي سر تي تاج پھرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن جنھن جي پٺيان ماڻھن جي خيرخواھي ذرو به ڪونھي رڳو ھو اھو سڀ ڪجھ پنھنجي مفاد لاءِ ڪري رھيا آھن جيڪا سراسر غلط ۽ اسلام جي خلاف آھي اسان کي اسلام ھڪ جھڙو درجو ڏنو آھي اسان سڀئي پاڻ ۾ ڀائر آھيون اسان
    اسان جون ذاتيو اسان جا پاڙا سڀ اسان جي سڃاڻپ کي ظاھر ڪن ٿا انسان ذات جا دشمن وري پنھنجي ٿوري مفاد جي ڪري انھن قومن ۽ قبيلن کي ھڪٻئي جي خون جو پياسو اھڙي طرح بڻائي ڇڏيندا آھن جو انھن ماڻھن جي دلين ۾ صدين تائين اھا باھ وسامڻ جي اميد ئي نظر ڪون ايندي آھي وري اھا ڳالھ اھي محسوس ئي ڪري ڪون سگهندا آھن ته (اسان کي ويڙھايو ٿو وڃي) ۽ ھيءَ باھ ڪنھن ڀڙڪائي آھي ۽ اُن ھٿ سان لڳايل باه کي پنھنجو انتقام سمجھيون ويٺا ھوندا آھن ھالانڪ ايئن ناھي انھنجي دلين ۾ نفرت ڀري وئي آھي انھن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ ويڙھايو ويو آھي اسان کي انھن جي سڃاڻپ رکڻ گهرجي
    اھي ماڻھون واحدالقھار جي اڳيان ڪھڙو جواب ڏيندا جيڪي الله ۽ الله جي رسول صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جا احڪام ٽوڙي ماڻھن جي ذھنن ۾ نفرتون ڀري انھن کي قوميت وغيره جو رنگ ڏياري پنھنجو مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ انھن کي پاڻ ۾ ويڙھائي انھن کي ڪمزور ڪري سدائي پنھنجي قدمن ھيٺان آڻڻ چاھين ٿا مان انھن ماڻھن لاءَ کليل لفظن ۾ چوندس
    ته اھي پنھنجي مٿان الله تعالي جي عذاب کي دعوت ڏئي رھيا آھن
    قيامت جي ڏينھن سڀ کان پھريان خدا تعاليٰ جي بارگاھ ۾ خون جو حساب ٿيندو مقتول کي پنھنجو سِرُ تريَ تي ھوندو اچي الله رب العزت جي بارگاھ ۾ عرض ڪندو ته اي واحدالقهار رب اڄ مونسان انصاف ڪر فلاڻي مونکي بيگناھ ڇو قتل ڪيو ھو؟ الله تعاليٰ ان مقتول کي فرمائيندو اي مقتول تون صبر ڪر اڄ توسان انصاف ضرور ڪندس.
    الله تعالي شال اسان سڀني کي پنھنجي امن ۾ رکي آمين ۽ اھڙن غلط ڪمن کان بچائي آمين
    انسان کي الله تعالي اشرف المخلوقات جو شرف عطا ڪيو آھي پوءِ اسان پنھجو ڪھڙو قدر سڃاتو آھي؟ اڄ جي دور ۾ ڏسون ٿا ته ڪيئن انسانُ ٽَڪَنِ ۾ پيو وڪامجي ھر ڪنھن جو ملھ مقرر آھي پوءِ ڪنھنجو مُلھ ڪيترو آھي ڪھنجو مُلھ ڪيترو؟ ھرڪو پنھنجي رڳو مفاد جي پويان لڳل آھي
    پوءِ ڀلي ڪنھن مسلمان ڀاءُ جو ڪيترو به ڪيترو به نقصان ڇو نه ٿي وڃي ان جي پرواه به ڪنھن کي ڪون ھوندي خداتعاليٰ وٽ مثقال جي ذري جو به حساب ٿيڻو آھي ۽ اھا به سندن کي پڪ آھي ته (كل نفس ذائقة الموت ) ھر نفس کي موت جو مزو ضرور چکڻو آھي پوءِ الله رب العزت جي اڳيان ڪھڙو جواب ڏبو؟
    ھن محل اسان سڀني کي ھڪ عظيم موقعو مليل آھي (اسان پنھنجو اصلاح ڪري وٺون) ڇو ته ھن موقعي کي ھٿان نه وڃائڻ عقل وارن جي نشاني آھي، اسان پنھنجي مالڪ حقيقيءَ جا احقام پورا ڪريون جيڪو سڀ کان پھريان اسان تي لازم آھي، اُھي آھن حقوق الله ۽ حقوق العباد جڏھن اسان ان ڳالھين تي عمل ڪري ورتو سين ته اسان لاءَ انشاءَالله ھر آسان راھ کلي پوندي ۽ زندگيءَ جو مقصد حاصل ٿي ويندو،
    اسان جي سونھاري سنڌ جي اندر جيڪي قومون ۽ جيڪي قبيلا آباد آھن انھن جون ذاتيون ۽ ٻوليون ته انھن جي سڃاڻپ کي ظاھر ڪن ٿيون پر اسان جي سنڌ ۾ رھندڙ ھر قوم ھر قبيلو سنڌي آھي، جيڪڏھن اۡھي ان ڳالھ کان انڪاري آھن ته انھن اھو پنھجو حق ادا نه ڪيو ۽ انھن سنڌ ڌرتيءَ سان غداري ڪئي آھي انھن جو سنڌ سان ڪوئي تعلق يا واسطو ڪونھي سنڌ ۾ جو رھي سنڌي نه سڏائي اسان ايئن چوانداسين اھو غدار آھي جيئن اوھان تازو واقعو (الطاف) مهاجر جو ڏٺو
    سنڌ ولين جي ڌرتي آھي، سنڌ ڀٽائي گهوٽ ۽ سچل سائين جي ڌرتي آھي سنڌ لعل شھباز قلندر جي سرزمين آھي سنڌ قطب الارشاد پير مٺا جو ديس آھي سنڌ جو ڪوئي به ڪجھ بگاڙي نه ٿو سگهي جيڪو سنڌ سان گداري ڪندو انشاءَ الله پاڻ نه ھوندو
    (احمدمحمدي)
    [​IMG]
     
    عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو